سجاول ۾ بااثرن پاران نسرين ملاح ۽ ان جي خاندان سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف جاتي ۾ ايس ٽي پي جو احتجاجي مظاھرو

ايس ٽي پي جاتي طرفان ملاحن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين خلاف ڀرپوراحتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو 
جڏهن تہ جاتي ۾ پ پ جي طرفان ڇڏيل ڇڙواڳ ۽ بدماش ٽولو جنهن هميشه غريب مسڪين ماڻھن جي زمينن تي قبضا ڪري غير قانوني واٽر ھلائي رھيا آهن ۽ رات مسلسل ملاحن جي گهرن تي فائرنگ ڪئي ويئي آهي جنهن جو جاتي پوليس انتظاميا ۽ ايس پي سجاول ڪو ب نوٽيس ن ورتو آھي جنهن جي ايس ٽي پي سخت لفظن ۾مزمت ڪري ٿي
اڳواڻن احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو تہ اسان ڊي سي سجاول روينيو آفيسرن ۽ نيب اينٽي ڪرپشن کان فوري طور مطالبو ٿا ڪريون ت جاتي جي روينيو رڪارڊ جي جاچ ڪري قانوني ڪاروائي ڪري غريب مسڪين هارين جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي سجاول جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ۽ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …