جبري پابندي جي 9 مهينن جي ڪهاڻي- حامد مير

جبري پابندي جي 9 مهينن جي ڪهاڻي- حامد مير

حامد مير جو عمراني آمريت بابت اڇو چٺو
تاريخ پنهنجو پاڻ کي هر هر ورجائيندي آهي، جيڪي تاريخ مان سبق ناهن سکندا ان جي جاگرافي بدلجي ويندي آهي، 8 مارچ تي اسلام آباد ۾ ڪجهه اهڙا واقعا پيش آيا ، جن ۾ مون ناچير کي ماضي جون جهلڪيون نظر اچي رهيون هيون،مان ان واقعن جي تناظر ۾ مستبقل جي هڪ تصوير جوخاڪو به ڏسي رهيو هيس، اها مارچ 2008ع جي هئي، مون تي پابندي کي چار مهينا گذري چڪا هئا، نومبر 2007ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت وطن عزيز ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته سمورن خانگي ٽي وي چينلن تي به پابندي لڳائي وئي، آهستي آهستي اهي چينلز معافيون گهُري بحال ٿيندا ويا پر 6 ٽي وي اينڪرن تي پابندي برقرار رهي.
انهن ۾ عاصمه شيرازي، ڪاشف عباسي، نصرت جاويد، مشتاق منهاس، ڊاڪٽر شاهد مسعود ۽ هي گستاخ شامل هئا، ان دوران محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ 2008ع ۾ نيون چونڊون به ٿي چڪيون هيون، اسان تي پابندي برقرار رهي.
پوءِ حڪومت سازي جو مرحلو شروع ٿيو، هڪ ڏينهن آصف زرداري ۽ نواز شريف اسلام آباد ۾ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي ، جنهن ۾ هن مخلوط حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، هڪ صحافي پڇيو ته حامد مير سوڌو ڪجهه اينڪرن تي پابندي آهي، زرداري صاحب جواب ڏنو ته هاڻ ڪا پابندي ناهي ۽ ان شام تي مون جيو نيوز تي ٻيهر ڪيپيٽل ٽاڪ شروع ڪري ڇڏيو، مارچ 2008 ۾ ٿيل اها پريس ڪانفرنس مون کي 8 مارچ تي ٻيهر ياد آئي، 14 ورهين کان پوءِ آصف زرداري پنهنجي ساڄي پاسي شهباز شريف ۽ کاٻي پاسي مولانا فضل الرحمان کي ويهاري پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هيو، هن وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هنن وٽ گهربل نمبر 172 کان وڌيڪ ميمبرن جي حمايت آهي.
ايندڙ ئي لمحي هنن اعلانج ڪيو ته حامد مير تي پابندي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هو جيو نيوز تي ٻيهر پروگرام ڪندو، در اصل هنن کي اها خبر بلاول ڀٽو زرداري وٽان ملي چڪي هئي، جنهن سان هو ٿورو وقت اڳ ڪنٽينر تي موجود هئا، پريس ڪانفرنس ۾ اها خبر بريڪ ڪري هنن پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ گڏ ئي اهو تاثر به ڏئي ڇڏيو ته هاڻي واقعي تبديلي جو عمل شروع ٿي چڪوآهي، هنن جو اعلان دشمنن لاءِ هڪ بم ڌماڪو هيو، مئي 2021 ۾ اسلام آباد جي هڪ صحافي اسد علي طور کي هن جي گهر ۾ گهڙي نشانو بڻايو ويو، ان کان اڳ ڪجهه ماڻهو عاصمه شيرازي جي گهر ۾ به گهڙيا هئا، منيزي جهانگير کي به ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، تنهنڪري نيشنل پريس ڪلب جي ٻاهر هڪ مظاهري ۾ منهنجي هڪ تقرير کي سبب بڻائي مون تي پابندي لڳائي وئي.
منهنجي خلاف مختلف شهرن ۾ بغاوت جا ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏنيون ويون، گوجرانوالا ۾ هڪ درخواست تي ٻڌڻي به شروع ٿي پر مان پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن جو نالو نه کنيو هيو، جيڪڏهن منهنجي خلاف ڪيس داخل ٿي وڃي ها ته عدالت ۾ ثبوت جي طور تي رڳو منهنجي هڪ تقرير پيش ڪئي وڃي ها ، جنهن ۾ جنرل راني جو ذڪر هيو، مخالفن ان کي رياستي ادارن سان وڙهه ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
مختلف بار ايسوسيئشن ۽ سياسي جماعتن مون کي پنهنجي جلسن ۾ خطاب جون دعوتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، ٻئي پاساي ڪيتريون ئي غير ملڪي يونيورسٽيون ۽ ٿنڪ ٽينڪس فيلوشپ جي آڇ شروع ڪري ڇڏي، اچي مان وڌيڪ تقريرون ڪريان ها ته ادارن سان ڇڪتاڻ وڌي ها ۽ مان صحافي بجاءِ ايڪٽيوسٽ يا سياستدان بڻجي وڃا ها، فيلو شپ کڻي ٻاهرين ملڪ هليو وڃان ها ته گوڙ ڪيو وڃي ها ته حامد مير ڀڄي ويو.
مشرف دور ۾ مون تي رڳو ٽي وي تي پابندي هئي، عمران خان جي دور ۾ ٽي وي سان گڏ اخبار ۾ لکڻ تي به پابندي لڳائي وئي، مون کي پاڪستان ۾ سينسر شپ جي گهمندڙ ڦلندڙ مثال بڻايو ويو، مون فيصلو ڪيو ته مون کي پاڪستان ۾ ئي رهڻو آهي ۽ ڪنهن هڪ اداري سان جنگ ناهي ڪرڻي بلڪه ان پوري سسٽم کي بي نقاب ڪرڻو آهي، جيڪو ميڊيا تي سينسر شپ لڳائي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون لڳائي ٿو.
سڀ کان پهرين مون کي برطانوي اخبار دي گارڊين لکڻ جي دعوت ڏني، پوءِ واشنگٽن پوسٽ ۽ پوءِ ڊي ڊبليو اردو لکڻ جي دعوت ڏني، مون واشنگٽن پوسٽ ۽ ڊي ڊبليو اردو ۾ مستقل لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ بي بي سي سوڌو مختلف غير ملڪي ٽي وي چينلز کي انٽرويو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيم،جن ماڻهن جو خيال هيو ته هو منهنجي صحافت ختم ڪري ڇڏيندا انهن جي حالت اها ئي ٿي وئي جيڪا ڪنهن زماني ۾ پرويز مشرف جي هئي، وڏي ڪوشش ڪئي وئي ته مون کي ڊيڄاري ڀڄايو وڃي، ڪو سياستدان منهنجي حق ۾ ڳالهائي پيو ته ان کي روڪيو پيو وڃي ، صحافين جي تنظمين کي چيو ويو ته منهنجي حق ۾ بيان نه ڏين، ڪو مون کي سيمينار ۾ گهرائي پيو ته ان کان به جواب گهريو پيو وڃي، پر آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان کان وٺي مريم نواز، اختر مينگل ۽ ڊاڪٽر مالڪ کان وٺي ايمل ولي خان تائين سمورن سياسي دوستن منهنجو ساٿ ڏنو،
جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ته سياسي جلسن کان وٺي پارليمينٽ تائين هر فورم تي مون سميت سمورن ستم سٽيل صحافين جا نالا کڻي اسان جي حمايت ڪئي، ڊاڪٽر قادر مگسي حيدرآباد گهرائي “ مادر وطن ايوارڊ 2022“ ڏنو، تحريڪ انصاف ۾ به ڪجهه دوستن لاڳيتو رابطا رکيا ۽ خاموش يڪجهتي جو اظهار ڪندا رهيا، جڏهن جرنلسٽ پروٽيڪشن بل منظور ڪيوويو ته ڊاڪٽر شيرين مزاري ايوان صدر ۾ بيهي منهنجو نالو ورتو ۽ ٻڌايو ته ان بل لاءِ مون به ان جي گهڻي مدد ڪئي پر مان ان بل جي ڊرافٽ ۾ موجود ڪيترن ئي حصن سان اتفاق نه ڪيو.
عرض اهو ڪرڻو آهي ته پابندي جي 9 ميهنن دوران هر خاص ۽ عام مان مون کي جيڪا محبت ۽ عزت ملي اها مان ڪڏهن به وساري نٿو سگهان، پابندي باوجود پاڪ فوج جي اهم آفيسرن به رابطو ڪيو، انهن ۾ ڪجهه ننڍپڻ جا دوست به شامل آهن جيڪي مون سان کلي ملندي چوندا آهن ته اسان کي خبر آهي ته تنهنجي ويڙهه اسان سان ناهي هڪ مائينڊ سيٽ سان آهي.
سرحدن جي حفاظت ڪندڙ جوانن سان ڪئين ٿو وڙهي سگهان، منهنجي ويڙهه ته ان مائينڊ سيٽ سان آهي ، جيڪو پنهنجي آئين شڪن رويي مان پاڪستان کي ڪمزور ڪري رهيو آهي، اهو مائينڊ سيٽ هڪ اداري تائين محدود ناهي ان مائيڊ سيٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀ کي گڏجي پهرين پنهنجي غلطين کي سڌارڻو آهي ۽ پوءِ ٻين جي غلطين جي پويان وڃڻو آهي.
جن اختيار ڌڻين مون تي پابندي لڳرائي هئي اهي مون کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ اسد علي طور تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري وٺن ها ته تمام سٺو ٿئي ها، هو مون تي پابندي کي پنهنجي ڪاميابي سمجهندا رهيا پر اها پابندي دراصل منهنجي موقف جي سچائي بڻجي وئي، شايد ان ڪري پابندي لڳرائيندڙن کي مان پنهنجو دشمن نه محسن سمجهندو آهيان.
نومبر 2021 کان پوءِ ڪجهه ٽي وي چينلن مون کي پنهنجي ٽاڪ شوز ۾ گهرائڻ شروع ڪيو ته حڪومتي وزيرن ان چينلنز کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو، “ آج ٽي وي“ جا اشتهار بند ڪيا ويا.
بهرحال پابندي جي 9 مهينن مان ڪيترائي پراڻا دوست پري هليا ويا، ڪجهه دشمن دوست بڻجي ويا پر پر پنهنجي پڙهندڙن ۽ ناظرين سان رشتو پهرين کان وڌيڪ مضبوط ٿي ويو،مون کي فخر آهي ته هر مظلوم مون کي پنهنجو همدرد ۽ ساٿي سمجهندو آهي،
8 مارچ 2022ع تي مان 9 مهينن کان پوءِ ٻيهر پنهنجو شو ڪرڻ لاءِ جيو نيوز جي آفيس پهتس ته ڊي چوڪ تي هڪ هجوم هيو، 19 اپريل 2014ع تي ڪراچي ۾ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي مان مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ هيس، 2 گوليون بدستور جسم ۾ هيون، ڪامران خان سميت ڪجهه ساٿي جيو نيوز ڇڏي هڪ ٻئي چينل ۾ وڃي چڪا هئا.
ان وقت عمران خان لاهور مان اسلام آباد جي طرف مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ هو ڊي چڪ تي ڌرڻو هڻي ويٺا هئا،روزانو جيو نيوز جي آفيس تي پٿر اڇلايا ويندا هئا ، مان سهاري کان بنا هلي نه سگهندو هيس، پر مون کي چيو ويو ته پنهنجو شو شروع ڪري ڇڏيو،،مون زخمي حالت ۾ پنهنجو شو شروع ڪيو.جڏهن شو لاءِ آيس ته ڊي چوڪ تي تحريڪ انصاف جا ترانا وڄي رهيا هئا،2014ع ۾ جيڪي ترانا هئا ان ۾ چيو پيو وڃي ته“ جب آئيگا عمران…“ 2022 ۾ جيڪي نعرا لڳي رهيا هئا، اهي هئا، “ اب جائيگا عمران“ عمران خان ڌرڻي سان اقتدار ۾ نه آيو ۽ نه ڌرڻي سان ويندو.
ان لاءِ پ پ وارا 8 مارچ تي ڊي چوڪ تي جلسو ڪري واپس هليا ويا، هنن کي خبر آهي ته عمران خان کي ڪيئن موڪلڻو آهي، هنن هڪ آئيني رستي جي چونڊ ڪئي آهي پر خطرو آهي ته خان صاحب ڪجهه اهڙو ڪندو ته ڪو غير آئيني حادثو ٿي وڃي.
خان صاحب مڃي يا نه مڃي هو فارغ ٿي چڪو آهي، هن جي جاءِ تي جيڪو به اچڻ وارو آهي ان کي گذارش آهي ته خدارا عمران خان نه بڻجو، ميڊيا سان نه وڙهجو، آئين جي ڀڃڪڙي نه ڪجو، بي گناهه شهرين کي لاپتا نه ڪجو ڇو ته ان آئين شڪن مائينڊ سيٽ جي سامهون حامد مير هٿيار نه اڇلائيندو، ان مائينڊ سيٽ سان ٻيهر ويڙهه ٿي پئي ۽ پابندي لڳي وئي ۽ وري ختم ٿي وئي تاريخ مان ڪجهه سبق سکي وٺو، وڏي مهرباني!.
آخر ۾ هڪ ڀيرو وري ڊي ڊبليو سميت ان سڀ جي مهرباني جيڪي پابندي جا 9 مهينا مون سان گڏ بيٺا رهيا، راحت اندوري لکيو هو:

ہمارے منہ سے جو نکلے وہی صداقت ہے
ہمارے منہ میں تمہاری زبان تھوڑی ہے
جو آج صاحب مسند ہیں کل نہیں ہوں گے
کرائے دار ہیں ذاتی مکان تھوڑی ہے
( ڊِ ڊبيلو جي ٿورن سان )

وڌيڪ پڙھو

ٺٽو ٻاٻڙا واقعو جو آخر پسمنظر ڇا آهي؟

ٺٽو ٻاٻڙا واقعو جو آخر پسمنظر ڇا آهي؟

سِنڌ پرڳڻي جو پُر امن لاڙ وارو ضِلعو ٺٽو ھن وقت ڌارين آبادڪاريءَ لاءِ سُوني …

Leave a Reply

Your email address will not be published.