سامونڊي طوفان جو خطرو ٽري ويو.وايو طوفان کان ھاڻي سنڌ جي ساحلي علائقي کي ڪو خطرو ناھي

ڊسٽ ڪلائوڊز سبب سامونڊي طوفان ۾ ڪا اھم ڊولپمينٽ نہ ٿيڻ سبب طوفان جو خطرو مڪمل ٽري ويو طوفان شديد ڊسٽ ڪلائوڊز سبب گجرات کي بہ ڊائريڪٽ متاثر نہ ڪندو بلڪہ سرحدن کان ڪراس ڪندي اتر عربي سمنڊ ۾ وڃي ختم ٿي ويندو
ٿر ۾ پرمونسون جون سٺيون برساتون پونديون ۽ ڪريلا ويجھو ھي طوفان بي آف بنگال مان نڪرندڙ ھوائون بہ پاڻ سان گڏ کڻي آيو آ جن باقائدا سنڌ جي ڏاکٽي پٽي اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آ جنھن سبب اتي ڏکڻ اوڀر واري ھوا پئي لڳي ۽ موسم جھڙالي ٿي وئي ۽ انشاءالله ايندڙ ٽن ڏينھن تائين ٿر بدين ميرپورخاص سجاول جي مختلف علائقن ۾ گوڙ کنوڻ تيز ھوائن سان ھلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آ جڏھن تہ ٿر ۾ ان دوران تيز برسات پوڻ جا امڪان ظاھر ڪيا ويا آھن
سنڌ جي باقي ڪنھن بہ حصي ۾ برسات جو ڪو امڪان ناھي حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڪر ٺھي سگھن ٿا
واضح رھي طوفان جي اثر سبب ساحلي سنڌ بشمول گادي واري شھر ڪراچي ۾ تمام گھڻي گرمي جو امڪان آ 
 موسميات جي ماھرين جو چوڻ آھي تہ سمنڊ جون لھرون تمام گھڻيون تيز ٿي چڪيون آھن  انھي ڪري ماھگير 17 جون تائين کليل سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …