تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ عثمان ڊار سميت ٻين کي آزاد ڪيوويو

تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ عثمان ڊار سميت ٻين کي آزاد ڪيوويو

سيالڪوٽ: (ڇنڇر 14 مئي 2022ع) سيالڪوٽ جي سي ٽي آءِ گرائونڊ ۾ بنا اجازت جي جلسي جون تياريون ڪرڻ تي گرفتار ٿيندڙ تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار ۽ ٻين کي آزاد ڪيو ويو آهي.
پوليس اڄ صبح سيالڪوٽ جي سي ٽي آءِ گرائونڊ ۾ ضلعي انتظاميه جي اجازت کان سواءِ جلسو ڪرڻ تي عثمان ڊار ۽ امجد ملهي سميت 10 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو هو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن عثمان ڊار ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتاري تي وفاق ۽ پنجاب حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي کين فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.
جنهن کان پوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سي ٽي آءِ گرائونڊ جي جڳهه وي آءِ پي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر گرفتار ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو.
هاڻ پوليس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عثمان ڊار سميت ٻين تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …

Leave a Reply

Your email address will not be published.