
حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي پٺاڻ ڳوٺ وٽ مسافر ۽ مال بردار ٽرينز آمهون سامهون ٽڪرائجي ويون، جنهن کانپوءِ هڪ ٽرين جي انجڻ کي باهه لڳي وئي، جڏهن ته 3 کان وڌيڪ بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. ڄاڻ ملڻ تي پوليس، ريسڪيو ٽيمون ۽ فائربرگيڊ گاڏيون حادثي واري هنڌ پهچي ويون، واقعو ڪچي آبادي واري علائقي وٽ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته ڀرپاسي جي علائقن جا وڏي انگ ۾ ماڻهو به حادثي واري هنڌ پهچي ويا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ هيل تائين 3 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ جناح ايڪسپريس جو ڊرائيور اسلم چانڊيو، اسسٽنٽ ڊرائيور ياسر بشير ۽ هڪ اڻڄاتل شخص شامل آهي. ذريعن موجب حادثو سنگل جو غلط اشارو ملڻ سبب پيش آيو. ڪراچي کان لاهور ويندڙ جناح ايڪسپريس ۽ لاهور کان ڪراچي ويندڙ مال بردار گاڏي ۾ ٽڪر ٿيو آهي، ٻئي گاڏيون اپ ٽريڪ تي وڃي رهيون هيون.