سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزباني ھيٺ قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌرين جي گڏيل اتحاد لاءِ ٻي ويھڪ -ايندڙ گڏجاڻي 20 مئي تي گھرائڻ جو فيصلو

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزباني ھيٺ قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌرين جي گڏيل اتحاد لاءِ ٻي ويھڪ -ايندڙ گڏجاڻي 20 مئي تي گھرائڻ جو فيصلو

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزباني هيٺ سنڌ جي مختلف سياسي پارٽين جو سنڌ جي قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌرين جي سياسي اتحاد جوڙڻ جي لاءِ ٻيو اجلاس سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي، ڌرتي ڌڻي تحريڪ، عوامي راڄ پارٽي، سنڌ ساگر پارٽي ،سنڌ فار سوشل چئينج ، انڊس فورم ۽ٻين شرڪت ڪئياجلاس ۾ سنڌ جي اندر قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌرين جي اتحاد کي وقت جي اهم ضرورت سمجهندي اهو فيصلو ڪيو ويو ته اتحاد کي وسيع مستقل بنيادن تي ٺاهڻ جي لاء ٻين پارٽين سان به رابطا ڪيا ويندا. ۽ جيڪي پارٽيون ڪن مجبورين ۽ مختلف سببن جي ڪري شريڪ نه ٿيون آهن انهن سان رابطا ڪري ايندڙ اجلاس ۾ شريڪ ڪيو ويندو. جنهن لاءِ اجلاس ۾ شريڪ سمورين پارٽين ۽ فورمن جي هڪ هڪ نمائيندي تي مشتمل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي ايندڙ اجلاس 20 مئي تي رکيو ويو. جنهن جي ميزباني سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪندي. اجلاس کي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي کانسواءِ عوامي جمهوري پارٽي جي سيد لال شاھ، قومي عوامي تحريڪ تحريڪ جي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي عالم بروهي، ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي قادر چانڊيو، سنڌ هاري ڪميٽي جي ثمر جتوئي، سنڌ ساگر پارٽي جي مومن ميمڻ، سنڌ فار سوشل چئينج جو ذوالفقار هاليپوٽو ، عومي راڄ تحريڪ جي سيد خليل شاھ انڊس فورم غلام مصطفي سومرو خطاب ڪيوجڏهن ته اجلاس ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي ، حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ، قادر چنا ، امتياز سمون ، نثار ڪيريو، ڊاڪٽر احمد نوناري ، ڄام شوڪت ابڙو ، خدابخش درس، محمد علي ابڙو ،جلال شاھ، امجد مستوئي ۽ ٻيا پڻ شامل هئا.

وڌيڪ پڙھو

وفاقي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ بچائڻ جي لاءِ ھميشہ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪنديون رھيون آھن- ڊاڪٽر قادر مگسي

وفاقي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ بچائڻ جي لاءِ ھميشہ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪنديون رھيون آھن- ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي چيو آھي تہ پاڪستان جي سمورن مسئلن جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.