سمنڊ ۽ ساحلي پٽي هزارين سالن کان سنڌ ۽ بلوچستان جي ملڪيت آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي پنهنجي هڪ پريس بيان ۾ چيو آهي ته. سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي ۽ سمنڊ هزارين سالن کان سنڌين ۽ بلوچن جي قومي ملڪيت رهي آهي . موجوده عمران خان حڪومت ملڪ جي ٿورن ڏنل صوبائي اختيارن جو به خاتمو ڪري ملڪ جي وفاقي حيثيت کي ختم ڪري مڪمل ون يونٽ مڙهي ملڪ ۾ شامل قومن جي باقي بچل وسيلن کي به هڙپ ڪرڻ چاهي ٿي
تازو سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي کي وفاقي تحويل ۾ وٺڻ ۽ ان مٿان وفاقي ادارن جي ڪنٽرول هيٺ انهن ادارن معرفت اسڪيمون آڻڻ واري سازشي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي ٻاهتر سالن جي تاريخ ۾ پاڪستان اڏيندڙ قومون سنڌي بلوچ پختون سرائڪي وغيره پنهنجي وسيلن ۽ اختيارن جي ڦرلٽ تي احتجاج ڪندا رهيا آهن. انهن جي جائز ڳالھ ٻڌڻ ۽ انهن جو عملي تدارڪ ڪرڻ بجاءِ ملڪ کي بحراني ڪيفيت مان ڪڍي سڌي ڍڳ تي چاڙهن بجاءِ وڌيڪ سياسي. معاشي. اخلاقي بحران طرف ڏڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي جيڪا ٽوٽل يارهن سو ويھ ڪلوميٽرن تي
مشتمل آهي ۽ سمنڊ اتي موجود سمورن وسيلن تي سنڌي ۽ بلوچ قومن جو ڪائناتي ۽ ٻين القوامي قانونن تحت حق آهي ان سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند قبول نه ڪئي ويندي. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته ملڪ جا موجوده حڪمران قومن جي تاريخ. ملڪ ٺهڻ جي ڪارڻن ۽ سياسي سماجي علم کان بي خبر آهن ۽ جيڪي فيصلا ڪري رهيا آهن انهن سان ملڪ تي منفي اثر پئجي رهيا آهن اسين ان جي نشاندهي ڪندي گهر ٿا ڪريون ته اهڙن فيصلن کان پاسو ڪيو وڃي. موجوده عالمي علاقائي حالتن جي تقاضا آهي ته ماضيءَ جي ڪيل فيصلن جو ٻيھر جائزو وٺي ملڪ کي معاشي. سياسي. علاقائي ڌٻڻ مان ڪڍيو وڃي. ساحلي پٽي متعلق وفاقي سطح تي ڪيل فيصلن کي واپس ورتو وڃي

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …