سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزباني ۾ ڪراچي جي صورتحال تي اي پي سي “سيو سنڌ ڪميٽي” قائم

. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مسلم ليگ(ن)، ايس يو پي، جماعت اسلامي، جي يو آئي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پيپلزپارٽي ٻٽي مڪاني نظام جيان رات جي اونداهي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو حصو ٿي سنڌ جي ماڻهن پاران ڏنل مينڊيٽ جي توهين ڪئي آهي، ڪراچي جي مسئلن جون ذميوار پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم آهن، وفاق سنڌ جي سمنڊ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش پاڪستان کي ورهائڻ جي سازش آهي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته قومن جي خودمختياري ۽ آئين جي بالادستي لاءِ اسان مظلوم قومون هڪٻئي سان گڏ رهيا آهيون، سنڌ ۾ ڪنهن به نسلي ۽ انتظامي بنيادن تي ورهاست ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ هڪ آهي، اسان ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا مستقل شهري آهيون، سنڌ ۾ ڪا به وفاقي سازش قبول نه ڪنداسين، سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي ڌرتي ماءُ جي لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪراچي واري معاملي ۾ نسل پرست ڌرين، پي ٽي آئي ۽ پيپلزپارٽي جو ڳٺجوڙ آهي، ڪراچي جو ڪو مسئلو ناهي، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي ٽنهي گڏجي بحران پيدا ڪيو آهي، هو ان بحران کي آڻي سنڌ کي ورهائڻ واري ايجنڊا تي عمل ڪري خانه جنگي وارو ماحول پيدا ڪرڻ گهرن ٿا، سنڌ اسان جي ماءُ آهي، ڌرتي جو ورهاڱو قبول ناهي، وفاقي حڪومت اسان جي سمنڊ ۽ وسيلن تي قبضو ڪري اهو اسان کي قبول ناهي، سنڌ سنڌين جو مادر وطن آهي، اهڙي طرح بلوچستان ۽ پختونخواهه بلوچن ۽ پختونن جو مادر وطن آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم مٿان ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪيون ٿا، 73ع جي آئين ۾ ترميم ڪري سنڌين، بلوچن ۽ پشتونن کي پنهنجي زمين تي مالڪي ڏني وڃي. ڊاڪٽر قادر مگسي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين جماعتن جي اتفاق راءِ سان سيو سنڌ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سمورين جماعتن جدوجهد کي مستقل بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان لاءِ اسان سيو سنڌ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيون ٿا، جنهن جي گڏجاڻي جلد گهرائي ويندي، ڪميٽي ۾ وفاقي پارٽين جا صوبائي صدر ۽ سنڌ جي قومپرست پارٽين جا سربراهه ميمبر هوندا، ڪميٽي سنڌ جي ورهاڱي جي لاءِ ٿيندڙ سازشن ۽ سنڌ جي سمنڊ، سامونڊي ٻيٽن تي قبضن خلاف به جدوجهد ڪندي، موجوده وفاقي سرڪار ڏنگي ۽ ڀنڊا ٻيٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڏينهن جو ڪراچي جي حوالي سان وفاقي سرڪار جي قدمن خلاف احتجاج ڪري ٿي ۽ رات جي پيٽ ۾ وري انهن سان گڏ ويهي ڪميٽيون ٺاهي ٿي، پيپلزپارٽي جي اهڙي ٻٽي پاليسي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ۽ ڪراچي جي حوالي سان ڪنهن به ڪاميٽي کي تسليم نٿا ڪريون. هن چيو ته ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين اسان هڪ قومي وحدت آهيون، سنڌ صوبو نه پر قومي رياست آهي. هن چيو ته صرف بنگال ۽ سنڌ جي ماڻهن سڀ کان پهرين پاڪستان جي قيام جي حمايت ڪئي، پر پهرين ڏينهن کان وٺي سنڌ عذاب ۽ مصيبتن ۾ مبتلا آهي، هن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي لٽ مار ڪئي پئي وڃي، اسان پاڪستان نه کپي جا نعرا نٿا هڻو، پر جيئي سنڌ چوڻ جو حق رکون ٿا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي ڪم نٿي ڪري ۽ ايم ڪيو ايم ڪچرو نٿي کڻائي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته ڪراچي تي وفاق قبضو ڪري ڇڏي، مرڪز جي مرضي آهي ته سمنڊ ۾ صوبائي سامونڊي حدون ختم ڪري نيشنل حدون ٺاهيون وڃن، هو سڌيون نيشنل حدون ٺاهڻ چاهين ٿا ته جيئن کين سي پيڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ٿئي. هن چيو ته سي پيڪ کانپوءِ هنن اهو وڏي شدت سان محسوس ڪيو آهي ته صوبن جون سامونڊي حدون ختم ڪيون وڃن، پورٽ تي قبضو ڪرڻ سميت وڌيڪ پورٽ ٺاهيا وڃن، مرڪز جون اکيون سنڌ جي سمنڊ تي آهن، اهڙي سازش جي خلاف اسان کي تيار رهڻو پوندو ۽ ڪراچي وارو شوشو ان منصوبي جو حصو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ خراب حڪمراني جو ئي نتيجو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي جي ڪچري تي وڙهي رهيون آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ اهو چوي ها ته حڪومت اسان جي آهي، اختيار اسان جو هلندو آهي، پر هنن اهڙو ڪجهه به نه ڳالهايو. هن چيو ته پيپلزپارٽي کي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سان ڪميٽي ۾ گڏ رهڻو آهي ته پوءِ ان کي حڪومت ۾ شامل ئي ڪري ڇڏي، انتظام حڪومتون هلائينديون آهن، ڪميٽيون ناهن هلائينديون، ارڙهين ترميم هجي يا نه هجي، پر صوبن جي آئيني ۽ تاريخي طور پنهنجي حيثيت آهي. هن چيو ته سڄي سنڌ پيپلزپارٽي جي حڪمراني مان تنگ آهي، رڳو ڪراچي ڪچري جو ڍير ناهي، پر سڄي سنڌ ڪچري جو ڍير آهي، جڏهن حڪومتون ئي ناڪام ٿي وڃن ته ڪميٽي ڇا ڪندي، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته ڪراچي جي اها ڪميٽي وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندي. مسلم ليگ(ن) سنڌ جي صدر سيد شاهه محمد شاهه چيو ته سنڌي منظم قوم آهي، ڪراچي وارو معاملو سنڌ جي قومي بقاءَ جي جنگ آهي، ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي. هن چيو ته ڪراچي جو مسئلو صرف پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو مسئلو ناهي، پر هي بين الااقوامي سازش آهي، ڪراچي کي صوبو نه پر ملڪ بنائڻ جي سازش پئي ڪئي وڃي، نواز شريف سنڌ جي ورهاست ٿيڻ نه ڏيندو، مسلم ليگ(ن) سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهندي، منهنجي پارٽي اندر به جيڪڏهن ڪو ڪراچي جي حوالي سان ڪا تڪراري ڳالهه ڪندو ته هو مون سان گڏ نه هوندو. هن تجويز ڏيندي چيو ته ڪراچي جي معاملي تي ايڪشن ڪاميٽي جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان ڪٺ پتلي آهي، ان جي هٿ ۾ ته ڪجهه به ناهي، هي بين الااقوامي سازش آهي، جنهن جي خلاف مزاحمت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن به ڪميٽي جو حصو نه ٿئي، جيڪڏهن پيپلزپارٽي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي جو حصو ٿي ته تاريخ ڪڏهن به کين معاف نه ڪندي. نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه حئي بلوچ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي پورهيت ۽ مظلوم ماڻهن کي پاڻ ۾ گڏائڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان جا مسئلا هڪجهڙا آهن، ڌرتي جي وارثن کي پنهنجي ڌرتي تان ڌڪي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪيل آهي، هتي حقيقي وفاق ۽ حقيقي جمهوريت ناهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ گوادر ضلعو وفاق جي حوالي آهي، مظلوم قومن جي دشمنن جو مقصد ڪراچي ۽ گوادر تي قبضو ڪرڻ آهي، قبضاگيري جي پاليسي هلي رهي آهي، هتي قومن، قومي حقن ۽ ٻولين کي تلسيم نٿو ڪيو وڃي، هو بلوچن ۽ سنڌين سان نفرت ڪن ٿا، سنڌين ۽ بلوچن کي منظم ٿيڻو پوندو، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته بلوچ ۽ سنڌي هن وقت منظم ناهن، سنڌ جي قومي تشخص خلاف ٿيندڙ سازشن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي حقيقي وفاق ٿيڻ گهرجي، پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته قومن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ گڏجي طاقتور انداز سان طاقتور ڌرين کي اهو چون ته توهان هن ملڪ کي تباهه ڪيو آهي، توهان جي ناقص ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا، توهان هاڻ هن ملڪ کي نٿا هلائي سگهو. هن چيو ته سنڌ جا حڪمران رات جي اونداهي ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ شرڪت ڪري سنڌ جا شهر لکي ڏئي اچن ٿا، پيپلزپارٽي اڳ به ٻٽو مڪاني نظام آڻي شهر دهشتگردن جي حوالي ڪيا هئا، هاڻ وري اهو ساڳيو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري به وڏو مسئلو آهي، ڌارين جي آبادڪار کي به روڪڻ جي ضرورت آهي، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي آهي، پيپلزپارٽي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ملڪ رياض جهڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ڌارين کي آباد پئي ڪري، سنڌ جي زمينن جو سودو 461 ارب روپين ۾ سپريم ڪورٽ ٿي وڃي ٿو، پ پ پنهنجي ٻٽي پاليسي اختيار ڪري ماڻهن کي بيوقوف پئي بڻائي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت هوندي ته سنڌ جي ورهاست جي به ڳالهه ٿيندي رهندي، پ پ رات جي پيٽ ۾ پنهنجي موقف تان ڦري ويندي آهي، زمينن، پاڻي ۽ ڌارين جي آبادڪاري سنڌ جا مک مسئلا آهن، انهن مسئلن تي اسان کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون چيو ته جي يو آئي جو واضح موقف آهي ته سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اسان سنڌ جي ورهاست کي پاڪستان جي ورهاست سمجهون ٿا، جي يو آئي سنڌ ۽ مرڪز جي قيادت سنڌ جي ماڻهن سان گڏ هوندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي ورهاست تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، اڳ به هنن ٻٽو نظام آندو، جيڪو عوامي جدوجهد جي ذريعي ختم ٿيو، ان ڪري وري هاڻ اسان کي عوام وٽ وڃڻو پوندو، پيپلزپارٽي وارا ڪاروباري ماڻهو آهن انهن تي اعتبار نه ڪيو وڃي. هن چيو ته برسات جو پاڻي رڳو ڪراچي ۾ نٿو بيهي پر لاهور ۽ پشاور جي به ساڳي حالت آهي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظهر راهوجو چيو ته ڪراچي ڪميٽي جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويندو، نااهل حڪمرانن جي سزا سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڇو ٿي ڏني وڃي. هن چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڦرڻ عالمي سازش آهي، اسان کي خبر آهي ته حڪمران دلادليون ڪندا رهيا آهن، هن وقت به دلالي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي ورهاست قبول نه ڪندا، رات جي اونداهي ۾ ٿيندڙ فيصلا ۽ ڪميٽيون ٺاهڻ کي قبول نٿا ڪريون. هن چيو ته ايڪشن ڪميٽي ٺاهڻ جي حمايت ڪيون ٿا، هن تجويز ڏني ته هڙتال جو سڏ ڏنو وڃي. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جاويد راڄپر چيو ته حڪمران ڌر ۽ نسل پرست قوتن وچ ۾ جهيڙو ملڪيت تي آهي، هنن جو ڪراچي جي شهرين سان ڪو واسطو ناهي. هن چيو ته ڇا پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو مينڊيٽ کڻي آئي هئي، جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته هو چونڊن کان اڳ پنهنجي منشور ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ وارو نقطو شامل ڪري اچن ها ته کين خبر پئجي وڃي ها. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، ڪراچي کي ٻاهران کڻي نه آيا هئا، رڳو ڪراچي ڪميٽي جي ڳالهه ناهي، پر بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي کي سنڌ جون زمينون ڏنيون پيون وڃن، سنڌ جي زمينن تي قبضو به ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش آهي. هن چيو ته سنڌ هڪ وطن آهي، سنڌ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هئي، ڪراچي تاريخي طور تي سنڌ جو حصو آهي. پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ سڪندر يوسفزئي چيو ته ڪراچي واري مسئلي تي اسان سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهيون، سنڌ تي حڪمراني جو حق سنڌين کي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين هڪ هڪ انچ تي سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي. هن چيو ته اسان ماضي ۾ پونم جي پليٽ فارم تي گڏجي ڪم ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته 73ع جي آئين کي مڃون ٿا، پر 73ع جي آئين ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن جن کي اسان نٿا تسليم ڪريون. هن چيو ته پاڪستان 72 سالن کان آهي، پر سنڌي، پشتون ۽ بلوچ هزارين سالن کان پنهنجي مادر وطن جا مالڪ رهيا آهيون. جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي چيو ته اسان ڪراچي جي حوالي سان وفاق جي ڪميٽي کي قبول نٿا ڪريون، سنڌ ۾ وڏي عرصي تائين ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل حڪومت رهي آهي، هنن ملي سنڌ جي شهرن کي برباد ڪيو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين شهرين کي پيئڻ جي لاءِ صاف سٿرو پاڻي نٿو ملي. هن چيو ته پي ٽي آئي 2 سالن دوران عوام کي مايوسي، بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، پي ٽي آئي جي ايجنڊا ڦرلٽ ڪرڻ آهي، هاڻ ڪميٽين جي آڙ ۾ هو ايندڙ بلدياتي چونڊن جي تياري پيا ڪن. هن چيو ته اسان سنڌ جي ورهاست جي خلاف آهيون، سنڌ کي ورهائڻ وارن کي سنڌ جو دشمن ۽ غدار سمجهون ٿا. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي مان بيزار ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي پروفيسر مشتاق ميراڻي ڪراچي جي حوالي سان ٺاهيل پريزننٽيشن پيش ڪندي چيو ته 1947ع جي قرارداد موجب سنڌ خودمختيار ۽ سپريم پاور جي حيثيت ۾ آهي، سنڌ جو هر فيصلو سنڌ ڪندي، سنڌ جي ڪنهن به معاملي ۾ وفاق ڪا به مداخلت نٿو ڪري سگهي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن، ليکڪن ۽ ساڃاهه وندن پڻ شرڪت ڪئي.
حيدرآباد: آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مير حاصل بزنجو ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي امڙ جي لاڏاڻي تي دعا گهري وئي.
حيدرآباد: آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي چيو ويو ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي، سنڌي، بلوچ، پشتون ۽ پنجابي قومن جي مادر وطن تي مشتمل ملڪ آهي، پاڪستان کي اعتماد ۽ ڪاميابي سان هلائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته وفاقي جمهوري پارلياماني نظام جو رستو اختيار ڪيو وڃي، آئين جي بالادستي، بااختيار پارليامينٽ ۽ آزاد عدليا جي ذريعي پاڪستان ۾ سمورن مسئلن ۽ ڪمزورين کي حل ڪري سگهجي ٿو. قراردادن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ موجود وفاقي اڪائين کي پنهنجي پنهنجي مادر وطن تي مڪمل اختيار تسليم ڪري مالي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪري انصاف جا تقاضا پورا ڪري سگهجن ٿا، هر قومي اڪائي جي مالڪ قوم کي پنهنجي وطن جي جاگرفيائي حدن جو تحفظ ڪرڻ جو بنيادي حق آهي، سنڌ ۾ وفاقي حڪومت طرفان سياسي تجربن کي رد ڪندي چيو ويو ته وفاقي حڪومت جي بي جا مداخلت کي رد ڪيون ٿا ۽ ڪراچي شهري صوبي جي گهر سنڌي جي دائمي آفاقي حق تي حملو تصور ڪيون ٿا. ڪانفرنس وفاقي حڪومت واري سوچ کي جمهوري قدرن ۽ روايتن خلاف تصور ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ٿيل سياسي ڳٺ جوڙ تي ٺهيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي بنا دير ختم ڪيو وڃي، آئين مطابق سنڌ جي وڏي وزير کي بااختيار چيف ايگزيڪيوٽو تسليم ڪري سمورا ترقياتي ۽ انتظامي ڪم سنڌ حڪومت جي دائري ڪار ۾ آندا وڃن، سمورين سياسي جماعتن سنڌ سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي ورهاست پاڪستان جي ورهاست ثابت ٿيندي، ان ڪري اهڙو ڪو به قدم نه کنيو وڃي جنهن سان سنڌ جي سياست انارڪي طرف ڌڪجي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ خانه جنگي جنم وٺي سگهي ٿي، جنهن سان پاڪستان وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

وڌيڪ پڙھو

سجاول: زال مڙس هٿان مبينا طور زخمي ٿي فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج

سجاول: زال مڙس هٿان مبينا طور زخمي ٿي فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج

سجاول جي رھائشي محمد رحيم ڪھرائي جي  18 سالن جي نوجوان شادي شدہ نياڻي اميران …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *