جعلي ڊوميسائيل خلاف ڏھرڪي ۾ احتجاجي مظاھرو

ڏهرڪي سول سوسائٽي ڏھرڪي پاران ڄام معشوق سميجو مير حسن لاشاري راحيله شر گلزار شر ڪامريڊ شبير شر زبير چاچڙ ۽ ٻين سوين سول سوسائٽي اڳواڻن سنڌي ادبي سنگت صحافي برادري شهر واسين جو سنڌ ۾ غيرملڪين جي آبادڪاري ۽ جعلي ڊوميسائل خلاف عوامي هوٽل ڏھرڪي کان ريلي ڪڍي ڏھرڪي پريس ڪلب آڏو پرامن احتجاج ڪيو ويو احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ غيرملڪي افغانين, بنگالين, بهارين, برمين, ايرانين ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن مان ڌارين کي گهرائي جعلي ڊوميسائل ڏنا پيا وڃن جيڪو سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آھي سنڌ جا نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جوء نه ٿي چري پاڪستان ٺھڻ کان وٺي مسلسل آباد ڪري ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين کسڪائي پئي وڃي, ٻين صوبن کان ماڻھون گهرائي ان کي جعلي ڊوميسائل ڏنا پيا وڃن جعلي ڊوميسائل جي صاف شفاف انڪوائري جي گهر ڪيون ٿا سنڌي هتي بک بدحالي جو شڪار آھن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون روز غيرملڪين کي ميگا سٽي پروجيڪٽ, رهائشي سوسائيٽين ۽ جديد اسڪيمن ذريعي آباد ڪري رهيون آھن۔ سنڌ ۾ غيرملڪين جي آبادڪاري سبب ڌرتي ڌڻين جي تعليم, صحت, روزگار ۽ نوڪرين تي ڌاڙو هڻي ڌارين آباد ڪيو وڃي ٿو۔ سنڌي اهل هجڻ جي باوجود غير سنڌين کي ڊوميسائيل پي۔آر۔سي ڏئي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون۔ جيڪا ڌرتي ڌڻين سان ويساھ گهاتي ۽ ٻٽو معيار آھي, اسين پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون غيرملڪين جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊويسائيل رد ڪري انهن کي با عزت پنهنجي ملڪ روانو ڪيو وڃي۔ ۽ مستقبل لاء قانون سازي ڪئي وڃي موقعي تي اڳواڻن وڌيڪ چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن غيرملڪين کي ڏيھ نه موڪليو ويو ته اسين جي احتجاجن جو دائرو وسيع ڪنداسين

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …