ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر – هوت خان گاڏهي

شهيد مير مرتض ڀٽو جي پٽ ذوالفقار جونئير کي سنڌ جا ڪجھ باغي نوجوان ۽ اڪثر ڌنڌوڙي سياسي سهاري جا گهرجائو فرد بار بار سياست ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن ان جا سبب به کوڙ سارا آهن، اهو ضرور آهي ته پنهنجي بچپن کان نوجواني تائين ڪنهن حد تائين هو پنهنجي والد ۽ خانداني ورهاست واري سياست ۾ هلندو يا گهلبو رهيو آهي پر جڏهن هو هڪ عالمي فلسفي يا ويچار ڌارا سان جڙيو آهي هو وقت به وقت ملڪ ۾ مروج خصوصن خانداني ورثي واري سياست ۽ شهادتون، قربانيون سياسي اصولن تحت باشعور فرد ڏين ۽ اقتداري ۽ ٻيا فائدا انهن جا ڪرپٽ بي اصول مال کائو عوام دشمن قوم دشمن فرد گروھ ۽ پارٽي تي قابض وٺن اهڙي سياست کان لاتعلقي جو اعلان ۽ نفرت جو اظهار ڪندو رهيو آهي، جيڪو به پڙهيو لکيو عالمي فلسفن جي ٽڪرائن کي سمجهندڙ حلقو ذوالفقار جونئير موجودہ ڪردار ۽ فاطمه ڀٽو جي علمي سفر جو جائزو وٺن ٿا ته انهن کي چڱي طرح ڄاڻ آهي ته هو ڪهڙي فڪر جا پرچارڪ آهن، اهڙي سموري عمل ۽ ڄاڻ کان اڻ ڄاڻ وري کيس صوفي، اداڪار ۽ سادڙو گلين تاريخي ماڳن درگاهن تي رلندڙ شخص ڪري پيش ڪن ٿا،
اصل ۾ ايئن آهي ڪونه مون ڪجھ عرصو اڳ ذوالفقار ڀٽو جونئير ۽ ڪنهن وقت ۾ سندس جوڙ ۾ رهندڙ هڪ سيد نوجوان مونکي هن وقت سندس نالو ذهن تي نٿو اچي تفصيلي مضمون لکيو هو جيڪو مضمون ذوالفقار جونئير جي بي بي سي، ٽي وي کي ڏنل تفصيلي انٽرويو جي پس منظر ۾ لکيو هو جنهن عالمي فلسفي جو ذڪر ذوالفقار جونئير ڪيو هو مون ان کي يو ٽيوب ميسر ڪتابن جي پڙهڻ کان پوءِ لکيو هو، جنهن فلسفي تحت مرداڻي حاڪميت واري معاشري ۾ عورت تي ٿيندڙ جبر ۽ تمام معاشي، معاشرتي، سماجي مذهبي معاملن تي عورتن سان رکي ويندڙ تفريق جي خاتمي لاءِ ويڙهاند آهي جنهن جو هڪ مورچو سياسي سماجي ميدان سان گڏ علمي، سوشل ميڊيا، اسٽريٽ ٿيٽر، فلم ، ڊرامو وغيره وغيره اچي وڃن ٿا، ٻيو ، ٽرانس جينڊر ، کدڙن سان عالمي سطح تي ٿيندڙ جنس جي بنياد تي ٿيندڙ جبر جي خاتمي ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلم جي قسمن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ پنهنجي وجود کي ان ظلمن جي اظهار لاءِ پيش ڪرن، ان فلسفي جو ٽيون اهم عنصر اهو آهي ته دنيا ۾ ڪوبه نسل، ذات، علائقي يا حسب نسب رکڻ سبب ڪوبه اعلا درجو نٿو رکي دنيا ۾ سڀ انسان برابر آهن نسل، خاندان علائقي بجاءِ برتري صرف ان شخص کي ملڻ گهرجي جنهن جو قول ۽ فعل انسان ذات بلڪ ڪائنات ۾ وجود رکندڙ ويندي ماحوليات لاءِ بهتر هجي،، ان فلسفي تحت جيڪڏهن ڪنھن دور ۾ ڪنهن خاندان، نسل علائقي جو فرد يا گروھ ڪنهن آڳاٽي دور ۾ بهتر رهيو آهي ته ان بنياد تي ڪنهن ان جي پونئرن کي ان جو ورثو ملڻ نه گهرجي دنيا ۾ براين جو جھجھو حصو ان ورثي سبب آهي، جڏھن چڱن ماڻهن جا بدڪردار پونئرن کي وارث طور عزت ۽ طاقت سان نوازيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي اڳين جي چڱائن کي به لوڙهيو ڇڏي ان سبب هن پنهنجي ڀٽن واري سياسي ورثي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهڙي ويچارن جي پرچارڪ لاءِ ذوالفقار جونئير پنهنجي پاڻ کي عملن پيش ڪيو ۽ انهن نفرتن ۽ جبرن کي محسوس ڪري پنهنجي ڪلا فن کي جلا بخشڻ لاءِ ڪڏهن جبر سٽيل عورتن، جسم وڪڻدڙ عورتن، کدڙن، قبيلائي، مذهبي جبر جو شڪار ماڻهن سان پاڻ ان ماحول ۾ وڃي رهندو آهي ۽ اهڙو ويس ۽ وجود اختيار ڪري ان عذاب جو اهڃاڻي ڪردار بڻجي عذاب جون سموريون ڪيفيتون پاڻ تي لاڳو ڪندو آهي، هن وقت به عالمي سامراجي ترقي يافته ملڪن جي جبر واري ڪردار کي چٽو ڪرڻ لاءِ غريب ملڪن پوئتي پيل سهولتن کان وانجهيل ملڪن ۽ خطن جي هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن تحت هو ڪافي عرصي کان آفريڪا کنڊ ۾ ڪافي عرصي کان رهي عملن انهن ظلمن کي ڏسي پيو، تازو سندس هڪ بيان جنهن ۾ عيسائي مشنريز طرفان آفريڪا ۾ غربت ۾ وڪوڙيل ماڻهن جو مذهب تبديل ٿي تنقيد وارو منهنجي نظر مان گذريو جنهن تي عيسائي مشنريز جو ردعمل به آيل هو، تازي هڪ انٽرويو ۾ هن سنڌي هجڻ تي فخر ڪندي اهو واضع ڪيو ته هو سنڌي هجڻ تي فخر ان بنياد تي ڪري ٿو ته سنڌ دنيا جي هڪ عظيم تهذيب آهي، سنڌ دنيا کي ڪافي ايجادات ڏنيون آهن، سنڌ ڪڏهن ڪنهن تي حملا آور ناهي رهي، سنڌ ۾ ڪڏهن غلام ڌاران نظام ناهي رهيو، سنڌ وٽ هن وقت جيڪي به بدعتون آهن اهي سنڌ جون نه پر سڀ سنڌ ۾ ٻاهران آيل آهن، ان انٽرويو دوران سندس ڪلهي ۾ پيل اجرڪ جي ستاري ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو سنڌ جو پيغام آهي دنيا سمورا کنڊ جيڪي سنڌ جي پراڻي فلسفي تحت اٺ آهن اسٽار وانگيان آباد هجن برابر هجن ۽ چمڪندا رهن،
سنڌ سان الميو هي آهي ته اسان پنهنجي سچ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي سچ، علم، عقل، فهم ۽ ڪردار کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ نه وري علم جي وسعتن ڪردارن جي وسعتن ۾ جهاتي پائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، هر فرد، گروھ، پارٽي ، اڳواڻ ۽ فرد کي پنهنجي پسند ناپسند جي اک سان ڏسون ۽ پسون ٿا انهن نڪتل لڪيرن جي دائرن ۾ سچا ڪوڙا دليل ۽ قلم استعمال ڪريون ٿا، هاڻي ته مکين جو اهڙو ولر ٿي ويا آهيون جيڪو ڪنهن جي وجود جي خوشبو ۽ سڄي صاف جسم کي ڇڏي جسم تي موجود ننڍي زخم ۽ بدبودار حصي تي ئي ويهڻ پسند ڪريون ٿا،
هوت خان گاڏهي

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …

Leave a Reply

Your email address will not be published.