حليم عادل جو افتخار لنڊ کي فخر سان سيٺ سريو چوڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

گھوٽڪي ۾ حليم عادل شيخ پاران فخر سان افتخار لنڊ کي سيٺ سريو خان چوڻ سبب سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جاري آھي. پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ميرپور ماٿيلو ۾ پورهيت تي مبينا تشدد ڪندڙ سردار افتخار لنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو آهي ته پ پ وارا نه مُڙيا ته اسان وٽ به سريي وارو سردار آهي. گهوٽڪي ۾ شهريار مهر ۽ افتخار لُنڊ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ سرڪار پنهنجي ڪرپشن ۽ ڪرتوتن جي ڪري جلد ويندي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به جلد گرفتار ٿيندو. ڪجهه عرصو اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار لنڊ طرفان مبينا طور پورهيت تي تشدد بعد ويهڪ واري جاءِ ۾ سريو وڌو ويو هو. افتخار لنڊ الزامن جي ترديد ڪئي ۽ پوءِ کيس سنڌ ۾ انساني حقن جي وزارت جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو. گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ حليم عادل شيخ چيو ته پيپلز پارٽي وارا ڏنڊي کان باز نه آيا ته اسان وٽ به ”سريي وارو سردار“ موجود آهي. سندس اهڙي جُملي تي ٽهڪرا مچي ويا ۽ افتخار لنڊ ۽ حليم عادل شيخ تاڙا ملائي ٽهڪ ڏيندا رهيا. اُن موقعي تي ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته آصف زرداري نحوست آهي، جتي به وڃي ٿو جهيڙا ڪرائي ٿو، پهرين ڀٽو خاندان ۾ ويو ته اُتي جهيڙا ڪرايا، پوءِ ڌاريجن ۾ جهيڙا ٿيا ۽ بجاراڻي به وڙهي پيا، هاڻ گهوٽڪي جي مهرن ۾ جهيڙا ڪرائي رهيو آهي

وڌيڪ پڙھو

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 …