اڳوڻو صدر جنرل (ر) پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

اڳوڻو صدر جنرل (ر) پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

: اڳوڻو صدر جنرل (ر) پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سفارتي ذريعن مشرف جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي

پرويز مشرف ڪافي عرصي کان دبئي جي آمريڪي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هُن دم ڏنو، مشرف جي گهرواري به اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،

اڳوڻو صدر پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943ع تي دهلي ۾ پيدا ٿيو، هو 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

جنرل (ر) پرويز مشرف 7 آڪٽوبر 1998ع تي چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو، 12 آڪٽوبر 1999ع تي هو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هٽائي چيف ايگزيڪيوٽو مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ هڪ ريفرنڊم ذريعي پاڪستان جو باقاعده صدر ٿي ويو

2004ع ۾ آئين ۾ 17هين ترميم ذريعي پرويز مشرف کي وڌيڪ 5 سالن لاءِ صدر چونڊيو ويو، پرويز مشرف 18 آگسٽ 2008ع تي استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي ويو

ھي بہ پڙھو

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي …