حيدرآباد – دھشتگردي جو منصوبو ناڪام -ٻہ دھشتگرد گرفتار

 حيدرآباد ۾ دهشتگردي جي رٿابندي ناڪام: پوليس ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري دستي بم ناڪاره بڻائي ڇڏيا. ڦُليلي ٿاڻي جي حد ۾ بم جي موجودگيءَ جي اطلاع تي پوليس پهتي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو. پوليس دستي بم ڦٽو ڪندڙ دهشتگرد اسد الله ولد نصيب حسين کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو عارضي طور تي ڪراچي ۾ رهندو هو ۽ تخريبڪاري ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پهتو. حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ بدين اسٽاپ وٽ دهشتگرد جي موجودگيءَ جي اطلاع تي پوليس سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگرد عادل حيات خالق داد کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وٽانئس دستي بم هٿ ڪري ناڪاره بڻايو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگرد عادل ڪراچي جي بلديه ٽائون واري علائقي جو رهواسي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي دهشتگردن کان جاچ لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي، جنهن جي پُڇاڳاڇا دوران دهشتگردن اهم انڪشاف به ڪيا آهن.

وڌيڪ پڙھو

سجاول: زال مڙس هٿان مبينا طور زخمي ٿي فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج

سجاول: زال مڙس هٿان مبينا طور زخمي ٿي فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج

سجاول جي رھائشي محمد رحيم ڪھرائي جي  18 سالن جي نوجوان شادي شدہ نياڻي اميران …