خوشحال سنڌ جي بدحالي جو ذميوار ڪير

حيات تنيو

انگريز عملدار ٽي پوسٽنس جو ڪتاب آهي “پرنسل آبزوريشن آن سنڌ” جنهن جو عطا محمد ڀنڀرو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ٽي پوسٽنس لکي ٿو ته ”شايد اهو ناممڪن آهي جو سڄي دنيا ۾ سنڌ جھڙو ڪو ڀاڳوند ۽ خوشحال ملڪ هجي، جنهن ۾ سنڌ جيترا گھڻا پيداواري ذريعا هجن. نظر ائين اچي ٿو ته هزارن سالن کان وٺي اڄ سنڌ جي فتح ٿيڻ تائين سنڌ جي پيداواري ذريعن کي اصل ڪتب ئي ڪون آندو ويو آهي. پر جيڪڏهن انهن پيداواري ذريعن کي ڪتب آندو به ويو آهي ته رڳو نالي ماتر. هن ڌرتيءَ منجھان وهندڙ سنڌو درياءَ ۾ مصر جي نيل جيان ڄڻ سُڪر ۽ سڻائي اوتيل آهي. پر هڪڙو فرق ضرور آهي ته سنڌ ۾ سُکيائي ستابائي ۾ ڪو لوڏو ۽ لهر ڏسڻ ۾ ڪون ايندو. ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته سنڌوءَ ۾ هر سال هڪ جھڙي ٻوڙان ٻوڙ ڏسبي. پر نيل ۾ پاڻي ڪڏهن ٿورو ڪڏهن گھڻو نظر ايندو آهي.
مورخن جو بيان آهي ته سنڌ، هندو دور ۾ ڏاڍي سکي ۽ خوشحال هئي. هن ڌرتيءَ جو سُڪر ۽ سڻائي وارو دور سڄي دنيا ۾ مشهور هو. ان کان پوءِ فاتح مسلمانن ۽ بعد جي حڪمرانن واري دور ۾ سنڌ ڄڻ سراپجي وئي. نيٺ سنڌ ڏاڍن ڏٻرن حالن کي وڃي پهتي. ڀر وارن ملڪن پنهنجي ماڻهن جي ترقيءَ، تعمير ۽ خوشحاليءَ لاءِ گھڻو ڪجھ پاڻ پتوڙيو، جتي سنڌ جھڙو نه آبپاشي نظام هو ۽ نه وري ڪو مينهوڳيءَ جي مُند ۾ مينهن جو چار ڪڻيون پونديون هيون، پر پوءِ به انهن پنهنجي ماڻهن لاءِ سنڌ جي رهاڪن کان وڌيڪ آسانيون پيدا ڪري ورتيون.“
هي ته هڪ انگريز پنهنجو مشاهدو ٻڌائي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ هزارين ورهين جي تاريخ ۾ سدائين سُکي ۽ ستابي رهي آهي. سنڌ جي مهمانوازي، آسودگي، خوشحالي ۽ وڻج واپار ڏيهان ڏيھ مشهور رهيو آهي. سنڌ تي ڌارين جي هلائن ۽ حملن جو سبب به سنڌ جي آسودگي ۽ خوشحالي رهي. رڳو عربن ئي سنڌ جي ڌن ۽ دولت کي لٽڻ ۽ سنڌين کي پهنجو غلام بنائڻ لاءِ چوڏهن ڀيرا حملا ڪيا، جن مان تيرهن حملا سنڌين ناڪام بڻائي ڇڏيا ۽ حجاج بن يوسف جي حڪم تي محمد بن قاسم 711ع ۾ چوڏهون ڀيرو سنڌ تي حملو ڪري پنهنجو قبضو ڄمائي سنڌ جي ڦرلٽ ۽ خونريزي ڪرڻ سان گڏ سنڌ جو ڌن، دولت، سون ۽ چاندي ڦري کڻي وڃڻ سميت سنڌ جي نياڻن جون عصمت دريون ڪري کين غلام بڻائي بغداد ڏانهن موڪليو ويو. سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ڌرتي ۽ وطن جي بچاءَ ۽ تحفظ خاطر مياڻن مان تراريون ڪڍي ويڙهاند ته ضرور ڪئي آهي پر، سنڌي ماڻهن جي امن پسندي به دنيا جي لاءِ هڪڙو مثال آهي ته سنڌين سموري تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن پاڙيسري ملڪ تي اڳرائي ڪري حملو نه ڪيو آهي.
سنڌين هميشھ لطيف سائين جي هنن سٽن جي پوئواري ڪندي سموري عالم لاءِ دعائون گھريون آهن.
سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
پر سنڌ جي رهاڪن جي هڪڙي بدقسمتي اها به آهي ته هڪ پاسي هنن جي امن پسندي، عدم تشدد، رواداري، درگذر ڪرڻ واري پاليسي، در تي لنگھجي اچڻ تي پنهنجي وڏي کان وڏي دشمن کي به معاف ڪرڻ جھڙي درياءَ دلي، سادگي ۽ سٻاجھڙي طبيعت، سخاوت، مهمانوازي ۽ آئي جو آڌرڀاءُ ڪرڻ وارن گڻن مان ڌارين حملي آورن، مقامي ڀوتارن ۽ حڪمرانن سدائين غلط فائدا ورتا آهن ۽ وٺندا رهن پيا. ٻئي پاسي ابن الوقت مقامي ڀوتارن، جاگيردارن، ميرن، پيرن ۽ سردارن جي ويڪائو طبيعت، موقعي پرستي، پنهنجي ننڍڙي ۽ معمولي ذاتي فائدي ڪارڻ وڏي کان وڏي اجتماعي ۽ قومي مفادن جو سودو ڪندڙن، سنڌين جي پيداواري ذريعن ۽ وسيلن تي قبضي توڙي سنڌين کي ڌارين ۽ پنجاپي اسٽيبلشمينٽ جو غلام بنائڻ ۾ سيٺ نائون مل، مير جعفر ۽ مير صادق وارو ڪردار ادا ڪندڙ ڀوتارن جي مٿان بار بار ڀروسو ۽ اعتماد ڪرڻ يا جاگيردار ۽ ڀوتارن جي نمائنده پارٽي، پيپلزپارٽي کي اکيون بند ڪري ووٽ ڏيڻ مان سنڌين جي قومي حقن کان بي خبري ۽ اڻ ڄاڻائي، تعليم ۽ شعور جي کوٽ، قومي بيداري نه هجڻ برابر، سياست کان لاتعلقي، محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻ بجاءِ توڪل تي ترهو ٻڌڻ، قسمت تي ڀاڙڻ، ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻندي تيليءَ کي ٿنڀ بنائڻ واري روش، علم، عقل ۽ شعور جي بنياد تي سوچڻ ۽ فيصلا ڪرڻ بجاءِ انڌي عقيدي ۽ تقليدي بنيادن تي راهون ڳولڻ جون ڪوششون ڪرڻ کي اهميت ۽ اوليت ڏيڻ ڪري ڏينهنون ڏينهن مسئلن، مونجھارن ۽ مشڪلاتن ۾ جڪڙجندا ۽ سوگھا ٿيندا پيا وڃن، اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ بجاءِ تنزل ۽ تباهيءَ جي طرف تيزيءَ سان ڌڪجي رهيا آهن، کين اهو احساس ئي ڪونهي ته ڪيتري تيزيءَ سان پيرن هيٺان زمين کسڪندي پئي وڃي. هر ايندڙ ڏينهن سندن لاءِ ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ مصيبتون کنيون پيو اچي. گذر سفر جي ذريعن، نوڪرين، ڪارخانن، قدرتي وسيلن، معدني ذخيرن، سون ورنين ٻنين، ٻيلن، سمنڊ، درياءَ، ٻيٽ، بندرگاھ ۽ سنڌ جي وڏن شهرن سميت هر هڪ شيءِ کسجي چڪي آهي. سنڌ جي سياست، معشيت، واپار، مارڪيٽن ۽ منڊين تي ڌارين جو قبضو ٿي چڪو آهي. ان سموري ڦرلٽ ۽ وارڌاتن ۾ پنجاپ اسٽيبلشمينٽ سان گڏ زرداري ليگ ۽ سندس چوياري ۾ شريڪ جاگيردارن ۽ سردارن جو ٽولو برابر جو شريڪ آهي.
اهو ئي سبب آهي جو نمڪ حرام ۽ احسان فراموش ماڻهن ۽ دهشتگرد ٽولن پاران مختلف وقتن تي سنڌين جي مادرِ وطن سنڌ جي وحدانيت ۽ وجود تي وار ڪندي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن! وڏي شرم جي ڳالھ ته اها به آهي ته جيڪي دهشتگرد ٽولا سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي پاڪستان جي سالميت کي به نقصان رسائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، انهن ملڪ دشمن عناصرن کي ملڪ جو وزيراعظم عمران خان نفيس ۽ شريف سڏي اڻسڌي ريت ملڪ دشمني واري سازش ۾ شريڪ بڻجي رهيو آهي. هاڻي ته ايم ڪيو ايم کان هڪ قدم اڳتي وڌي سنڌ ۾ وفاق جي علامت سمجھيو ويندڙ گورنر به سنڌ ۾ ٻن صوبن جي ڳالھ ڪري سنڌ سميت پاڪستان سان غداري جو مرتڪب بڻجي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته گورنر انتهائي اهم عهدو ۽ وفاق جو نمائندو آهي، انڪري پي ٽي آءِ قيادت توڙي ملڪ جي وزيراعظم عمران خان کي فوري طور تي گورنر عمران اسماعيل کي عهدي تان هٽائڻ گھرجي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ قيادت ان معاملي ۾ ٿورڙي به ڪن لاٽار ڪري ٿي ته پوءِ سنڌي ماڻهون اهو سمجھڻ ۾ حق بجانب هوندا ته تحريڪ انصاف جي سرڪار به ملڪ دشمني ۽ سنڌ کي ورهائڻ واري سازش ۾ ايم ڪيو ايم سان برابر جي شريڪ آهي. اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ ۾ ويٺل سنڌين خاص طور تي نوجوانن ۽ اڳوڻي قومپرست اڳواڻ ممتاز ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي به پنهنجي فيصلي تي ٿورو ويچار ڪرڻ گھرجي.
ان سموري صورتحال ۾ سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ پيپلزپارٽي به سنڌ جي وحدانيت واري معاملي تي يا ته خاموشي کي ترجيح ڏئي رهي آهي يا ته وري ٿورڙو گوڙ ۽ هُل هنگامو ڪري سنڌ جي وجود جي بقا واري مسئلي تي به بارگينگ ڪري رعايتون وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي. هوئين به پيپلزپارٽي لاءِ اها ڪا نئين يا وڏي ڳالھ به ناهي، ڇاڪاڻ ته قومن جي وجود کان انڪاري پيپلزپارٽي پنهنجي سموري تاريخ ۾ سنڌ کي پنهنجو مادرِوطن سمجھڻ بجاءِ سدائين اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو آهي. سنڌي ماڻهون پيپلزپارٽي جو اهو ڪردار به اڃان تائين وساري ناهن سگھيا جڏهن ايم ڪيو ايم جي سربراھ الطاف حسين جي هڪڙي ڌمڪي واري بيان بعد رحمان ملڪ معرفت سندن سموريون ناجائز ۽ سنڌ دشمن فرمائشون بنا دير پوريون ڪيون وينديون هيون. نه صرف ايترو پر ان وقت رحمان ملڪ کي سنڌ جي وائسراءِ واري حيثيت حاصل هوندي هئي، سنڌ جو سمورو ڪارونهوار سندن ذريعي هلايو ويندو هو. اها ئي پيپلزپارٽي هئي جنهن 2012ع دوران ايم ڪيو ايم کي خوش رکڻ لاءِ ٻٽي مڪاني نظام ذريعي عملي طور تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي چڪي هئي. اها ته ترقي پسند پارٽي ۽ ٻين قومپرست جماعتن جي شاندار جدوجھد هئي، ( ان ئي جدوجهد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن مالڪ نوحاڻي ۽ دلشاد ابڙو شهيد ٿيا هئا ۽ هن بندي ڪالم نگار سميت ڪيترائي قومي ڪارڪن گرفتار ٿي دهشتگردي ڪورٽن ۾ چالان ٿيا هيا) جنهنڪري پيپلزپارٽي جي حڪومت اهو سنڌ دشمن فيصلو واپس وٺـڻ تي مجبور ٿي هئي. انڪري هيئنر به سنڌ ورهائڻ واري سازش خلاف پيپلزپارٽي ڪو مثبت يا فيصلائتو ڪردار ادا ڪندي سنڌي ماڻهن کي اهڙي قسم جي اميد نه رکڻ گھرجي.
پيپلزپارٽي جي ته ڪارڪردگي ۽ بهترين گورننس جي حالت اها آهي جو سموري سنڌ ٽي بي، سلھ ۽ هيپاٽائيٽس بي، سي، ڊي وغيره جھڙي موذي مرض کان پوءِ ايڊز جھڙي موت مار بيماري جو شڪار بڻجي چڪي آهي. حڪمرانن جي شهر لاڙڪاڻي ۽ رتوديرو ۾ معصوم ٻارڙن سميت سون جي تعداد ۾ ماڻهون ايڊز جي مرض جو شڪار بڻجي چڪا آهن، پر هن وقت تائين حڪومت مريضن جي علاج لاءِ ڪي به جوڳا بندوبست ناهي ڪري سگھي. وزيراعلي جي ايمرجنسي واري اعلانن جي باوجود سڄي سنڌ ۾ ڪا هڪڙي به اهڙي اسپتال ڪونهي جتي مريضن جو مفت ۽ تسلي بخش علاج ٿي سگھي. سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن جو حشر اهو آهي جو اتي مسيحائن جي روپ ۾ بگھڙ صفت وحشي ڊاڪٽر ۽ عملو ويٺو آهي، جتي ماڻهن جي نه زندگين جي ڪا ضمانت آهي نه ئي ڪنهن جون عزتون محفوظ بڻيل آهن، جتي عصمت خاڻيجو ۽ معصوم نشوا جي ڪيسن جهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن. سنڌ جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ مختلف شعبن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن، ليڊيز ڊاڪٽرس، سرجن ڊاڪٽرن، پئراميڊيڪل اسٽاپ جي کوٽ توڙي دوائن جي شديد کوٽ سميت ٻين سهولتن جي نالي ۾ ڀينگ لڳي پئي آهي، ماڻهن کي اسپرو جي ٽڪي ۽ ڊسپوزبل سرنج به ٻاهران وٺڻي پوي ٿي. ڊاڪٽرن توڙي پئراميڊيڪل اسٽاپ جو مريضن سان رويو انتهائي اڻ وڻندڙ ۽ ناقابل برداشت هوندو آهي. سنڌ جي صحت گھرن اڳيان اڪثر ڪري گندگيءَ جا وڏا ڍير نظر ايندا، اسپتالن جي صفائي نه هجڻ ڪري بدبوءِ سبب ماڻهن جو ساھ گھٽجندو محسوس ٿيندو آهي، سنڌ جي شفا گھرن مان ماڻهون تندرست ۽ صحتمند ٿي واپس ورڻ بجاءِ ڪيتريون ئي وچندڙ بيماريون کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن واپس ٿين ٿا.
پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪرپشن ۽ ڦرلٽ کان علاوھ ڪنهن به شعبي ۾ نمايان ۽ مثالي ڪارڪردگي ڏيکاري ناهي سگھي. سنڌ جي وڏي وزير، سندس ڪابينا ۽ سڀني چونڊيل نمائندن جون سموريون توانايون ۽ صلاحيتون رئيس وڏي ۽ ادي جي خوشامند ڪرڻ ۾ صرف ٿي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته هنن کي خبر آهي ته کين جيڪي ذميواريون يا وزارتون ۽ مشاورتون ڏنيون ويو آهن اهي سندن ڪاڪردگي، ايمانداري ۽ صلاحيتن جي عيوض ۾ ناهن مليون. پاڪستان جهڙن پُٺِ تي پيل ملڪن ۽ غلام سماجن ۾ ماڻهن کي ڪارڪردگي، محنت ۽ صلاحيتن بجاءِ خوشامند ۽ جي حضوري ڪرڻ جي بنيادن تي ذميواريون ڏنيون ويندون آهن. هوئين به بادشاهن، حاڪمن ۽ حڪمرانن کي سٺن ۽ سچن صلاحڪارن جي نه، پر خوشامندي ۽ جي حضورين جي گھرج گھڻي هوندي آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو نوجوان چيئرمين بلاول زرداري قومي اسيمبلي جي فلور تي وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي ته دل کولي تنقيد ڪري رهيو آهي جيڪا کين ڪرڻ به گھرجي. پر بلاول کي ڪڏهن پنهنجي سنڌ حڪومت ۽ ان جي وزيرن، مشيرن جي به جاچ لهڻ کپي. بلاول کي سنڌ ۾ ٿيندڙ مها ڪرپشن، خراب حڪمراني، ادارن جي تباهي، لاقانونيت، ذخيره اندوزي، سرڪاري اسپتالن ۾ ٿيندڙ مالي ۽ اخلاقي ڪرپشن جي به خبر چار وٺڻ گھرجي. ڇا بلاول هن وقت تائين عصمت خاڻيجو جي عصمت ۽ نشوا جي ناحق خونن تي سندن وارثن کي انصاف ڏياري سگھيو آهي؟ جواب آهي نه!
نيب پاران سنڌ ۾ روزانو ڪڻڪ جي گدامن تي ڇاپا لڳي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ روزانو هزارين ۽ لکين ڪڻڪ جون ٻوريون غائب هجڻ جون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن، جيڪي ٻوريون گدامن ۾ موجود پيون آهن انهن ۾ به ڪڻڪ جي بجاءِ مٽي ڀريل آهي! جنهنڪري سنڌ کي اربين روپين جو خسارو ٿي رهيو اهي. سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ غربت سبب ماڻهون ٻه وقت ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن. سنڌ جي سالياني هزارين ارب روپين جي آمدني، روزگار جي لاتعداد ذرريعن، معدني وسيلن ۽ قدرتي نعمتن سان مالامال ۽ امير سنڌ جا رهاڪو زندگي جي بنيادي ضرورت ڳڀي ٽڪر لاءِ پريشان آهن. تنگدستيءَ واري زندگي کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن. ڪيترائي پڙهيا لکيا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گرجوئيٽ نوجوان نوڪرين لاءِ اڻپڙهيل وڏيرن ۽ انهن جي اڱوٺي ڇاپ نوڪرن جا داٻا، دڙڪا، ڇڙٻون ۽ ذلتون برداشت ڪرڻ تي مجبور آهن پر کين ڪو مناسب ۽ عزت ڀريو روزگار نٿو ملي سگھي. هڪ پاسي ڪجھ ماڻهن وٽ دولت جا انبار گڏ ٿيل آهن ته ٻئي پاسي پيٽ بکايل، انگ اگھاڙا ماڻهون سڄو ڏينهن نٽهڻ اُس ۾ محنت ۽ مزدوري ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجن ٻچن کي ٻه ويلا ماني به نه کارائي سگھن. هڪڙي پاسي چند ماڻهون ايئرڪنڊيشن محلاتن نما گھرن، ايئرڪنڊيشن گاڏين ۽ آفيسن ۾ زندگيءَ کي انجواءِ پيا ڪن ته ٻئي پاسي بيوسي ۽ غربت جا ماريل انسان بغير ڪنهن ڇت جي فوٽ پاٿ تي زندگيءَ جو عذاب ڀوڳي رهيا آهن.
اهڙي قسم جي اڻ برابري واري ورهاست ۽ ٻٽو معيار قدرت جي پاران ڪونهي، پر هتان جي سسٽم، هتان جي حڪمرانن ۽ انهن جي ڪارندن چالاڪي، مڪاري، ڌوڪيبازي، ٺڳي ۽ وڏي حرفت سان پورهيتن جي حقن تي راتاها هنيا آهن. جيڪي اڃان به جاري آهن. حقيقت اها آهي ته اميرن، ڀوتارن ۽ سرمائيدارن جون سموريون عياشيون پورهيتن جي رتُ ۽ پگھر مان پيدا ٿيندڙ دولت جي ڪري آهن. اهو به سچ آهي ته جيڪڏهن وسيلن ۽ شين جي صحيح، برابر ۽ انصاف ڀري ورهاست ٿي ته آبادي جي وڏي گھڻائي جيڪا پنهنجن سمورن حقن کان محروم، محڪوم ۽ غلام بڻائي وئي آهي، بيوسي، بيروزگاري، هيڻائي، بک ۽ بدحالي جو بار کڻڻ تي مجبور نه هجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وسيلن ۽ روزگار جي ذريعن جي ڪا به کوٽ ڪونهي، قدرتي نعمتن، معدني وسيلن، بندرگاهن ۽ سنڌودرياءَ سميت دنيا جھان جون سموريون آسائشون، نعمتون ۽ سهولتون سنڌ ۾ موجود آهن، سنڌ جي ڌرتي وسيلن سان مالامال آهي، پر سنڌين جي بدقسمتي اها آهي جو انهن سمورن وسيلن تي سندن مالڪيءَ جو حق حاصل ڪونهي. سنڌ حڪومت ۽ مقامي ڀوتارن جي ڪميشن ۽ ملي ڀڳت سان سمورن وسيلن تي ڌارين جو قبضو آهي جنهنڪري انهن جو مناسب استعمال ۽ صحيح ورڇ نه هجڻ سبب زندگي جي سمورين بنيادي ضرورتن کام محروم سنڌ جا رهاڪو سخت تڪليفن ۽ ڏکاين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته جتان جا حڪمران دولت جا بکيا ۽ لالچي هجن، سندن انسانيت جو معيار پئسو هجي، جتي دولت وڌائڻ جا سمورا پيداواري ذريعا ۽ وسيلا، زمين، جائيداد، فيڪٽريون، ڪارخانا، شگر ملون، بئنڪون وغيره حڪمران طبقي جون ذاتي ملڪيتون بڻجي وڃن يا ان جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ اچي وڃن ته اتي سماجي برابري، عدل، انصاف، ترقي، خوشحالي ۽ امن و امان جو هجڻ ناممڪن بڻجي ويندو آهي. جنهن سماج ۾ برابري نه هجي، قانون سڀني جي لاءِ هڪجھڙو نه هجي، عدل ۽ انصاف جا ٻٽا معيار مقرر ڪيا وڃن، ڳڀي ٽڪر لاءِ پريشان ماڻهون غربت ۽ مهانگائي سبب ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني نه کائي سگھن، جتي ترقي، خوشحالي، دولت، دنيا جون سموريون آسائشيون، رونڪون ۽ رنگينيون صرف چند خاندانن جون مورثي ملڪيتون سمجھيون وڃن، اتي لازمي طور تي بيقراري، بيچيني ۽ بغاوت جنم وٺندي آهي. انڪري ايندڙ وقت ۾ ڪنهن ڏکي صورتحال کان بچڻ لاءِ پيپلزپارٽي کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن، اهنجن ڏکن ۽ پريشانين جو احساس ڪري پنهنجين پاليسين ۽ حڪمت عملين کي تبديل ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته ٻين کوڙ سارين قووتن سان گڏ هنن سمورين ڏکاين جي مک ذميوار پيپلزپارٽي آهي، ڇو ته سنڌي ماڻهن ووٽ سدائين پيپلزپارٽي کي ئي ڏنو آهي ۽ هن وقت به ٻارهن ورهين کان حڪومت جي نالي ۾ سنڌ تي پيپلزپارٽي جي بادشاهت قائم آهي ۽ پيپلزپارٽي جي اها بادشاهت ئي سنڌين جي غربت ۽ سنڌ جي بربادي جو اهم سبب آهي

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …