سارنگ جويو رات دير سان بازياب ٿي پنهنجي گهر پهچي ويو

سنڌ سجاڳي فورم جو اڳواڻ ليکڪ تاج تاج جويو جو پٽ سارنگ جويو رات دير سان گهر پهچي ويو پنهنجي گهر واري جي فيس بوڪ سهڻي جو يو جي آئيڊي تان پوسٽ ڪندي سارنگ جويو لکيو آهي ته

آئون سڄي سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواھ، پنجاب ۽ سموري دنيا جي سنڌين، مائرن، ڀينرن، دوستن، سياسي سماجي ڪارڪنن، اڳواڻن، صحافين ۽ ٻين قومن جي صحافين ۽ ساڃاھوندن کي لکين مبارڪون ڏيان ٿو تہ آئون اوھان جي اٿاريل آواز، احتجاجن، جدوجھدن ۽ دعائن جي آڌار سلامتيءَ سان ايمان ۽ عشق سلامت رکندي پنھنجي گھر پھچي چُڪو آھيان، مون کي پنھنجي بابا تاج جويي تي فخر آھي، ۽ ان جي تربيت تي پڻ فخر آھي. آئون بابا سائين کي صدارتي ايوارڊ واپس ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو سنڌ ۽ سنڌ جي اديب ھجڻ جو مانُ، مٿانھون ڪيو.
منھنجي طبيعت ناساز ھجڻ جي ڪري ڊاڪٽرن جي صلاح موجب علاج ھلي رھيو، ڪجھ ڏينھن ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آھي، اُميد آھي تہ جلد سنڌ مان کنڀي گم ڪيل پنھنجن ڀائرن جي آزادي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ اوھان سان گڏ شريڪ ٿيندس.

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …