حيدرآباد ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شاگرد يونين جي بحالي جي لاءِ ريلي. پريس ڪلب تي اڳواڻن جو خطاب

حيدرآباد ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شاگرد يونين جي بحالي جي لاءِ حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزيم کان پريس ڪلب تائين سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شاگرد يونين تي گذريل ٽيهن سالن کان پابندي هجڻ سبب شاگردن جا ڪيترائي حق غضب ٿي رهيا آهن پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب شاگردن جي يونين کي بحال ڪيو وڃي ان موقعي وڏي انگ ۾ شاگردن شرڪت ڪئي

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …