

سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جُڙيل ڪميٽي جو ڊي سي ڪنڌڪوٽ جي آفيس ۾ اجلاس، قاضي شاهد پرويز جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميٽي طرفان جعلي ڊوميسائيلز خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ڪنڌڪوٽ، پير جو ڳوٺ ۽ نصير آباد ۾ جعلي ڊوميسائيل جاري ٿيڻ خلاف مظاهرا، ٻين صوبن جي شهرين کي جاري ٿيل ڊوميسائيل فوري طور رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ جي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي جعلي جاري ٿيل ڊوميسائيلز رد ڪري انهن ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍي پنهنجن صوبن ڏانهن موڪليو وڃي.