
سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي غير قانوني صدارتي آرڊيننس خلاف حيدرآباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ميزباني ھيٺ ڪامياب شاندار ريلي کانپوء 15 نومبر تي ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ميزباني ھيٺ نڪرندڙ ريلي جي تيارين جي سلسلي ۾ شھيد مخدوم بلاول ڪراچي ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو سڪيرٽري جنرل گلزار احمد سومرو صاحب خير محمد مگسي مبارڪ ڀٽي جن جي قيادت ۾ ايس ٽي پي جي سڀني ضلعي صدرن ملير جي شبير چانڊيو اولھ جي رجب علي مگسي ڪورنگي جي سعيد لکڻ اوڀر جي غلام علي بليددي علي بخش لاشاري لياري جي شاھد ميمڻ ۽ تعلقن جي عھديدارن سان اجلاس ٿي گذريو . جنھن ۾ 15 نومبر تي ريلي ۾ عوام کي ڀرپور شرڪت ڪرائي ويندي .