حيدرآباد-ترقي پسند ھائوس تي ڊاڪٽر قادرمگسي جي صدارت ۾ ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شھيدن جي ورسي ملھائي وئي

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران  17آڪٽوبر 1984ع ۾ ٽوڙي  ڦاٽڪ جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايس ٽي پي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ترقي پسند ھائوس تي ميڙاڪو ڪيو ويو. جنھن ۾ مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ھوت خان گاڏھي، محمد علي ابڙو، ڊاڪٽر احمد نوناري، شوڪت ابڙو، خدابخش درس، اطھر شاھھ، نصرت چنا، حيدرملاح، حاڪمزادي ٿيٻو، ضلعي صدر سچل گوپانگ، بابوشيدي ۽ پارٽي ڪارڪنن ۽ ساڃاھوندن شريڪ ٿي ٽوڙي  ڦاٽڪ جي شھيدن کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تھ سنڌ جي تعليم ، وسيلن ۽ وحدت کي بچائڻ لاءِ سنڌ سدائين مزاحمت ڪئي آھي. ٽوڙي  ڦاٽڪ جي واقعي ۾ سنڌ جي شعور کي ڪچلڻ لاءِ ھٿين خالي شاگردن جي بسن کي نشانو بڻائي پنج ڳڀرو نوجوانن کي شھيد ڪيو ويو. 15 زخمي ڪيا ويا ۽ سوين شاگردن کي گرفتار ڪري ٽاچر سيلن ۾ بند ڪيو ويو. جبر ۽ تشدد ذريعي ضيائي مارشلا سنڌ جي قومپرست سياست کي سنڌ مان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن ۾ ھو ناڪام ويو. جنرل ضياءَ سنڌين کي جمھوريت دوستي جي سزا ڏيڻ لاءِ سپٽمبر 1984ع ۾ ايم ڪيو ايم کي ٺاھي سنڌ جي شھرن اندر دھشت ۽ وحشت جو راڄ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ فوجي آمريت ۽ دھشتگرد ٽولن جي خلاف عملي طور ميدان ۾ رھي. جنھن ڪري سنڌ جي وحدت بچي سگھي. ٽوڙي ڦاٽڪ تي شھيد ٿيندڙ قومي ڪارڪنن جي قربانين جي ڪري اڄ سنڌ جي قومي تحريڪ زندھ آھي. تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن کي ڪڏھن بھ اھو وسارڻ نھ گهرجي تھ اڄ جيڪي ادارن جي اندر امن ۽ بھتر تعليم آھي ان جي پٺيان اسان سميت ھزارين قومي ڪارڪنن جو ڪردار آھي. جنرل ضياءَ الحق جي قھري مارشلا جي ڏينھن ۾ سنڌ جي شاگردن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون ۽ جنرل ضياءَالحق جو ھيليڪاپٽر ڄامشوري جي ڌرتي تي لھڻ نھ ڏنو.  پاڪستان پيپلز پارٽي پنھنجي سمورن حڪومتي دوٰرن ۾ سنڌ سان بي پناھھ ويساھ گهاتيون ڪيون آھن. جنھن ڪري سنڌ اڄ پنھنجي جاگرافيائي وحدت وڃائڻ جي خوف ۾ آھي. ايس ٽي پي سنڌ جي شعور جي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندي سنڌ مٿان سنڌين جي حاڪميت کي بچائڻ لاءِ قربانيون ڏنيون. جنھن ڪري اڄ سنڌ تي سنڌين جو راڄ آھي. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو تھ منھنجا مخالف مون تي الزام ھڻن ٿا تھ مون دھشتگردن جي خلاف مزاحمت ڪئي مان قبول ڪيان ٿو تھ سنڌين جي نياڻين جي عزت ۽ وقار جي حفاظت لاءِ جيڪڏھن ھڪ دفعو ٻيھر مونکي دھشتگردن خلاف مزاحمت ڪرڻي پئي تھ آئون اڳين صفن ۾ ميدان ۾ ھوندس. ھن وقت سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ آئيني اٽڪلون ڪيون پيون وڃن. جڏھن سنڌ جي دشمن کي ميدانِ جنگ ۾ شڪست ملي آھي تھ ھاڻي نئين اٽڪلن سان سنڌ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ آئيني 239/4 جون اٽڪلون ڪري رھيا آھن. انھن سنڌ دشمنن جي سازشن خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي 26 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين ڪراچي سنڌ آھي امن مارچ جو اعلان ڪيو آھي. اسان ھر زبان ڳالھائيندڙ وٽ ھلي وينداسين ۽ انھن کي دعوت ڏينداسين تھ اچو گڏجي سنڌ جي وحدت بچايون.

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …