سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي ريڪوزيشن تي گورنر سنڌ ڪوڙين صحيحن جو شڪ ظاھر ڪري ڇڏيو اسپيڪر کي خط

گورنر سنڌ  عمران اسماعيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکيو آھي تہ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ جي زيڪوزيشن تي پيپلزپارٽي جي گھڻن ميمبرن جو دستخطون مشڪوڪ آھن.ڇو تہ ريڪوزيشن تي جن ميمبرن جون صحيحون آھن ان مان ڪافي ٻاھرملڪ ۽ ڪافي شھر کان ٻاھر آھن

پيپلزپارٽي جو ملڪ اسد سڪندر، راجہ عبدالرزاق ۽ سھراب سرڪي 10 جون تي ملڪ ۾ ڪونہ ھئا جڏھن تہ فريال ٽالپور۽ منور وساڻ بہ اجلاس گھرائڻ وقت ڪراچي ۾ ڪونہ ھئا.

گورنر سنڌ جي خط ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني کان جواب گھريو ويو تہ سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جيڪو گورنر سيڪريٽريٽ کي خط لکيو آھي ان تي سندس صحيح سان ريڪوزيشن جمع ڪانہ ڪرائي آھي آخر ڇا وجہ آھي جو اسيمبلي اجلاس گھرائڻ جي ريڪوزيشن لڪائي پئي وڃي. ٻڏايو وڃي تہ ھي مشڪوڪ صحيحون ڪري اجلاس جي ريڪوزيشن جمع ڪرائڻ واري جعلسازي ۾ ڪير ملوث آھن

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …