حيدرآباد سيشن ڪورٽ ٻاھران فائرنگ ٻہ ڀائر قتل

حيدرآباد سيشن ڪورٽ ٻاهران فائرنگ، 2 ڀائر قتل ٿي ويا، حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ٻاهران ۽ ايس ايس پي آفيس ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن معشوق علي ۽ علي محمد حاجاڻو کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سجاول علي زخمي ٿي پيو، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمي سجاول جو چوڻ آهي ته صبح جو سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ آيل هئاسين، پراڻي دشمني واري ڪيس ۾ ڪورٽ آياسين ته فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻه ڀائر معشوق علي ۽ علي محمد قتل ٿي ويا، ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ هن وقت تائين 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته وارث لاش پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺ صوف حاجاڻو کڻي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارن جي ڳالهه تان ٿيل پراڻي جهيڙي سبب هٿياربندن فائرنگ ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو آهي، اڳ ۾ ٽي ماڻهو قتل ٿي چڪا، اڄ ٻه ڄڻا قتل ٿيا آهن، جهيڙي سبب هن وقت تائين پنج ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، اسان ڊيوٽي تي موجود هئاسين 6 هٿياربند ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي فرار ٿي ويا آهن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيوويندو.

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …