سنڌھڪ آھي ۽ ڪراچي سنڌ آھي.پريس ڪلب اڳيان وڏو احتجاجي مظاھرو

مظاهري ۾ آڪاش انصاري، جسقم چيئرمين صنعان قريشي، سنڌترقي پسند پارٽي جي خيرمحمد مگسي مبارڪ ڀٽي پنهل ساريو، نور الهديٰ شاهه ۽ ٻين اديبن، ليکڪن توڙي سڄاڻ ڌُرين شرڪت ڪئي

 ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ خلاف سنڌ جي راڄڌاني ۾ سياسي سماجي ۽ قومپرست تنظيمن، اديبن، دانشورن ۽ شاگردن جي وڏي انگ مظاهور ڪيو آهي.
ڪراچي پريس ڪلب آڏو سول سوسائٽي طرفان ڪراچي جا انتظام وفاق حوالي ڪرڻ ۽ فروغ نسيم جي بيان خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن احتجاج دوران سنڌ کي ورهائڻ جي حوالي سان فروغ نسيم جي بيان خلاف نعريبازي ڪئي. مطاهري ۾ آڪاش انصاري، جسقم چيئرمين صنعان قريشي، سنڌترقي پسند پارٽي جي خيرمحمد مگسي مبارڪ ڀٽي پنهل ساريو، نور الهديٰ شاهه ۽ ٻين اديبن، ليکارين توڙي سڄاڻ ڌُرين شرڪت ڪئي. مظاهري ۾ فروغ نسيم کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته سنڌ کي ورهائڻ واري سازش کي سدائين جيان ناڪام بڻايو ويندو، سنڌ جو ٻچو ٻچو ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ تيار آهي. پي ٽي آءِ سرڪار ڪراچي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندڙ فروغ نسيم کي هٽائي ۽ سندس بيان جي وضاحت ڪري.

وڌيڪ پڙھو

لاھور واقعي بعد مذھبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ھڙتال

لاھور واقعي بعد مذھبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ھڙتال

 لاهور واقعي بعد مذهبي جماعت جي سڏ تي ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ شٽر بند …