جهمپير ۾ ڪوهستان واسين جو ناانصافين خلاف احتجاجي ڌرڻو

جهمپير ۾ ڪوهستان واسين جو ناانصافين خلاف احتجاجي ڌرڻو

ٺٽو(ڊر) ڪوھستان راڄوڻي اتحاد طرفان ڪوھستان جي ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ناانصافين، ڪلوندي مان غيرقانوني ريتي بجري جا دڪا بند ڪرائي، جھمپير/نوري آباد روڊ ڀرسان ٿيل ضلعي حدبندين جي ماپ جا نتيجا ظاھر ڪري ٻنھي ضلعن جون حدبنديون واضح ڪري، ٺٽو وايا جھمپير روڊ جي نئي سر تعمير ڪرائي ديھ ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ تپو جھمپير جو رڪارڊ آف رائيٽس ٻيھر ترتيب ڏيئي منظر عام تي آڻي، ٿيل غير قانوني والارون ۽ قبضا خالي ڪرائي مقامي ماڻھن کي نوري آباد جي صنعتي ادارن سميت ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ٿيل ونڊ ڪمپنين ۾ روزگار مھيا ڪري، ڌارين آبادڪاري کي ٻنجو ڏيئي، ڪوھستاني پٽي ۾ بند ٿيل اسڪول کولرائي، ڪوھستان جي اصل رھواسين کي سندن زمينن جا مڪمل مالڪاڻا حق ڏيئي سندن ڳوٺ پڪا ڪري CSR فنڊ مقامي آبادي جي فلاح ۽ بھبود تي خرچ ڪري عرب شھزادي جي قبضي ھيٺ آيل ڪوھستان جي ھزارين ايڪڙ زمين خالي ڪرائي ڪوھستان جي رھواسين کي تعليم، صحت، پاڻي، روزگار سميت سموريون بنيادي سھوليتون ڏيارڻ لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو جھمپير باء تي ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻن ڊاڪٽر لکمير پالاري، انور پالاري، محمد بخش بروھي، شاھ محمد چانگ، ڊاڪٽر امتياز پالاري، بيريسٽر اڪبر شاھ جيلاني، عورت اڳواڻ ادي حفضہ پالاري، سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻ ادي خالدہ بروھي، ادريس آٿو، حاجي محمد حسين پالاري، محمد بخش مري، ادريس آٿو، نظير عالياڻي، علي کوسو، عبدالغفار چانديو، عبدالسلام پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي ويئي، جنھن ۾ عورتن، مردن سميت ڪوھستان واسين جو سمنڊ اٿلي پيو، جيڪو ھڪ وڏي احتجاجي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو. جنھن کي خطاب ڪندي ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻن چيو تہ ھر دور ۾ ڪوھستان واسين کي نظر انداز ڪري رڳو سندن ملڪيتن ۽ روزگار جي وسيلن تي قبضا ڪري کين بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو ويو آھي، اتي وري مافيائن ڪوھستان واسين جو جيئڻ جنجال بنائي قدرتي وسيلن تي قبضن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري ڪوھستان واسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن. پر سندن ڪير بہ دانھون ٻڌڻ وارو ناھي، ھنن چيو تہ اسان ترقي جا مخالف ناھيون پر اھا ترقي ھرگز نہ گھرجي جنھن ۾ کين بيدخل ٿيڻو پوي، ھنن چيو تہ ھيء سندن نسلن جي بقا جي جنگ آھي، جيڪا جاري رھندي، ھنن چيو تہ ھن وقت سموري ڪوھستاني پٽي تي غيرقانوني قبضا ۽ والارون ڪرڻ سميت مقامي ماڻھن جي ملڪيتن تي بہ قبضا ڪري انھن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي، پر اسان ڪنھن بہ ڪوھستان واسي ٿيندڙ ناانصافي برداشت نہ ڪنداسين. پر افسوس جو ھتان جي رھواسين سان ٿيندڙ ناانصافين تي ضلعي انتظاميہ، سنڌ سرڪار سميت چونڊيل نمائندہ بہ خاموش تماشائي بڻيل آھن، جن کي ڪوھستان واسين جي تڪليفن جو ڪوبہ احساس ناھي، جھمپير کان وايا ٺٽو روڊ جي ڪير بہ مالڪي ڪرڻ وارو ناھي، جييڪو گذريل 30 سالن کان نئي سر تعمير ٿي ناھي سگھيو، ريتي مافيا ڪلو ندي تي جر جي واحد مٺي پاڻي جي ذخيري تي غيرقانوني ريتي جا دڪا قائم ڪري پاڻي کي سڪايو پيو وڃي. ھنن گھر ڪئي تہ ڪوھستان واسين سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪري کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري بيروزگار ٿيل ماڻھن کي روزگار مھيا ڪري سندن ملڪيتن توڙي وسيلن تي ٿيل غيرقانوني قبضا خالي ڪرائي ڌارين آہادڪاري کي ٻنجو ڏيئي ڪوھستان واسين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ سمورن مسئلن جي حل تائين سندن پرامن جدوجھد جاري رھندو.

وڌيڪ پڙھو

وفاقي ھڪ طرفو نصاب قبول نہ ڪنداسين -مراد علي شاھ

وفاقي ھڪ طرفو نصاب قبول نہ ڪنداسين -مراد علي شاھ

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *