جنگشاھي-عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو جي پھرين ورسي ملھائي وئي- اباڻي ڳوٺ ۾ جلسو-ھزارين ماڻھن جي شرڪت

سجاد چانڊيو،جلال شاھ -ھوت خان گاڏھي،حئي بلوچ،سسئي پليجو،نواز خان زئنور،وجيھہ الدين سميت مختلف اڳواڻن جو خطاب

عوامي تحريڪ پاران جنگشاهي لڳ ڳوٺ مُنگر خان پليجو ۾ پليجي جي آخري آرامگاه تي وڏي جلسي ۾ سياستدان، قومپرست اڳواڻ، اديب، دانشور سياسي ۽ سماجي شخصيتون شريڪ جن ۾ ورسي جي بلوچ قومپرست اڳواڻ عبدالحئي بلوچ، سرائڪي قومپرست عورت اڳواڻ نخما تاج لانگاھ، سينيئر صحافي وُسعت الله خان، سنڌ جا قومپرست اڳواڻ جلال محمود شاه، ، هوت خان گاڏهي نواز خان زنئور، مير حسن آريسر، دلدار لغاري، الاهي بخش بڪڪ، هوچيرام، نوازليگ اڳواڻ انور سومرو، اديب ۽ محقق گل حسن ڪلمتي، خدا ڏنو شاه، ابرار ابڙو، دلدار لغاري، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو. ورسي جلسي جي صدارت عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر سجاد علي چانڊيو ڪئي. ورسي جلسي ۾ فنڪارن ۽ سنڌياڻي ثقافتي گروپ پاران گيت ۽ ٽيبلوز پيش ڪري ماحول کي گرمايو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ جي سياست ۾ ھڪ چمڪندڙ ستارو ھو. ھن باندي بڻيل عورت کي سياست ۾ آڻي ڳالھائڻ سيکاريو.اھڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آھن-اڳواڻن چيو تہ سنڌ جي مڙني مسئلن جو حل جدوجهد ۾ آھي.سنڌي قوم کي پنھنجي وطن جي دنگن ننگن جي حفاظت لاءِ سجاڳ ٿي جدوجھد ڪرڻي پوندي.جلسي ۾ عورتن جو وڏو انگ موجود ھو. ٽولين جي صورت ۾ ڪارڪن پليجي صاحب جي آخري آرام گاھ تي حاضري ڀريندا ۽ نعرا ھڻندا رھيا. جڏھن تہ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وفد پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ھوت خان گاڏھي ،قادرچنا،امتياز سمون، گوتم چنا ،جلال شاھ پڻ ورسي جي جلسي ۾ شرڪت ڪئي

وڌيڪ پڙھو

Philippine Mail Order Brides: Find a Filipino Spouse

Content material Get Into A Filipina Snail mail Order Woman One Hundred And One She …