جنرل مشرف ملڪ سان غداري نٿو ڪري سگهي (ڊي جي آئي ايس پي آر

مشرف کي غداري ڪيس ۾ سزا ملڻ واري فيصلي تي پاڪ فوج ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته مشرف غدار نٿو ٿي سگهي، فيصلي سان پاڪ فوج ۾ ڪاوڙ ۽ ڳڻتي پکڙيل آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور طرفان سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائڻ واري خصوصي عدالت جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي. جاري ٿيل بيان ۾ ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي باري ۾ خصوصي عدالت جي فيصلي سان پاڪ فوج ۾ ڪاوڙ ۽ تڪليف پيدا ٿي آهي
پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته پرويز مشرف هڪ اڳوڻو آرمي چيف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ اڳوڻو صدر رهي چڪو آهي، هُن چاليهه سال کان وڌيڪ عرصي تائين ملڪ جي خدمت ڪئي آهي ۽ ملڪي دفاع ۾ جنگيون وڙهيون آهن، يقينن اُهو غدار نٿو ٿي سگهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو ته پرويز مشرف جي ڪيس لاءِ خصوصي عدالت جي قيام ۾ آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن، کيس پنهنجي دفاع جو آئيني بُنيادي حق نه ڏنو ويو. ڪيس ۾ عدالتي ڪارروائي شخصي بُنياد تي ڪئي وئي ۽ تڪڙ مان ڪيس اُڪلايو ويو. پاڪ فوج اُميد ڪري ٿي ته پرويز مشرف سان پاڪستان جي آئين جي روشنيءَ ۾ انصاف ڪيو ويندو

وڌيڪ پڙھو

ايس ٽي پي 17 اپريل تي  قومي سنڌ ڪانفرنس سڏائي ورتي

ايس ٽي پي 17 اپريل تي قومي سنڌ ڪانفرنس سڏائي ورتي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پاران پ پ پ ۽ نواز ليگ پاران ايم ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.