جاتي ڀرسان 2 ڏينهن اڳ مڙس سان مبينا خودڪشي ڪندڙ ناري جي وارثن ٽنڊي باگي ۾ ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو

 جاتي ڀرسان 2 ڏينهن اڳ مڙس سان خودڪشي ڪندڙ ناري جي وارثن ٽنڊي باگي ۾ ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو، ناري جي وارثن دعويٰ ڪئي ته زال ۽ مڙس کي قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي. رپورٽ موجب جاتي ڀرسان 2 ڏينهن اڳ ڳوٺ حسن ٻھريو ۾ عيد جي خريداري نه ڪرڻ سبب مبينا خودڪشي ڪندڙ جوڙي محمد ملاح ۽ سندس گهر واري شبانه ڌي عارب ملاح جي خودڪشي جي واقعي بعد ناري شبانا ملاح جي وارثن لاش کڻي ٽنڊوباگو ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو، ناري جي وارثن دعويٰ ڪئي ته سندن ڇوڪري خودڪشي نه ڪئي آھي پر ٻنهي زال مڙسن کي قتل ڪيو ويو آھي جنهن ڪري شبانا جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي ته سڀ خبر پئجي ويندي. ايس ايچ او ٽنڊوباگو احتجاج ڪندڙن کي ٻڌايو ته جنهن تعلقي ۾ واقعو ٿيو آھي قانوني طور تي پوسٽ مارٽم به ان حد جي اسپتال ۾ ٿيندو، جنهن بعد ملاح برادري جا ماڻھو لاش ٽنڊوباگو ڀرسان ڳوٺ واحد بخش ملاح کڻي ويا. ناري شبانه ملاح جي پيرسن امڙ ليلا ٻڌايو ته منهنجي ڌي ۽ ناٺي خودڪشي نه ڪئي آھي پر انهن کي قتل ڪري هاڻي بک کان تنگ ٿي خودڪشي جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته منهنجي ڌي جي جسم تي وڍ جا نشان ۽ پٺيءَ تي ڪوڪا لڳڻ جا نشان آھن. هن گهر ڪئي ته ايس پي سجاول واقعي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪري.

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …