
اسلام آباد: جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ تاريخ رقم ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج عائشه ملڪ جي مقرري جي منظوري ڏيئي ڇڏي
چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جسٽس عائشه ملڪ جي نالي جي سفارش ڪئي آهي. جسٽس عائشه ملڪ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج هوندي
اهو معاملو حتمي منظوري لاءِ ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو. ياد رهي ته سيپٽمبر 2021ع جي جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس عائشه ملڪ جو نالو منظور نه ٿي سگهيو هو.