سانا طرفان عبدالغفار تبسم، سپنا موتي سان رھاڻ ۽ جڳديش جي ڪتاب ھيرو ٺڪر جي مھورت

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) طرفان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، محقق ۽ شاعر هيري ٺڪر، سنڌ جي ناليواري اديب ۽ انقلابي شاعر عبدالغفار تبسم ۽ فيشن اسٽائلسٽ، اداڪارا، ليکڪه ۽ “سنڌستان” فلم جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر سپنا موتي ڀاوناڻي جي مان ۾ نيويارڪ جي جيڪسن هائيٽس واري علائقي ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ نيويارڪ، نيوجرسي، ڪنيڪٽيڪٽ ۽ پينسلوانيا رياست ۾ وسندڙ سنڌي ڪٽنبن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ جڳديش لڇاڻيءَ پاران دادا هيري ٺڪر جي زندگي ۽ قلمي پورهئي تي لکيل ڪتاب “هيرو ٺڪر” جي مهورت عبدالغفار تبسم ڪئي. صدارتي خطاب ڪندي دادا هيري ٺڪر چيو ته اڄ هند- سنڌ کان هزارين ميل پري نيويارڪ ۾ پنهنجن ماڻهن کي گڏ ڏسي زندگيءَ جو ٿڪ ئي لهي پيو آهي. هن چيو ته منهنجي ٻالڪپڻ واري دور ۾ لکين ماڻهن کي زبردستي پنهنجو اباڻو ديس ڇڏڻو پيو. پر ان باوجود انهن ڪڏهن به پنهنجي تهذيب، ٻولي ۽ ثقافت جو پاند هٿن مان ناهي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته قاضي قادن جي 119 بيتن کانپوءِ تازو هن وڌيڪ11 قلمي نسخا هٿ ڪيا آهن جن ۾ قاضي قادن، دادو ديال ۽ شيخ ڀرڪئي جا سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ 263 بيت شامل آهن، جيڪي پڻ هو جلد ڇپائي پڌرا ڪندو. سندس چوڻ هو ته هن زندگيءَ جو پهريون ساهه سنڌ ۾ کنيو، وجود جو آخري پساهه به سنڌ جي امانت آهي. ان موقعي تي هن پنهنجا غزل ترنم ۾ ڳائي ويٺلن کي محظوظ ڪري ڇڏيو. تقريب جي ٻئي مک مهمان عبدالغفار تبسم چيو ته برصغير جو ورهاڱو ڪنهن سانحي کان گهٽ نه هو. جنهن سان علم، ادب، تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي تمام وڏو قصان رسيو. اها ٻولي ۽ ثقافت ئي آهي جنهن ڪري اڄ به اسين گڏيا آهيون. هن چيو ته سرحد جي ٻنهي پاسن تي آباد سنڌي ڪميونٽي کي منظم ڪرڻ ۽ هند ۾ ٻولي کي جياري رکڻ ۾ دادا هري موٽواڻي، موتي پرڪاش، نارائڻ شيام، هري دلگير، ٺاڪر چاولا، ڀڳونتي ناواڻي، وينا شرنگي، اندرا پونا والا، موهن ڪلپنا، آشا چاند، نند جويري، ستيش روهڙا ۽ هيري ٺڪر جهڙن اديبن ۽ عالمن جو وڏو ڪردار رهيو. هن هندستان جي نوجوان راڳين جو ذڪر ڪندي چيو ته کين ڏسندي يقين اٿم ته هندستان ۾ به سنڌي ٻولي محفوظ هٿن ۾ آهي. سپنا موتي ڀاوناڻي چيو ته ڪجهه سال اڳ تائين کيس ڪا خبر نه هئي ته هوءَ اصل ۾ آهي ڪير، سندس وڏڙا ڪٿان آيا ۽ سندن پاڙون ڪٿي آهن؟ هڪ ڀيري هوءَ نانيءَ آمريڪا مان ساڻس ملڻ انڊيا آئي ته کيس جسم تي ٽيٽوز هجڻ ڪري سامهون وڃڻ مناسب نه پئي لڳو. پر جڏهن ناني ٽيٽوز ڏسي انتهائي خوش ٿي ۽ ٻڌايو ته جڏهن ماڻهو قبيلن جي صورت ۾ رهندا هئا ۽ سرحدن جو تصور به نه هوندو هو. ان ڳالهه ٻولهه کيس پنهنجون پاڙون ڳولهڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن باضابطا طور تحقيق ڪري سنڌستان ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. ان دوران هن انٽرنيٽ ۽ ميڊيا جو سهارو وٺڻ بدران ان جڳ جي سنڌين جا انٽرويو ڪرڻ شروع ڪيا ۽ 7 سال جدوجهد کانپوءِ تاريخي ڊاڪيومينٽري مڪمل ڪري پڌري ڪئي. هن سريلي راڳي سيف سميجي جا به ٿورا مڃيا، جنهن کيس شڪارپور ۾ موجود سندس اباڻي پاڙي سميت سنڌ جي مختلف ماڳن مڪانن جا خوبصورت منظر فلمائي ڏنا. سرهي سانجهه ۾ شريڪ نامياري شاعر ۽ ليکڪ حسن مجتبيٰ ڏيهه کان ڏور رهڻ ۽ موجوده معروضي حالتن جو درد پنهنجي خوبصورت آزاد نظم ۾ بيان ڪيو. ڪنيڪٽيڪٽ مان آيل نوجوان فرحان سومري چيو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سنڌ کان تمام گهڻا پڙهيل ڳڙهيل، واپاري، قانوندان، ڊاڪٽر ۽ عالم کسي ورتا. پر هنن پنهنجي جستجو ۽ محنت سان پنهنجو وقار بحال رکيو ۽ اڄ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن. ان کان اڳ تقريب جي شروعات ۾ سانا جي انفارميشن سيڪريٽري ذاڪر بُلي آيل مهمانن جي آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ سانا جي عورت نائب صدر ارشاد عباسي مک مهمانن کي اجرڪ اوڍايا ۽ ايس يو پي آمريڪا جي آرگنائيزر علي خاصخيلي کين سنڌي سوکڙيون به پيش ڪيون.

وڌيڪ پڙھو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

ڪراچي: اسرائيل جا غزه تي ٻئي ڏينهن به فضائي حملا جاري، 6 ٻارڙن سميت شهيد …