جار فلائيڊ جي وارثن پاران ڪرايل پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب سندس موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو،الزام ھيٺ آيل اھلڪارآزاد

آمريڪا ۾ سياه فام شخص جي قتل ۾ملوث پوليس اهلڪار ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، جار فلائيڊ جي وارثن پاران ڪرايل پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب سندس موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو. جارج فلائيڊ جي قتل ۾ملوث پوليس اهلڪار ڊيرن چاون کي عدالت ۾پيش ڪيو ويو، عدالت کيس ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب سياه فام شخص جي قتل ۾ملوٽ پوليس اهلڪار ڊيرن چاون کي 8 جون تي ٻيهر عدالت پيش ڪيو ويندو. ٻئي طرف جارج فلائيڊ جي وارثن پاران سندس خانگي طور ڪرايل پوسٽ مارٽم ۾سندس موت جو سبب ساهه ٻوساٽجڻ ڄاڻايو ويو آهي. جارج فلائيڊ جي وارثن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته جارج فلائيڊ جو موت دل جي مرض سبب ناهي ٿيو جيئن سرڪاري رپورٽ ۾ٻڌايو ويو آهي. وڪيل موجب هينيپن ڪائونٽي جي طبي معائني جي رپورٽ ۾به موت جو سبب ڳلو دٻائڻ ٻڌايو ويو آهي.

وڌيڪ پڙھو

آمريڪي جنگي جهازن جي شام تي بمباري، سترهن ڄڻا مارجي ويا

آمريڪي جنگي جهازن جي شام تي بمباري، سترهن ڄڻا مارجي ويا

دمشق: شام ۾ آمريڪا جي جنگي جهازن ايران جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي جنهن جي …