روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 عزادار ساهه ٻوساٽجڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ۽ بيهوش ٿي پيا.

روهڙي ۾ ياحسين جي صدائن سان ساڍا 4 سئو سالن جو تاريخي ضريح اقدس نوڍالا ڪربلا معلي جو ماتمي جلوس آچر ۽ سومر جي وچين شب 4 بجي شهر جي بجلي بند ڪري شمع گل ڪرڻ بعد اداره محفل شاهه عراق ڪربلا مان شروع ٿيو، جنهن ۾ سموري مُلڪ مان لکن جي تعداد ۾ عزادارن شرڪت ڪئي.

جلوس دوران ضريح اقدس کي پرسو ڏيڻ جي ڪوشش دوران پيهه ۽ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 عزادار فوت ٿي ويا، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ عزادار زخمي ۽ بيهوش ٿي ويا، جن مان ڪيترن ئي زخمين کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪيترن جي ئي طبعيت ناساز آهي.

فوت ٿيلن ۾ دلشير پٽ مور زداو، سکر جي لوڪل بورڊ جو رهواسي حسن پٺاڻ، هالاڻي واسي منصور ۽ سندس ڀاءُ ذوالفقار سولنگي شامل آهي، جڏهن ته هڪ ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

ان ڏس ۾ پوليس ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته قديمي ماتمي جلوس ۾ سخت گرمي ۽ عزادارن جي پيهه سبب 6 عزادار فوت ٿيا آهن، جن چئن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي ته جڏهن ته ٻن عزادارن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگه

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *