حقيقي پس منظر ۽ زرداري جي گرفتاري

حيدر ملاح


اسان مان اڪثر ماڻهون سامهون وارا لقاءَ ڏسڻ جي اهل هوندا آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هن برقي دور ۾ فيڊنگ به ڪمال جي ٿيئي ٿي. ڪوڙ کي سچ ڪرڻ جي لاءِ اينڪر پگهار تي رکيا وڃن ٿا چينل خريد ڪيا وڃن ٿا.
ڪيترائي ٽي وي چينل ۽ اخبارون ته ٻڌڻ ۾اچي ٿو صفا ڌر ڌڻين جا آهن. سوشل ميڊيا جا اهڙا پيج جيڪي اسپانسر ڪري هڪ ئي وقت لکين استعمال ڪندڙ ماڻهن جون وايون بتال ڪري سگهڻ جي اهل آهن انهن جو اثر ايڏو وڏو آهي جو اوهان بابت هو ڪو الزام هڻي اوهان کي اهڙي جڳهه تي کڻي بيهارين ٿا جو اوهان ڪوڙن الزامن جي وضاحت ڪندي، ڪندي عمر گذاري وڃو پر ماڻهون ڪٿان ٿا اوھان تي اعتبار ڪن. اهي پيج به نامعلوم افراد جا آهن.
ائين هن دور ۾ پاڻ کي سمجهڻ گهرجي ته پيش منظر جي پويان هڪ اهڙو پس منظر موجوده آهي جيڪو اسان کي بظاهر ڏسڻ ۾ نٿو اچي پر اهو اکين کان اوجھل ڪيل پس منظر ئي آهي جيڪو اسان کان وڏي چالاڪي سان لڪايو وڃي ٿو.
پاڻ گهڻو پوئتي نٿا وڃون بس 2018 جي اليڪشن جي نتيجن کي جي غور سان ڏسون ته پاڻ کي پروڙ پئجي ويندي ته سنڌ ۾ پ پ جو ڪو اميدوار اليڪشن ورڪ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو. پ پ ڪي وڏا جلسا به نه ڪيا پهريون ڀيرو سنڌي عوام پ پ جي سياسي ڀوتارن ۽ سردارن ۽ پيرن جي اڳيان ڳالهائڻ شروع ڪيو. جتي ٿي پ پ جي اميدوار نوجوانن جي ٽولي ڏٺي ۽ هٿن ۾ موبائيلون ڏٺيون اتان ٿي هو خوف کان کسڪيو.
مجموعي طور تجزيي نگارن جو تجزيو اهو هو ته پ پ سنڌ مان ڌوپجي ويندي، وڏي سرڪار پاران پ پ جي مقابلي ۾ سامهون آندل سياسي مھرن ( جي ڊي اي) اڳواڻن تي پاڻ ۾ وزارتن ورهائڻ تي بحث پئي ڪيا. پوءِ آخر ڇا ٿيو پ پ اڳ کان وڌيڪ سيٽون کڻي سنڌ اسيمبلي ۾ پهتي وري به وزارت اعلي پ پ جي حصي ۾ آئي.
اهو کيل اليڪشن کان ٻه ڏينهن پهرين تبديل ٿيو ڇاڪاڻ ملڪي اسٽيبلشمينٽ وفاق، پنجاب، پختونخواه، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادين جون حڪومتون ٺاهڻ پئي چاهيون اهڙيون حڪومتون جيڪي سياسي استحڪام سان گهٽ ۾ گهٽ پنج سال پورا ڪن.
پر سنڌ جي جاگرافيائي اهميت کي سامهون رکندي عالمي اسٽيبلشمينٽ، ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ سندرو ٻڌي لهي پئي. آخر ملڪي اسٽيبلشمينٽ سنڌ حڪومت پ پ کي ڏيڻ جي لاءِ راضي ٿي پر شرط اهيو رکيو ويو ته وفاقي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم عمران خان کي مددگار ڏيڻ سان گڏ، بلوچستان ۽ وفاق ۾ اختر مينگل کي به تحريڪ انصاف جي حڪومتن سان گڏ بيهاريو ويندو.
هوڏانهن پي ٽي ايم جنهن جي ليڊر منظور پشتين واضع چئي ڇڏيو هو ته اليڪشن ۾ پي ٽي ايم جو نه اچي نه وڃي، ان جي باوجود به محسن داوڙ ۽ علي وزير کي ٽيسٽ ڪيس طور بظاهر آزاد اميدوار طور ميدان تي لاٿو ويو جن ميدان ماري ڏيکاريو. اها پختونخواه ۾ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي ننڍڙي پر پي ٽي ايم جي ڇٽي ۾ پهرين ڪاميابي هئي. توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته پختون خواہ واري پي ٽي ايم جڙڻ کانپوءِ واري صورتحال ۾ محمود خان اچڪزئي اوهان کي آخر پي ٽي ايم جي مخالفت ڪندي ڇو نٿو ملي؟
جواب صفا سادو آهي ته محمود خان اچڪزئي افغانستان جي نائين اليون واري صورتحال کانپوءِ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي ڪم جو اهم ماڻهو ٿي اڳيان آيو جنهن جا تعلقات ڪابل کان به اڳتي هئا. ان ڪري ملڪي اسٽيبلشمينٽ محمود خان کي ڪنڊ تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته محمود خان اچڪزئي وري ڪڪڙن جي ويڙهه جيان پاڻ کي محفوظ رکڻ جي لاءِ پي ٽي ايم جي پرن ۾ لڪي ويو.
تازو محمود خان جي خلاف تحريڪ انصاف جي ميمبرن پاران قومي اسيمبلي ۾ دونهيندار تقريرن مان به اها پروڙ پوي ٿي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ کان ڪا ڳالهه ڳجهي ناهي جيئن سنڌ ۾ سنڌ پوليس جي لاءِ مشهور آهي ته “پوليس کي سڀ خبر آهي تيئن ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي به سڀ خبر آهي. ” پر محمود خان اچڪزئي جي مڪمل خاموشي جو جواب هاڻي گڏيل طور منظور پشتين ۽ محمود خان اچڪزئي جا سياسي طور تربيت يافته ڪارڪن ڪڏهن اسلام آباد ته ڪڏهن ڪراچي مردان ۽ پشاور جي چونڪن تي نعرا هڻي ڏين ٿا ته
” يے جو دھشت گردی ھے، اس کے پیچھے وردی ھے.”
اڄ ته اڃان به اضافو ٿيو نئون نعرو ملڪ جي وڪيلن به متعارف ڪرايو.
“یےجو ريفرنس گردی ھے، اس کے پیچھے وردی ھے.”
قصو اتي به ختم ناهي ٿيو هي اسان جا سائين جيئنم سيد جا ڏنگا ٻار، جيڪي ڪالهه تائين ڪرپشن، توڙي چچريل لاشن ۽ مسنگ پرسنز جي معاملي ۾ زرداري کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري بيٺا هئا انهن کي اوچتو ڇا ٿيو جو اهي، جيئنم سيد جي اسڪول آف ٿاٽ کي ڇڏي، زرداري جي لاءِ ائين ميدان تي لٿل آهن جيئن ڪي مبين فلپوٽو جي آصف علي زرداري جي رهائي ڪميٽي جا ميمبر هجن.
زرداري جي حمايت ۾ اڳيان اڳيان نون جيالن سنڌو ديشن جي اڪثريت اوهان کي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي ملندي ڪجهه پهلوان سنڌ مان ويهي زرداري کي باباءِ سنڌو ديش ڪري پيش ڪرڻ ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙن جا مددگار ضرور آهن پر زرداري جي حمايت جي مهم جي شروعات جا پاڻ پيرا کڻندا سين ته جرمني کان ٿيندا آمريڪا ۽ لنڊن تائين ويندا.
اهو ظاهر آهي سڀ ڪجهه رات وچ ۾ ناهي ٿيو زرداري جي گرفتاري جي ڳالهه ته مئي 2019 کان زور سان شروع ٿي چڪي هئي ۽ سنڌو ديشي پهلوانن کي زرداري جي حمايت جي ايجنڊا ٿي سگهي ٿو ان کان به اڳ ملي هجي.
هاڻي پاڻ زرداري جي گرفتاري ۽ سندس نون ۽ پراڻن اتحادين جي پس منظر کي صفا سادي نموني سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
سنڌ هن وقت هن خطي جو گيٽ وي آهي سنڌ ۾ وري ڪراچي پورٽ جي ڪري نهايت اهميت والاري ويو آهي، هن خطي ۾ جيڪا اسٽريٽجڪ جاگرافيائي ڀڃ ڊاهه ٿيڻي آهي ان ۾ ڪراچي جي اهميت تمام وڏي آهي، چائنہ جهڙي معاشي ٽاڪون کي به گرم پاڻي واري سمنڊ جي اشد ضرورت آهي ان ڪري گوادر پورٽ ۽ قاسم پورٽ تان نه ملڪي نه عالمي اسٽيبلشمينٽ هٿ کڻڻ جي لاءِ تيار آهي. اوهان ڏٺو ته چائنہ راهداري تي 2005 کان هن خطي ۾ جنگي طبل وڃي رهيا آهن، ملڪي اسٽيبلشمينٽ ته آئل سٽي جي نالي تي عالمي اسٽيبلشمينٽ کي سعودي عرب جي نالي ۾ حصو پتي به ڏيڻ شروع ڪيو آهي پر ان جي باوجود به ملڪ جي اندر ڪيترائي اڻڏٺل محاذ کوليا ويا.
ان پسمنظر ۾ اوھان کي ايم ڪيو ايم جي ڪردار کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي جيڪا هاڻي باربار الڳ صوبي جي گهر ڪري ٿي.
ڪي عقل جا ڀورڙا سمهجن ٿا ته ايم ڪيو ايم مهاجر کي اموشنل بليڪ ميل ڪري پاڻ سان ڳنڍي بيهارڻ جي ڪوشش ۾ آهي پر جيڪي ماڻهو خطي جي سياسي صورتحال جي نبض تي هٿ رکي ويٺا آهن انهن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم الڳ صوبي جي گهر ۾ سدائين سنجيده رهي آهي. عالمي فورمن توڙي ملڪي فورمن تي ايم ڪيو ايم ڪڏهن الطاف حسين ته ڪڏهن فاروق ستار جي شڪل ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي لاءِ سفارتي ڪم ڪندي رهي آهي، موجوده بهادر آباد واري ايم ڪيو ايم وٽ به پرائيم ٽارگيٽ سنڌ جو ورهاڳو آهي.
اوهان ڀلا زرداري جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم جو زرداري جي مخالفت ۾ ڪو موقف ٻڌو آهي جواب آهي نه، ايم ڪيو ايم مڪمل سناٽي ۾ آهي ڇاڪاڻ ايم ڪيو ايم کي اڃان زرداري جي حمايت ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملي آهي ان جو بنيادي سبب آهي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي اڳين قدمن تي عالمي اسٽيبلشمينٽ غور سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وقت ۽ حالتن جي روشني ۾ زرداري جي حمايت ۾ بيهڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
هونڏانهن اختر مينگل کي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڪڙو وقت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جنهن ڪري هاڻي اختر مينگل اوهان کي بلاول ڀٽو زرداري سان پريس ڪانفرنس ڪري ملي ٿو.
ائين زرداري جا سنڌ ۾ اتحادي اڳ رڳو ايم ڪيو ايم وارا هئا پر هاڻي سنڌو ديشي به کليل طور حمايت ۾ بيهاريا ويا آهن. سنڌو ديشي دانشورن ته دنگ ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ جي وزير اعلي سيد مراد علي شاهه کي هدايت ڏئي رهيا آهن ته وارو ڪر. سنڌ پوليس کي ملڪي فوج جي مقابلي ۾ لاهي سنڌو ديش آزاد ڪرائي وٺ.
عزيزان من کلو ڇو ٿا، پگهارون ڏيندڙ جيڪو زبان ۾ وجهندو نوڪر ته اها بڪ بڪندو.
ائين زرداري کي منظور پشتين ۽ اختر مينگل به مدد ۾ ڏنا ويا آهن ان ڪري محسن داوڙ ۽ علي وزير جي گرفتاري تي اوهانکي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ احتجاج ڪندي بلاول ڀٽو زرداري ملندو.
جمهوري قدرن جي ڳالهه ڪندڙن کي شايد منهنجي هي ڳالهه خراب لڳي ته بلاول ڀٽو زرداري منظور پشتين جي حمايت ۾ ڇو بيٺو آهي؟ پر حقيقت اها آهي ته عالمي اسٽيبلشمينٽ سان زرداري بي نظير ڀٽو جي شهادت کان اڳ ئي بيٺل هو جنهن ڪري بي نظير ڀٽو شهيد ڪئي ويئي. ان ڪري عالمي اسٽيبلشمينٽ جو هن وقت نائين اليون کان پوءِ ٻيهر خطي جي جاگرافيائي ٽوڙ ڦوڙ جي لاءِ نيئن سري سان هوم ورڪ هلي رهيو آهي، هن وقت تائين جي طعه ٿيل فارمولي مطابق ڪراچي کان حيدر آباد، بدين جي ساحلي پٽي کان وٺي ٿرپارڪر تائين سنڌ ون ۽ باقي ضلعن تي سنڌ ٽو جي نالي سان الڳ ڪجهه جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ائين پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ به جاگرافيائي تبديلي جي لاءِ ڪوشش جاري آهي.
بدقسمتي سان زرداري عالمي اسٽيبلشمينٽ وٽ هن وقت سنڌي قوم جو نمائندو ٿي اڳيان اچي ويو آهي جڏهن ته سفارتي محاذ تي موجود سڀ سنڌ وديشي پهلوان زرداري جي قيادت قبول ڪري چڪا آهن. ايم ڪيو ايم هن صورتحال ۾ پاڻ کي وڌيڪ فائدي ۾ سمجهندي خوشي کان ڪجهه ڪڇڻ لاءِ ان ڪري به موڊ ۾ ناهي ته جيئن سنڌين جو ردعمل ظاهر ٿيئي ته زبان کولجي.
خوش قسمتي سان زرداري جي گرفتاري تي سنڌ مان زرداري جي حق ۾ ڪوبه وڏو احتجاج سامهون نه آيو آهي جنهن ڪري عالمي اسٽيبلشمينٽ به شايد ان ڳڻتي ۾ هجي ته هي سنڌين جو ڪهڙو اڳواڻ آهي جنهن لاءِ هن وقت تائين سنڌ ۾ ٽوٽل پنج سو ماڻهو به احتجاج ڪندي روڊ تي اچي نه سگهيا آهن. تمام وڏي ڪوشش باوجود به سنڌين کي زرداري هضم ڇو نه ٿو ٿئي. ان صورتحال ۾ ملڪي اسٽيبلشمينٽ به سنڌ ۾ پ پ پ جي خلاف وڌيڪ ڪارروايون ڪرڻ جي موڊ ۾ اچي ويئي آهي، فريال ٽالپر ته گرفتار ٿي چڪي آهي پر پويان ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه ٻيا وڏا نالا به هٿ ڪڙين ۾ قابو هوندا.
حاصل مقصد ته هي جهيڙو ڪرپشن ڪيسن جو گهٽ پر ملڪي ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي مفادن جو وڌيڪ جهيڙو آهي زرداري هن ڀيري کربن جي جوا ڪرڻ جي بدران مادر وطن سنڌ کي داوَ تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ ممڪن آهي بابائي سنڌو ديش ٿيڻ جي شوق ۾ زرداري عالمي اسٽيبلشمينٽ جي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري منصوبي جو حصو هجي.
اوهان کي بلاول ڀٽو زرداري جو ڪجهه ئي ڏينهن پهرين ڏنل بيان ضرور ياد ھوندو جنهن ۾ هن چيو هو ته اهڙن ئي حالتن ۾ بنگلاديش ٺهيو هو ۽ هاڻي ٿي سگهي ٿو حالتون سنڌوديس ٺهڻ ڏانهن وڃن.
هن موقعي تي رڳو سنڌ جي اهل علم ۽ سنڌ جي خير خواهن کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ جي موجوده جاگرافيائي وحدت کي جيڪا به ڌر يا فرد ورهائڻ چاهي ٿو سو ڪنهن به صورت ۾ نه سنڌي آهي نه سنڌ جو حلالي پٽ آهي.
زرداري جي گرفتاري جي اسان کي کلي نموني ميدان تي اچي حمايت ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌي عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي موجود وحدت کان هٿ نه کڻندو. اول سنڌ، آخر سنڌ.

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …