تاج جويو صدارتي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇڏيو.

سنڌ ججي ناليواري اديب شاعر ليکڪ تاج جويو فيسبوڪ تي لکيو آهي ته

مون کي معلوم ٿيو آهي تہ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۽ ٻين ادارن ۾ ويٺل ڪجھ سڄڻن جي سفارش تي منهنجو نالو ”پرائیڊ آف پرفارمنس“ لاءِ صدر پاڪستان منتخب ڪيو آهي. آئون انھن سڄڻن جي نيڪ نيتيء جو قدر ڪندي پڌرو ٿو ڪريان تہ جڏهن مَادرِ وطن سنڌ مرڪز جي ڪالوني هجي،جڏھن سنڌ جي سڀني پيداواري وسيلن تي وفاق قابض هجي ،جڏھن سنڌو درياھ جي پاڻيءَ تان سنڌ جو حق کسي غير قانوني طور ڊيم ٺاھيا وڃن ،جڏهن سنڌي ٻوليء کي قومي ٻوليء جو درجو نہ ڏنو وڃي ، جڏهن سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري رٿابنديء سان وڌائي پئي وڃي ، جڏهن سنڌ ۾ مذھبي انتھا پسنديء کي سرڪاري سرپرستي حاصل ھجي ۽ سنڌ جي سيڪيولر روايتن جي لتاڙ ٿيندي ھجي جڏھن اظھار جي آزاديء تي پابنديون مڙھيل ھجن جڏھن سنڌ جا سوين شيخ اياز جي خوابن جهڙا ڳڀرو نوجوان ـ عااقب چانڊيو ، محفوظ نوتڪاڻي ، انصاف دايو ، شاهد جوڻيجو ، گلشير ٽڳڙ ، بلاول چانڊيو,حفيظ پيرزادو,سھيل رضا ڀٽي,سارنگ جويو,صابر چانڊيو وغيره ۽ سياسي,سماجي/ قومي ڪارڪن ايوب ڪانڌڙو ، مرتضي جوڻيجو ، مرتضي سولنگي ، شفقت ملڪ ، پٺاڻ زهراڻي ، نسيم بلوچ,شادي خان سومرو,ڊاڪٽر فتح محمد کوسو ۽ ٻيا ايجنسين جي عقوبت خانن ۾ بي پناه تشدد برداشت ڪري رهيا هجن ۽ سندن جيجل مائرون ، ڀينرون ، ونيون ۽ نياڻيون روڊن تي سراپا احتجاج هجن ۽ جڏھن پُر امن قومي جدوجھد جي رستا روڪ ڪئي وڃي تہ اھڙي وقت ۾ هي سرڪاري اوارڊ وٺڻ مون لاء سودي بازي جي برابر آھي. آئون سائين جي ايم سيد جو هڪ ننڍڙو شاگرد ، عبدالواحد آريسر جو دوست ۽ سنڌي ٻوليء جو ننڍڙو اديب ۽ خادم آهيان. ان ڪري آئون ھي اوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪريان ٿو ۽ پنھنجو ھي موقف تاريخ جي رڪارڊ تي رکان ٿو.
تاج جويو

وڌيڪ پڙھو

عمران خان وٽ  ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

عمران خان وٽ ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي  چيو  آھي تہ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل …