جھرڪ ويجھو 7 ٻار وھنجهندي ٻڏي فوت ٿي ويا، ڳوٺ ۾ ڪھرام متل

جھرڪ ويجھو جھرڪ ملاڪاتيار پل وٽ مري برادري جا  ٽن معصوم نياڻين سميت ست معصوم ٻار وھنجھندي ٻڏي فوت ٿي ويا. جن ۾ ٽي ٻار جھرڪ جا مقامي، ٽي نوابشاھ جا ۽ ھڪ ڪراچي گلشن حديد جا رھواسي آھن. تفصيل موجب جھرڪ ويجھو ڳوٺ دائم مري ۾ منعقد ڪيل مري برادري جي نڪاح جي تقريب ۾ ڪراچي، نوابشاھ کان آيل مھمان ٻارن سميت ڳوٺ جي مقامي ٻارن سان گڏ گرمي سبب سنڌو درياءِ تي وھنجڻ ويا جتي وھنجڻ جي دوران ٻار وڏي  پاڻي ۾ ھليا ويا ھڪٻئي کي بچائيندي جھليندي ست معصوم ٻار ٻڏي ويا، جن جو اطلاع اتي موجود ٻين ڳوٺ واسين کي ڏنو، جنھن کانپوءِ ڳوٺاڻن مقامي ٽوٻن جي مدد سان ستن ٻارن کي ڪڍي  سوزوڪي وسيلي رورل ھيلٿ سينٽر جھرڪ تي پھچايا،جتي ڊاڪٽرن  فوت ٿي ويل ٻارن ۾ جھرڪ ويجھو ڳوٺ قائم مري جا رھواسي ستن سالن جي ڪونج ڌي صورت عمر، 6 سالن جو اعظم خان پٽ داد علي مري ، 4 سالن جي بينظير ڌي داد علي مري،  نوابشاھ جا رھواسي 6 سالن جو رفيق پٽ لشڪري مري، 4 سالن جو بشير پٽ لشڪري مري، ستن سالن جي سلمان ڌي لال بخش مري ، گلشن حديد ڪراچي جو رھواسي 9 سالن جو عامر پٽ مير غلام محمد مري  شامل آھن. معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ واري واقعي سبب پوري علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. اطلاع ملڻ ڳوٺ ۾ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون چوطرف روڄ راڙو مچي ويو معصوم ٻارن جي والدين کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا.  ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملندي ايڊيشنل اسسٽنٽ ڪمشنر ون ٺٽو ذوالفقار ميمڻ مختيارڪارٺٽو اقتدار رسول بھراڻي سميت جھرڪ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وارثن کان واقعي جا تفصل ورتا. ھوڏانھن وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ واقعي جونوٽيس وٺندي ڏک جو اظھار ڪندي ڪمشنر حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي

ڳوٺاڻن جھرڪ رورل ھيلٿ سينٽر لاش کي ڳوٺ منتقل ڪرڻ جي لاءِ ايمبولينس جي گھر ڪئي تہ انتظاميا  ايمبولينس  ۾ پيٽرول نہ ھجڻ  ٻڌايو جنھن سبب فوتي ستن ٻارن جا لاش ھڪ ئي سوزڪي ۾ کڻي ڳوٺاڻن ڳوٺ پھچايا.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …