سرداري پڳ جو سياسي سفر

تاريخ جا پيرا کڻون ٿا ته انگريز راڄ جو اهم ڪارندو رابرٽ سنڊيمن 1876ع ۾ سرڪاري طور بلوچستان ۾ سرداري نظام جي پٺي ٺپريندي پاڻ کي ملندو ، انگريزن جي دور ۾ نه صرف بلوچ سردارن کي خاص علائقن جي اڻ لکي حڪمراني ۽ وظيفن سان نوازيو ويو هو پر سردارن جي ٻارن کي ٻاهرين ملڪن ۾ مفت تعليم لاءِ به موڪليو ويو.جيئن ايندڙ وقت سردارن جا اهي ٻار پڙهي لکي انگريز سرڪار جا سٺا وفادار حڪمران ٿي سگهن.
انگريز دور ۾ مراعتون ڏيئي بلوچ سردارن کي الڳ الڳ انتظامي علائقا حوالي ڪيا ويا ، سردارن جي مرضيءَ سان سردارن جي وفادار ماڻهن تي” ليوي فورس” جوڙيو ويو، ليوي فورس جي ڀرتي جا اختيار به سردارن جي حوالي هئا، ليوي فورس پگهار ته انگريز سرڪار کان وٺندو هو پر عام ماڻهن جي زندگين جا فيصلا، ٻَڌي ۽ ڇوڙي جو ڪم پنهنجي قبيلي ۽ علائقي جي سردارن جي چوڻ تي ڪندو هو. ان ڪري ليوي فورس جو تصور سردار جي نجي فورس تحت ئي ٿيندو هو.
عجب جي ڳالهه اها آهي ته انگريزن جي راڄ ۾ رابرٽ سنڊيمن بلوچستان ۾ بنا محافظ جي سفر ڪندو هو هن کي بلوچستان جي سردارن جي نفسيات بابت پروڙ هئي ته بلوچ سردارن کي رعايتون ۽ تحفا ڏيو، دوستي رکو پوءِ انهن کان پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪرائي وٺو.
لالا هتورام” تاريخ بلوچستان” ۾ لکي ٿو ته” بلوچ وفادار ماڻهو آهن، اهي وفا خاطر پنهنجي جان به ڏيئي سگهن ٿا اگر دوستي نڀائڻ تي اچن ته دنيا جي ڪا به طاقت انهن کي روڪي نٿي سگهي.”
رابرٽ سنڊيمن شايد بلوچ سردارن جي وفا واري گڻ ۾ ٿورو وڌيڪ رعايتن جو ڳڙ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي سياسي دوستي کي ايترو وڌايو جو هن سردارن کي بانور ڪرايو ته توهان ئي هن علائقي جا بادشاھ آهيو ان رعايتن، بي پناه اختيارن ۽ بادشاهي شوق سبب ئي جنوري 1874ع ۾ “خان آف قلات” خان خدا داد خان خلاف سردارن کي ميڙي انگريزن بغاوت ڪرائي، سردارن جي ان بغاوت سان بلوچستان نه صرف مختلف سرداري ايڪائن ۾ ورهائجي ويو هو پر اڳتي هلي 1887ع ۾ انگريزن خان آف قلات کان 5500 روپين جي سالياني ٺيڪي تي ڪوئيٽا ۽ بولان جو علائقو مستقل طور وٺي “برٽش بلوچستان” جا بنياد وڌا. ائين ئي لڳ ڀڳ ڏيڍ صديءَ اڳ سرڪاري سطح تي بلوچستان ۾ سرداري نظام جا بنياد رکندڙ رابرٽ سنڊيمن ته هاڻي هن دنيا مان هليو ويو آهي پر اهو سرداري نظام بلوچستان کان ٿيندو سنڌجي اترئين ضلعن گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي تائين وڻ ويڙهي جيان پهچي ويو آهي .
اهو بلوچستان جنهن ۾ رابرٽ سنڊيمن بنا محافظ جي سفر ڪندو هو اڄ ان ئي بلوچستان ۾ سردارن کي گهٽ ۾ گهٽ ويهه محافظ ساڻ ڪري سفر ڪرڻو ٿو پوي. ساڳي صورتحال سنڌ ۾ به آهي سردار پنهنجي روب تعب کي قائم رکڻ ۽ هٿ سان پيدا ڪرايل قبائلي جهيڙن جي لاءِ نه صرف پنهنجو ڪرمنل نجي قبائلي فورس جوڙي رکن ٿا پر پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ هي ننڍڙيون ننڍڙيون رياستون به قائم ڪري ويٺا آهن جتي رياستي ادارن جو پکي به پر نٿو هڻي.
اختيارن، فيصلن ۽ سزائون ڏيڻ جي خوفناڪ جهلڪ اوهان سان ڪا هڪ هجي ته سلجي، هڪ عالمي خابرو اداري جي صحافي کان اها ڳالهه اڃان به نٿي وسري جڏهن هن ھڪ سردار کان انٽرويو ڪندي پڇيو هو ته اوهان پهريون قتل ڪڏهن ڪيو هو ته هن وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو هو ته سال ته ياد ناهي پر ان وقت منهنجي عمر فقط 14 سال هئي اوهان اندازو ڪيو ته باقي زندگي ۾ هن سردار ڪيترا ماڻهو پنهنجي هٿن سان ڪُٺا هوندا ۽ ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي گماشتن جي ذريعي ڪهايو هوندو.
هڪ سردار جي اڳيان هڪ عام ماڻهو جي حيثيت شطرنج جي وڇايل بساط تي رکيل مهرن کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي هوندي سردار جڏهن به چاهي ته هو ڪنهن به مهري کي بساط تان هٽائڻ ۾ دير نٿو ڪري. اهي سڀ اختيار اها طاقت ڪيئن ممڪن آهي ته پاڻمرادو سردارن جي حوالي ٿيئي هجي. پاڻ پري نٿا وڃون سنڌ جي اترئين ضلعي رڳو شڪارپور جو مثال کڻون ٿا جتي بجاراڻين جي دشمني تيغاڻين سان هلي رهي آهي سردار شبير بجاراڻي سنڌ حڪومت ۾ هن وقت وزير آهي ۽ سردار تيغو خان تيغاڻي سنڌ حڪومت جي ٻئي وزير امتياز شيخ جو ساڄو هٿ آهي، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني، مير عابد حسين ڀيو ميمبر قومي اسيمبلي ۽ سردار ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي جو تعلق به شڪارپور سان آهي انهن سمورن سردارن جا نه صرف علائقا ورهايل آهن پر سڀني سردارن وٽ ڏوهاري ماڻهن جا نجي فورس به جوڙيل آهن. اتر سنڌ جي ضلعن گهوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي سان گڏ شڪارپور به هن وقت نه صرف قبائلي جهيڙن جي باھ ۾ سڙي رهيو آهي پر شڪارپور هن وقت ايراني تيل جي اسملنگ، بين الصوبائي تيل جي پائيپ لائين مان تيل جي چوري،منشيات ۽ جديد هٿيارن جي ڪاروبار ۽ ڀُنگ جي لاءِ ماڻهن جي اغوا جي ڪاروبار سبب سردارن لاءِ شڪارپور ضلعو سونا انڊا ڏيندڙ ضلعو آهي.
سرداري راڄ ۾ ساه کڻندڙ مٿين ضلعن ۾ نه قبائلي جهيڙا گھٽجن ٿا نه ئي وري ڏوهي سرگرمين ۾ گهٽتائي اچي ٿي.
دور بدليو ناهي ائين لڳي ٿو ڄڻ اڄ به اسان اڃان انگريز راڄ جي ڏيڍ صدي جي کوٽيل سرداري نظام جي خندق ٽپي نه سگهيا آهيون سردارن جي اها سرداري جي پڳ جيڪا ماضيءَ ۾ به رابرٽ سنڊيمن جي هٿ هيٺ هلندي هئي سا هاڻي وقت جي حڪومتن ۽ رياست جي ڇپر ڇانوَ ۾ هلي ٿي ان ڪري اوهان کي مخصوص خاندانن جا ماڻهو ئي هر نئين حڪومت ۾ اقتدار جي مسند تي ويٺل ملندا.
اسان وٽ ڪافي ماڻهن جو خيال آهي ته سرداري نظام ته ڀٽي شهيد ڪوئيٽا ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي ۾ اعلان ڪري 1976ع ۾ ئي ختم ڪري ڇڏيو هو پر حقيقت بنھه ان جي ابتڙ ئي آهي، ڪجهه سال اڳ بلوچستان جي قومي تحريڪ بابت ريسرچ جي سلسلي ۾ اسان ڪجهه دوستن کي ڪوئيٽا وڃڻو پيو هو اسان جي ملاقات بي اين پي جي اڳواڻ حبيب جالب سان ٿي هئي، حبيب جالب جي تعليم ماسڪو ۾ ٿي هئي حبيب جالب جي سڃاڻپ ملڪي سياست ۾ ترقي پسند قومپرست واري هئي، هن وٽ طبقاتي جدوجهد لاءِ مارڪس جو فلسفو سياست جي پلئه ۾ ٻڌل هو. ان ملاقات ۾ حبيب جالب ٻڌايو ته 8 اپريل 1976ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڪوئيٽا ۾ جوش خطابت دوران سرداري نظام ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته عوام به سردارن جي خلاف نعرا هڻڻ شروع ڪيا، شهيد ڀٽي فخر مان هوا ۾ مڪو ڦهلايو، دراصل اهو مڪو پ پ پ مخالف بلوچستان ۾ قائم ڪيل سردارن جي نيپ جي حڪومت لاءِ هو.
اوچتو ڀٽي صاحب کي احساس ٿيو ته اسٽيج تي سردار دودا خان به ويٺو آهي ڀٽو صاحب عوام سان ٻيهر مخاطب ٿيو ساڳي جوش سان خطاب ڪندي چيائين اڄ کان ملڪ ۾ ڪو به سردار نه هوندو فقط هڪ سردار هوندو سردار دودا خان!! ، عوام وري سردار دودا خان جي حق ۾ نعرا هڻڻ شروع ڪيا ان جو سبب شايد اهو هو جو جلسي ۾ گهڻي کان گهڻي شرڪت سردار دودا خان جي ئي قبيلي جي ماڻهن جي هئي. حبيب جالب جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽي جو سرداري نظام ختم ڪرڻ جو اعلان فقط ان جي مخالف سياسي سردارن جي لاءِ ئي هو، باقي جيڪي سردار ڀٽي شهيد سان گڏ هئا انهن جي سرداري کي ڪو لهر نه لوڏو آيو .
حبيب جالب هن وقت دنيا ۾ ناهي رهيو ڪوئيٽا جي جنهن گهر ۾ حبيب جالب اسان دوستن لاءِ وسيع دسترخوان وڇايو هو ۽ موڪلائڻ مهل پنهنجي گهر جي در تي اٻاڻڪين اکين سان الوداع ڪيو هئائين ان ئي گهر جي ٻاهران ئي حبيب جالب کي قتل ڪيو ويو قاتلن جو چوڻ هو ته حبيب جالب خدا جو انڪاري ہو. جڏهن ته سچ اهو هو ته هو سرداري نظام جي خلاف هو.
ڀٽي شهيد جي سرداري نظام جي خاتمي واري تقرير کان ڪجهه ئي سال پوءِ جڏهن جنرل ضياءَ اقتدار ۾ آيو ته هن سنڌ ۽ بلوچستان جي سردارن کي نه صرف بي پناه رعايتون ڏنيون پر سياسي، معاشي ۽ سماجي سگهه فراهم ڪئي ، ضياءَ جي دور ۾ بلوچستان جي ناراض سردارن کي ڪابل مان وڏي عزت احترام سان بلوچستان ۾ ٻيهر پنهنجن، پنھنجن علائقن ۾ رهندڙ رعيت مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ آندو ويو ، ائين اڻ لکئي معاهدي تحت سنڌ ۽ بلوچستان جي سردارن کي اقتدار جي مسندن تائين پهچائي سردارن جي ذريعي عوام جي جمهوري تحريڪ جي نڙي تي به لت ڏياري ويئي.
ون يونٽ کان وٺي ملڪ ۾ لڳل مارشل لائن، ٻٽي مڪاني نظام کان وٺي ڪالاباغ ڊيم، ٿر ڪينال، قدرتي وسيلن جي مالڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي جدوجهد سميت ملڪ جي جمهوري جدوجهد توڙي سنڌ جي قومي وحدت جي وجوده واري تحريڪ ۾ اوھان کي سنڌ جا سردار ٻاهرين ٻني تي ئي ملندا، هي وطن ۽ قوم کان لاتعلق سردار پنهنجي سياسي، سماجي طاقت ۾ اضافي جي لاءِ وقت جي هر حڪمران سان گڏ بيٺل آهن، هنن جي قبائلي ۽ نسلي سياست سنڌي قوم جي تشڪيل جي آڏو بند ٻڌڻ جو ڪم ڪري ٿي هنن جي ڪوشش آهي ته عام ماڻهو قبيلن، ذاتين ۽ نسلن جي بنياد تي سياست ڪري، منجهن گڏيل اجتماعي قومي سوچ پيدا ئي نه ٿئي ، هنن سردارن جون ترجيحون مجموعي طور قومي ۽ عوامي مفادن جي خلاف آهن سرداري نظام ۾ هڪ فرد وٽ ئي طاقت جي سگهه گڏجي ٿي جنهن ڪري انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روز جو معمول آهن، سرداري نظام ۾ اظهار جي آزادي جو تصور ڪرڻ ئي وڏو گناھ آهي، هنن جي محلن ۾ هنن جي قبيلن ۽ راڄن جا ماڻهو هن آگاهي ۽ گڏيل شعور واري ايڪيهين صديءَ ۾ به پيرن اگهاڙي داخل ٿين ٿا ۽ پٽ تي ويهي، غلامن جيان پنهنجون عرضيون پيش ڪن ٿا، هنن وٽ عورت اڄ به صديون پراڻي رسمن جي آويءَ ۾ پچن ٿيون هي ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم جا موجد آهن ۽ اڄ به هنن جي علائقن ۾ ڪارين جا ڪوٽ ٺهيل آهن ڪاريون ٿيل عورتون هنن جي درن جون ٻانھيون آهن، جن جي جسمن ۽ ساهن تي هن جو ئي قبضو آهي، هي راڄن جي فيصلن ۾ رڳو سرداري ڏنڊ نٿا وٺن پر عام ماڻھو جي قتل جي قميت ڏهه لک رپيا ۽ سردار جي قتل جو قصاص سڱ چٽين سان گڏ ڪروڙ روپين کان مٿي مقرر خدا جي خلق کي نياپو ڏين ٿا ته هي اتم ۽ اعلي نسل جا ماڻهو آهن جن جي قيمت ڪروڙن ۾ آهي.
هي سردار مقتدر ڌرين جي آشيرواد، سياسي طاقت ، اڻمئي ڌن ۽ بي پناه مليل اختيارن جي سگهه سان عام ماڻهن تي راڄ ڪن ٿا ان ڪري ئي هن جي وچ ۾ روز سرداري پڳن ٻڌڻ جا مقابلا آهن.
سنڌ ۾ سرداري نظام اڄ به اسان جي توقع کان وڌيڪ طاقتور آهي. شهيد بي نظير ڀٽو جي جمهوري، سيڪيولر ۽ لبرل سياست جي وراثت جو وارث آصف علي زرداري به ملڪ جو صدر هوندي زرداري قبيلي جي پڳ ٻڌڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور هڻي ٿو، سابق سنڌ جو وزير اعلي زوري سرداري جي پڳ ٻڌي هاڻي پنهنجي نالي سان جاري ٿيل هر پريس بيان ۾ سردار ضرور لکرائي ٿو.
سرداريءَ جي سياسي پڳ جيڪا رابرٽ سنڊيمن بلوچستان جي قومي وحدت کي ورهائڻ لاءِ 1876ع ۾ بلوچن جي مختلف قبيلن جي سردارن کي ٻڌائي هئي سا پڳ صدي کان مٿي سفر ڪري هاڻي سنڌي قوم کي ذاتين قبيلين ۽ نسلن ۾ ورهائڻ جي لاءِ مٽياري جي ميمڻن، سکر جي ميراڻين، بدين جي ملاحن ، نوشهرو جي ماڇين (سولنگين ) ، ۽ هالا جي مڱڻهارن تائين اچي پهتي آهي هر شاطر، ظالم، موقعي پرست، وطن، عوام ۽ قوم دشمن جي ڪوشش آهي ته هو ڪنهن به قبيلي جو سردار ٿي رياستي ادارن جي آشيرواد سان عام ماڻهو جي نڙي تي ننهن ڏيئي ويهي نسلن تائين سياسي چٻڙاٽو ڪري.
هنن سڀني سرداري جي پڳ جي تمنا رکندڙ ماڻهن کي ضرور اها ته خبر هوندي ته گذريل ويجهي ماضي تائين سردار ننڍا ٻار خريد ڪري، چوري يا زوري کڻي جنگجو ڪري بادشاهن کي فوج لئه کپائيندا هئا. ساڳي طرح ڇوڪريون به پالي وڏيون ڪري وڪڻندا هئا. مطلب ته ماڻهن (مرد عورتن ) کي پالي، تاتي، غلامي ءِ ويڙهه سيکاري وڪرو ڪرڻ وارو سردار ٿيندو آهي.
ان ڪري ئي سنڌي سماج ۾ سردار جو تصور ناهي ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج ازل کان عورتن يا مردن جي وڪري وارو ڪم نه ڪندو آ.
هاڻي اهو وڪري واري سردار واروڪم سنڌ جي ڀوتار سياستدان ۽ ڪرپشن مان پيدا ٿيل پوءِ ڍائي وچولي ڪلاس به ڪرڻ شروع ڪيو آهي هنن مردن، ٻارن ۽ عورتن جي مستقبل کي وڪرو ڪرڻ سان گڏ سنڌ وطن کي وڪرو ڪري سياسي، سماجي طاقت ۽ رياستي ادارن جي آشيرواد سان حاصل ڪيل اڻمئي دولت ڪٺي ڪري بي پناه اختيارن جي حاصلات لاءِ، سدائين سنڌ جي خلاف فيصلن ڪندڙن آمرن، جرنلن ۽ حڪومتن جو ساٿ ڏنو آهي. سنڌ اڃان صديون پراڻي قبائلي سردارن جي بي رحم سماج مان ٻاهر نه نڪري سگهي آهي.
مهذب دنيا هاڻي قبيلين، نسلن جي اتم ۽ نيچ پڻي مان نڪري صلاحيتن، ڪردار ۽ ڪم جي نتيجن جي آڌار تي ماڻهن جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هتي هي اڃان اسانکي واپس رابرٽ سنڊيمن جي دور ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ۾ آهن. جيئن اسان جا نسل اطاعت سان ئي زندگي گذارڻ جا گر سکي سگهن.
سرداري نظام دراصل انسان جي سوچ، صلاحيت، هنر، ڪم ۽ ڪردار جو دشمن نظام آهي.هن نظام ۾ فقط ماڻهو جي ماڻهپي جو قتل نٿو ٿئي پر سردار جي پڳ جي هر ور ۾ عام ماڻھوءَ جو ساھ به نپوڙ جي ٿو.

وڌيڪ پڙھو

اسان مٿان جنگ نه مڙهيو

اسان مٿان جنگ نه مڙهيو

ڀڳو ٺوڙي جي هنج ۾ لڪي تيرٿ جي پڌر تي پهتاسين ته ان وقت ڊسمبر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *