خانواهڻ لڳ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران پيءُ پٽ سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

خانواهڻ لڳ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران پيءُ پٽ سميت 6 ڄڻا مارجي ويا.رپورٽ موجب خانواهڻ ويجهو ڳوٺ محمد ايوب لاشاري ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ستن ھٿياربندن حملو ڪري چئن ڄڻن محمد خان لاشاري، سندس پٽ ضمير حسين ، محمد بچل ۽ شمشاد علي کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب محمد عليم ، ساجد علي ۽ الهورايو لاشاري سخت زخمي ٿي پيا، جوابي ڪارروائي ۾2 حملي آور الهه رکيو موجائي ۽ گامڻ لاشاري مارجي ويا. زخمين کي فوري طور ھالاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.اطلاع ملندي ڊي ايس پي محرابپور ۽ ڊي ايس پي ڪنڊيارو پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي ويا جڏھن ته مارجي ويلن ۽ حملي آورن جا لاش واقعي واري ھنڌ پيل آھن.

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *