جيڪب آباد ايس ٽي پي جو سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي مظاھرو

جيڪب آباد سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران فرخ نسيم جو سنڌ ورهائڻ واري بيان ۽ وفاق حڪومت پاران ڪراچي آئين جي آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ ڪميٽي جوڙڻ خلاف ترقي پسند هائوس کان عبدالستار جاڳيراڻي ۔ نظام مستوئي ۔ عمر سولنگي ۔ عبدالنبي مگسي ۔ خادم سرڪي ۔ سيد علي شاهه۔ غلام مصطفى ڀٽو۔عبدالغفور ٿھئيم جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ايم ڪيو ايم ۽ وفاقي سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هڪ سازش تحت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو وڃي جهنجي اسين سخت افظن ۾ مذمت ڪيو ٿا هنن چيو ه جڏهن پي ٽي آ۽ جي سرڪار جوڙي پئي سڀ کان وڌيڪ سنڌ جا ماڻهو خوش هئا ته ملڪ ۾ هغڪ نئي ۽ انصاف واري سوچ سرڪار جڙي پئي هنن جي تبديلي واري نعري تي ڏاڍو يقين هيو ه ملڪ ڪرپشن ختم ٿيندي معشيت ترقي ڪندي ماڻهو معاشي طور خوشحا ٿيندا پر افسوس عمران نيازي ملڪ ۾ ترقي جي تبديلي بجائي سنڌ کي ٻن حصن ورهائڻ جي ڳالهه ڪري سنڌين سان ناانصافي ڪري رهيو آهي هنن چيو سنڌين کي ڪنهن به قيمت تي سنڌ جي ڪنهن به قسم جي ورهاست قبول ناهي سنڌي پنهنجي جان ته ڏيندا پر پنهنجي جيجل امڙ جي ورهاست قبول نه ڪندا هنن چيو بنا دير ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ڪميٽي ختم ڪري فرخ نسيم خلاف ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم تي پابندي مڙهي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ايس ٽي پي سڄي سنڌ احتجاجي تحريڪ هلائيندي

وڌيڪ پڙھو

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين، تازو ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي …