زندہ لاش جو سفر

حيدر ملاح

جمنا جو مذهب ڪهڙو به هجي پر خانا بدوش قبيلي جي شخص فقيري جي هيءَ ڌيءَ جڏهن به هٿ ڊگهو ڪري پنندي هئي ته اشد آڱر مٿي ڪري ﷲ ڏانهن اشارو ڪري چوندي هئي سائين “ﷲ جي نالي خيرات ڏي”.
هن ڀيري هن کي خيرات ۾ ڪچو شراب ڏنو ويو.جمنا کي ڪچو شراب زوري پياريو ويو، دوکي سان پياريو ويو يا خانا بدوش قبيلي جي هن ڇوڪريءَ وڏن جي ڪرت کي ڏسي، شراب کي خوشي خوشي سان ڏوڪي ڇڏيو. پر جمنا سان ريپ ڪيو ويو.
ريپ جنهن ۾ منشا ۽ مرضي شامل نه هوندي آهي، ريپ لفظ ئي ڏاڍائي ۽ زبردستي جو اهڃاڻ آهي.
تيرنھن سالن جي نياڻي جمنا کي وحشي درندن ٽنڊو محمد خان ۾ کليل ميدان تي اڇلائي هڪ پيغام ڏنو ته هتي جمنا کي پاڪ پوتر ناهي ڇڏڻو.
جمنا جي وائرل ٿيل وڊيو، هڪ باضمير انسان جي اندر ۾ وڍ وجهي ٿي.
جمنا جو لڇڻ، جمنا جو رڙيون، جمنا جي اندر جي درد کي هر حساس ماڻهو پنهنجو درد سمجهي ٿو.
هڪ سوال ته ڪر کڻي بيهي رهي ٿو ته هن ملڪ ۾ جهنگل جو ئي قانون آهي.
ٽنڊو محمد خان جي کليل ميدان مان پوليس کي هٿ آيل جمنا جو درد جو سفر اڃان ختم نه ٿيو آهي.
جمنا زنده لاش جي سفر جي هڪ ٻي ڪهاڻي ٿي اڳيان وڌي آهي.
جمنا کي ٽنڊو محمد خان مان سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
ڪجهه گهڙين ۾ کيس ڌڪا ڏئي ٻيهر ٽنڊو محمد خان جي اسپتال ڏانهن موڪليو ويو.
قصو اتي ختم نه ٿيو، زندهه لاش کي ٽنڊو محمد خان جي ٿاڻي جي وڏي منشي ۽ صوبيدار جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جن جمنا جي روح کي رهنڊڻ جهڙا سوال ڪيا. سندس جسم جا زخم ڳڻيا، ريپ ڪيئن ٿيو، ڪنهن ڪيو جا تفتيشي سوال پڇيا ۽ ايف آئي آر ڪاٽي ايس پي کي رپورٽ ڏني سائين جمنا جي ايف آئي آر ٿي ويئي.
جمنا جا ريپ ڪندڙ گرفتار ٿي ويا آهن، اڳتي ڪيس هوندو، جمنا ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ ريپ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. وڪيل جمنا کان آڏي پڇا ڪندا.
ريپ ڪندڙ جا هٿ ڪٿي، ريپ ڪندڙ هيٺان هو يا مٿان هو.ائين ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ نه ڄاڻ ڪيترو وقت جمنا جي زنده لاش سان قانون، وٽنس، ميڊيڪل رپورٽ، جي نالي تي ريپ ٿيندو رهندو.
فيصلو ڪڏهن اچي ڪا خبر ناهي ! سزا ملندي يا نه ڪا خبر ناهي.
پر هڪ خبر پاڻ سڀني کي ضرور آهي ته جمنا جي زنده لاش جو سفر کٽڻو ناهي.
آئون هن ملڪ جي ڪرپٽ عدالتي نظام تي آئون ٿوڪاريان ٿو.
هي عدالتون وحشيا جي ڪوٺي کان به نيچ آهن. هتي هر گهڙي انصاف جو سودو ٿيئي ٿو.
جمنا ته ڪورٽن جي وڏين بلڊنگ جي در تي ٽنگيل ساهمي جي پُڙن ۾ ئي پيڙجي ويندي.
جمنا جي زنده لاش جو سفر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ نئين نالي ۽ شڪل سان جاري رهندو.
پاڻ کي سمجهڻ گهرجي جيئن خانہ بدوش قبيلن جي لڏپلاڻ جي ڪهاڻي ختم ناهي ٿيڻي ائين ئي سماج جي اخلاقي قدرن جي ڀڃ ڊاهه جي عمل کي به متحرڪ رهڻو آهي.
انقلابي سوچ ۽ عمل ئي ناانصافين سان مقابلو ڪندا. ان لاءِ نئين عوام دوست نظام جي لاءِ پھل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …