سجاول سول اسپتال انتظاميہ جي بي حسي-گل حسن رند

سول اسپتال سجاول جي ايمرجنسي جي ٻاهران منهنجي ننڌڙي کي سندس ڀاء پنهنجي ڀاڪرن ۾ کڻي ڊپ کي غور سان ڏسي رهيو آھي يقينن هي لمحون ٻچڙيوال ماڻھو جنهن جي به دل ۾ انسانيت هوندي انهن جي لا ڪنهن صدمي کان گهٽ نه هوندو سجاول جي چونڊيل نمائيدن توڙي جو اسپتال انتظاميا جي لا ٻڏي مرڻ جو مقام آھي 
اولاد جو درد ڇا هوندو آھي هڪ مائيٽ ڄاڻندو هوندو صبح کان منهنجي ننڌڙي کي الٽي جلاب ٿي پيا وسيلن جي کوٽ جي ڪري آئون پنهنجي ننڊڙي کي ڪوس گهر سجاول کڻي ويس جتي ڪاسائي نما ڊاڪٽرن جي کوٽ جي ڪري هڪ ڪلاڪ منهنجي ننڊڙي پنهنجي ڀاء جي بغل ۾ رهي آئون مسلسل مرف جي بدمعاش اشفاق جي آفيس کان ايم ايس جي آفيس جا چڪر لڳائيندي منٿون ڪندو رهيس پر انهن ظالمن نه امرجنسي وزٽ ڪئي نه ڪو ڊاڪٽر موڪلي ڏنو آئون ان سموري صورتحال کان مسلسل لائيو جي صورت ۾ دوستن کي آگهائي پڻ ڏيندو رهيس 
سجاول جي ماڻھن کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث الله جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي هتان جا چونڊيل نمائيندا صرف پنهنجي چمچن ۽ چاپلوسن کي خوش ڪرڻ خاطر صحت خاطي جي عملي کي هدايتون ڏيندا آھن ته فلاڻو خان اچي پيو ان کي تيل جي پرچي ڏجو فلاڻو اسان جو چمچو اچي پيو ان کي عيد خرچي ڏجو اڙي او خدا جي مار پونا سمورن ادارن جي توهان ڀينگ ڪري ڇڏي آھي پر خدا ۽ رسول جو واسطو اٿئو صحت خاطي کي ته بخش ڪريو هنن اسپتالن ۾ صرف اسان جهڙا غريب ۽ لاچار ماڻھو پنهنجن پيارن کي کڻي ايندا آھن

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …