سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٻئي ڏينهن به مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن ۾ جهيڙو

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٻئي ڏينهن به مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن ۾ جهيڙو

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٻئي ڏينهن به مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن ۾ جهيڙو، هڪٻئي کي گٿا لفظ ڳالهائڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ ۾ اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ميمبرن هڪٻئي مٿان الرون ڪيون ۽ مارڪٽ لاءِ هڪٻئي کي سڏيندا رهيا، ڪجهه اسيمبلي ميمبرن وچ ۾ جهيڙو ٽاريو، مُڪيش ڪمار چاولا ۽ تيمور ٽالپر جون اپوزيشن ميمبرز کي ڌمڪيون، ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان رولو ڪتن جي آزار جي نشاندهي ڪئي ته حڪومت ميمبرز سيٽن تي اُٿي بيٺا، جنهن دوران حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز ۾ هنگامو شروع ٿي ويو ۽ ميمبرز هٿين پئجي ويا. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ڪتن جي نشاندهي تي ڪاوڙجي پيو ۽ اپوزيشن ميمبر خرم شير زمان کي ئي ڪتو ڪوٺي ڇڏيو.  صوبائي وزير تيمور ٽالپر سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو ته ايوان ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن کيس چيو ته توهان نالائق آهيو، جواب ۾ تيمور ٽالپر وزيراعظم عمران خان کي چور سڏيو ته پي ٽي آءِ ميمبرز سيٽن تان اُٿي بيٺا، تيمور ٽالپر، مُڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا حڪومتي ميبمرز به اپوزيشن ميمبرز ڏانهن وڌي ويا،  حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبر هٿين پئجي ويا، صوبائي وزير تيمور ٽالپر اپوزيشن ميمبرز کي جهيڙي لاءِ سڏيندو رهيو، مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اسپيڪر صاحب! هنن چورن جي ٽولي کي چئو اوقات ۾ رهن، اسان جي قيادت جا نالا نه کڻڻ. پي ٽي آءِ ايم پي اي سعيد آفريدي چيو ته هي چور وزير اعليٰ جي ڪابينا جو چور وزير آهي، ايوانِ ۾ صورتحال ڪنٽرول نه ٿيڻ تي اسپيڪر دعا شروع ڪرائي ڇڏي، اسپيڪر آغا سراج دُراني ميمبرز کي وارننگ ڏيندي چيو ته منهنجي رعايت جو غلط استعمال نه ڪريو، دعا دوران جهيڙو برداشت جوڳو عمل نه آهي، منهنجي اجازت جو غلط فائدو نه وٺو، جيڪڏهن رڳو جهيڙو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ ايوان جي ڪارروائي ملتوي ٿو ڪريان. پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته وزير صاحب ڪريل ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي، ان کي روڪيو، اسپيڪر کيس جواب ڏنو ته توهان ڪنهن جي قيادت خلاف ڇو ٿا ڳالهايو، ايوان ۾ ڪنهن جي به قيادت جو نالو نه کڻو. تيمور ٽالپر چيو ته جيڪڏهن روين جي ڳالهه ڪندئو ته جهڙو ڳالهائيندا تهڙو ئي جواب ايندو، جيڪڏهن سافٽ ويئر اپ ڊيٽ جي ضرورت هوندي ته اهو به ڪرڻ اچي ٿو.صوبائي وزير تيمور ٽالپر خرم شيرزمان تي تنقيد ڪندي چيو ته توهان جو سهرو قائم علي شاهه جي زماني ۾ وزير اعليٰ هائوس ۾ ڪيٽرنگ جو ڪم ڪندو هو، توهان جيڪو کاڌو آڻيندا هئا ان ۾ پٿريون هونديون هيون. ايوان ۾ صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان ۾ منهن ماري ٿي، ٻنهي ميمبرز سنگين الزام لڳائڻ سان گڏ هڪٻئي تي اُلرون به ڪيون. پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو ته  مُڪيش ڪمار چاولا سموري صوبي ۾ شراب خانه کولي ڇڏيا آهن، کيس چئو ته دعا جي وچ ۾ نه ڳالهائي، صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا، خرم شير زمان تي تيز  ٿيندي چيو ته انهن جا ريسٽورنٽس به بند ٿيڻ گهرجن، جتي ماڻهن کي گهٽيا کاڌو ڏنو وڃي ٿو، جهيڙو وڌڻ تي مُڪيش ڪمار چاولا، پي ٽي آءِ ايم پي اي کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ايم پي اي اديبه حسن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته ڪڻڪ جي کوٽ سبب اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، 16نيب زده فلور ملن کي ڪوٽا تحت ڪڻڪ ڇو ٿي ڏني وڃي؟. اديبه حسن چيو ته 7 ارب روپين جي ڪڻڪ چوري ٿي هئي انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي آهي، جنهن تي هري رام کيس جواب ڏنو ته خوراڪ کاتي ڪمشنرن ۽ ڊي سيز کي لکيو آهي ته ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ايوان جي ڪارروائي جاري هئي ته اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي پروڊڪشن آرڊرز ذريعي جيل مان اسيمبلي آندو ويو، بڪتر بند گاڏي تي لهڻ وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ  سنڌ حڪومت ۽ وڏي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت کي جيڪو وڻي ڪري وٺي، مان سندن ڪرپشن کي وائکو ڪندو رهندس.

وڌيڪ پڙھو

سجاول: زال مڙس هٿان مبينا طور زخمي ٿي فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج

سجاول: زال مڙس هٿان مبينا طور زخمي ٿي فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج

سجاول جي رھائشي محمد رحيم ڪھرائي جي  18 سالن جي نوجوان شادي شدہ نياڻي اميران …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *