دودا پور ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٿهيم ۽ ٻٻر برادرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا مارجي ويا

دودا پور ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٿهيم ۽ ٻٻر برادرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا مارجي ويا

دوداپور ۾ پلاٽ جي معاملي تان ڇتي فائرنگ سبب 5 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال اماڻيو ويو.
رپورٽ موجب دوداپور ويجهو ڇُٽل آباد ۾ پلاٽ جي مسئلي تان ٿهيم ۽ ٻٻر برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو هڪ ٻئي جي مٿان جديد هٿيارن سان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي نتيجي ۾ 5 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن ۽ 5 پڻ زخمي ٿي پيا آهن ياد رهي ته دوداپور ٿاڻي جي حد ۾ گُذريل 1 سال اڳ ٿهيم ۽ ٻٻر برادري ۾ پلات جي معاملي تان جهيڙو ٿيو هو جنهن کان پوءِ اڄ ٻيهر ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ دائم، خميسو،نصير، نصرالله ۽ بابل ٻٻر مارجي ويا آهن فائرنگ دوران 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ رحيم، ظفر الله، صادق، اشرف ۽ حفيظ ٻٻر شامل آهن.


ڇتي فائرنگ کان پوءِ 5 ڄڻن جي قتل ٿيڻ سبب علائقي ۾ خوف وحراس پکڙيل آهي. ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان هلندڙ آهي

ھي بہ پڙھو

اميربخش ڀٽو ۽ اللہ بخش انڙ بہ عمران خان کي ڇڏي ويا.

اميربخش ڀٽو ۽ اللہ بخش انڙ بہ عمران خان کي ڇڏي ويا.

لاڙڪاڻو: تحريڪ انصاف سنڌ جي سينيئر نائب صدر امير بخش ڀٽو ۽ نائب صدر الله …