
ڪراچي:(ڇنڇر 14 مئي 2022ع) سوئي سدرن گئس ڪمپني گرمي جي موسم ۾ به سي اين جي اسٽيشنز کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
سوئي سدرن گئس ڪمپني طرفان سموري سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي 4 ڏينهن جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
سوئي سدرن اختيارين چيو آهي ته سي اين جي اسٽيشنز 16 مئي جي صبح جو 8 وڳي کوليا ويندا.