جولاءِ کان آگسٽ تائين ڪورونا ڪيسز وڌي ويندا، عوام ڪورونا وائرس کي سنجيده نه ورتو ته ملڪ کي نقصان پهچندو -عمران خان

جولاءِ کان آگسٽ تائين ڪورونا ڪيسز وڌي ويندا، عوام ڪورونا وائرس کي سنجيده نه ورتو ته ملڪ کي نقصان پهچندو -عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جولاءِ کان آگسٽ تائين ڪورونا ڪيسز وڌي ويندا، عوام ڪورونا وائرس کي سنجيده نه ورتو ته ملڪ کي نقصان پهچندو. ڪورونا صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا کان بچاءَ لاءِ احتياط نه ڪيو ويو ته ڏکيا ڏينهن ايندا، جيڪڏهن احتياط ڪيو ويو ته پاڪستان تباهي کان بچي سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته لاڪ ڊائون سان ڪورونا ختم نه پکڙجڻ گهٽجندو آهي، خبر آهي ته ڪورونا جي وبا پکڙڻي آهي، لاڪ ڊائون سبب غريب طبقو ڏکيو وقت گذاري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا لاڪ ڊائون کولي ڇڏيو آهي، آمريڪا ۾ به ايس او پيز تحت ملڪ کوليو ويو، آمريڪا ۾ ڪورونا سبب هڪ لک ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. عمران خان خبردار ڪندي چيو ته جولاءِ کان آگسٽ تائين ڪورونا ڪيسز وڌي ويندا، ڪورونا وائرس جو علاج جولائي يا اگسٽ ۾ اچي ويندو، عوام ڪورونا وائرس کي سنجيده نه ورتو ته ملڪ کي نقصان پهچندو.

وڌيڪ پڙھو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو …