ترڪي ۾ 288 ڏينهن بک هڙتال ڪندڙ ڪامريڊ هيلن بوليڪ جي موت سان بک ھڙتال پڄاڻي تي پهتي – امتياز سمون

ترڪي جي مشهور انقلابي بينڊ گروپ”يوروم” جي ميمبير “ڪامريڊ هيلن بوليڪ مرڻ گهڙي تائين بک سبب نيٺ 288 ڏينهن وفات ڪري وئي.
ڪامريڊ هيلن بوليڪ جيڪا سندس گروپ يوروم تي لڳل پابندي ۽ ان جي ميمبرن جي مسلسل گرفتارين خلاف احتجاجن بک هڙتال تي هئي
بينڊ گروپ يوروم ترڪي جو مشهور بينڊ گروپ آهي جيڪو قومي ۽ عالمي سطح تي انقلابي موسيقي جي طور سڃاتو ويندو آهي
هي گروپ موسيقي جي ذريعي سرمائيداري، سامراجيت ۽ آمريڪا ۽ ترڪي جي عوام دشمن پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو آهي. هي بينڊ گروپ 1985 ۾ پنهنجي ٺهڻ واري وقت کان هاڻي تائين 23 البم ۽ هڪ فلم رليز ڪري چڪو آهي جن تمام گهڻي شهرت ماڻي.
گروپ يوروم بينڊ آسٽريليا، جرمني، فرانس، شام، آمريڪا، ڊينمارڪ، بيلجيئم، اٽلي، نيوزلينڊ ۽ آسٽريا سميت درجن ملڪن ۾ پرفارم ڪري چڪو آهي. هي گروپ پنهنجي ٺھڻ واري وقت کان وٺي اتان جي رياست جي عتاب هيٺ رهيو آهي
بينڊ گروپ جي ميمبرن جي گرفتارين ۽ مختلف البم تي پابنديون مسلسل لڳنديون پيون اچن. جڏهن هن وقت تائين 400 کان مٿي هن گروپ مٿان ڪيس داخل ٿي چڪا آهن. جنهن جو سبب مارڪسي پارٽي ” دي ريووليويشن پيپلز لبريشن پارٽي” سان تعلقات هجڻ وارو الزام هنن مٿان آهي.
انهن سمورن ڏکائين تڪليفن جي باوجود يوروم گروپ پنهنجو نه صرف ڪم جاري رکيو اچي پر ترڪي جي تاريخ ۾ سڀ زياده ٻڌو ويندڙ بينڊ آهي. ايتري مقبوليت جي باوجود ٻن سال پهرين هي بينڊ گروپ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي جنهن کان پوءِ هن گروپ جي سينٽرن تي پوليس جا ڇاپا گرفتاريون سازن جي ٽوڙ ڦوڙ جو سلسلو هلندو پيو اچي
ڪامريڊ هيلن بوليڪ اهڙين ڪاروائين خلاف 288 ڏينهن بک هڙتال ڪئي پر انهي سڄي عرصي دوران رياست طرفان ڪارواين ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي. پر ڪامريڊ هيلن بولڪ به پنهنجي بک هڙتال جاري رکي. سندس چاهيندڙ ۽ نظرياتي تعلق رکندڙ بک هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون پر هن پنهنجي بک هڙتال ختم نه ڪئي جڏهن ترڪي حڪومت کيس عوامي جڳهين تي بک هڙتال ڪرڻ لاءِ ويهڻ نه ڏنو ته هن پنهنجي گهر ۾ بک هڙتال شروع ڪري ڏني نيٺ گذريل ڏينهن هوءَ بک هڙتال ۾ ئي فوت ٿي وئي

وڌيڪ پڙھو

اسان مٿان جنگ نه مڙهيو

اسان مٿان جنگ نه مڙهيو

ڀڳو ٺوڙي جي هنج ۾ لڪي تيرٿ جي پڌر تي پهتاسين ته ان وقت ڊسمبر …