بلوچ پراڪسي وار ۽ سنڌ

بلوچ پراڪسي وار ۽ سنڌ

مونکي اڃان ڪوئيٽا جي سرياب روڊ جي سوڙهين گهٽين مان لنگهندي ڪشادي اڱڻ جي گهر جي اها “سنڊي ڪچهري ” نٿي وسري جنھن ڪچهري ۾ بلوچستان جي کاٻي ڌر جا قومپرست، اديب، شاعر ۽ بلوچ دانشور هر آچر تي گڏ ٿي اسي سالن جي ماما عبدالله جمال ديني وٽ فرشي نشست تي بلوچستان جي سياسي صورتحال بابت خيالن جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيندا هئا. اسان انهن ڏينهن ۾” بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن” تائين ڪتاب تي ڪم ڪري رهيا هئاسين جيڪو ڪتاب 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.ان ئي ڪچهري ۾ ڪوئٽا مان شايع ٿيندڙ ادبي ميگزين” سنگت ” جو ايڊيٽر ۽ دانشور ڊاڪٽر شير محمد بلوچ به هو ته نوجوان صحافي عابد مير به، کاٻي ڌر سان لاڳاپيل سياسي ڪارڪن به هئا ته مزاحمتي تحريڪ جا حمايتي شاعر ۽ قومي ڪارڪن به هئا. اها آگسٽ ٻه هزار اٺ جي ڳالهه آهي اسان ماما جمال ديني سان گڏ ان جي گهر ۾ ويٺا هئاسين ۽ گرم چانهن جي سرڪن سان گڏ بلوچ دانشورن، اديبن، شاعرن، سياسي ڪارڪنن کان بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ بابت سوال به پڇي رھيا ھئا سين.اسان جي ڪچهري ۾ لاهور کان بلوچستان جي قومي تحريڪ تي پي ايڇ ڊي جي رسرچ لاءِ آيل نيرن اکين واري پنجابي ڳالهائيندڙ اها ڇوڪري به ويٺي هئي جنهن جا سلڪي وار هر هر ان جي چهري تي ڪري رهيا هئا ۽ هوءَ انهن وارن کي ڪنڌ جي جهٽڪي سان مٿي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري هئي، ان ڇوڪري جا ٻئي هٿ پوڙهي ڪامريڊ ماما جمال ديني جي هٿن ۾ هئا ۽ ماما هن کي ٻڌائي رهيو هو ته بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ ۾ گهڻو تڻو ٻارڻ فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جن کي سردار ٻڌائيندا آهن ته قومن جو هيرو ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته سر جون قربانيون ڏجن ۽ هو هيرو ٿيڻ جي سحر ۾ ورتل نوجوان اهو وساري ويهن ٿا ته بلوچن جو هيرو بستري تي ناهي مرندو. هن چيو اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا ساٿي آهيون اسان بلوچستان جي آزاديءَ چاهيون ٿا پر اهڙي آزادي جنهن آزاديءَ ۾ سردارجي سرداري ختم ٿيئي، اسان بلوچستان جي وسيلن جي مالڪي چاهيون ٿا پر ان جو اختيار سردار بدران عام ماڻهن وٽ هجي، هن وقت ته ڊيرا بگٽي جي گئس ڪمپنيءَ جي برف جو ٺيڪو به سردار جي پٽ وٽ آهي پر آزادي ڪنهن کي نٿي وڻي؟! پوپٽن جهڙي سهڻي ڇوڪري، هن آزاديءَ لفظ ۾ خبر ناهي ڪيڏو وڏو سحر آهي جو ماڻهو محبوبائن جي ڀاڪرن کي الوداع ڪري پهاڙن جي پرخطرن رستن ڏانهن نڪري وڃي ٿا پر اها آزادي عام ماڻهن جي زندگيءَ جي خوشحالي جي ضمانت ته هجڻ گهرجي!!. بلوچستان سون، تانبي قدرتي گئس۽ ڪوئلي جي ذخيرن سان مالا مال آهي هتي هاڻي عالمي قوتن جو اسان جي وسيلن جي ڦرلٽ تي جهيڙو آهي، امريڪا نٿو چاهي ته هتي پورهيتن، هارين ۽ پيڙيل طبقن جون تحريڪون طاقتور ٿين ان ڪري هتي هر اٿندڙ تحريڪ جي اڳواڻي اوهان کي سردار جي هٿ هيٺ ملندي، پرنس آغا ڪريم، نواب نوروز خان، سردار عطاءَﷲ مينگل، نواب خير بخش مري، نواب اڪبر بگٽي سڀ سردار اوهان کي مزاحمتي تحريڪن جي اڳواڻي ڪندي ملندا. ماما جمال ديني چيو هتي ته هي جن کي” غدار” قرار ڏين ٿا انهن کي قتل ڪرڻ وقت به هي” غدار سردار” کي قتل ڪرڻ کان پاسو ڪندي” سردار مخالف غدار” جي قتل جي چونڊ ڪن ٿا هنن تازو رزاق بگٽي جهڙي زرخيز ذهن واري ماڻهوءَ کي قتل ڪيو آهي جنهن بلوچستان جي لاءِ اڻڳڻيون قربانيون ڏنيون ڀٽي واري دور جي مشهور” حيدرآباد ڪيس”۾ جيل ۾ رهيو. هي سردارن جي سياست جي خلاف هو ته هن کي” ق ليگ” جو چئي قتل ڪيو ويو پر خير بخش مري جو پٽ چنگيز خان مري “ق ليگ” جو آهي ۽ مشرف جي بلوچستان جي حڪومت جو حصو آهي پر ان جي وار جو به ڪو نالو نٿو وٺي.خان آف قلات سليمان دائود هتان سموري عوام کان چندو ڪري هيرن ۽ جواهرن جون پيتيون ڀري لنڊن کڻي هليو ويو ۽ هتي ماڻهن سان هي واعدو ڪيائين ته مان توهان جو ڪيس (عالمي عدالت ) ۾ وڙهندس. هو عوام جو پئسو لنڊن جي عياشي گهرن ۾ لٽائيندو رهيو. ولايتي شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي بلوچن کي لنڊن جي گهٽين ۾ گاريون ڏيندو رهيو.هن بلوچن تي ٿيسز لکندڙ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو هي دنيا منهنجو ملڪ آهي ۽ سائنس منهنجي سوچ آهي ۽ هي سردار منهنجي سوچ جي خلاف آهن. هي فقط پنهنجي ترجيحات لاءِ وڙهن ٿا. هي پنهنجي علائقي ۾ ٻئي قبيلي واري کي به نه ڇڏيندا آهن اڄ به جتي بگٽي ورهن ٿا اتي مري نٿو وڙهڻ وڃي اسان جو مقصد چٽو آهي ته اسين پنهنجي سماج مان هنن سردارن کي ڌڪي ڪڍندا سين، هي سردار ڌاڙيل آهن. هن چيو ته ويچاري غريب بلوچ جي نفسيات ٺاهي ويئي آهي ته هو سردار جي لاءِ پيدا ٿيو آهي ۽ هن کي مرڻو به سردار جي لاءِ آھي!. لاهور جي ان سنگ مر مر بدن واري ڇوڪري سڀني ڏانهن مُرڪ ڇَٽي پڇيو ته اوهان آخر پاڪستان جي خلاف ڇو آهيو؟! .هڪ اڌڙوٽ عمر جي همراه جواب ڏنو ته بيبي هڪ سرمچاري کان ساڳيو سوال هڪ فوجي آفيسر گرفتاري کان پوءِ ڪيو ته اوهان بلوچ پاڪستان جي خلاف ڇو آهيو؟. خبر اٿئي سرمچاري ڇا چيو، ڇوڪريءَ رئي کي ڇاتي تي رکي حيرت مان پڇيو ڇا چيو؟!. سرمچاري چيو مونکي” اها ته مونکي خبر ناهي ته آئون پاڪستان جي خلاف ڇو آهيان پر ايتري ضرور مونکي خبر آهي ته پاڪستان ڪو سٺو ماڻهو ناهي! “ڇوڪريءَ سان گڏ سڄي ڪچهري پاڻ کي ٽهڪن ڏيڻ کان روڪي نه سگهي هئي.ڪراچيءَ ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي” بلوچستان لبريشن آرمي” جي چئن حملا آوارن جي فائرنگ ۽ قتل کانپوءِ هاڻي ٻيهر بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ بابت ملڪي ۽ عالمي ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي اهو بي ايل اي جو ڪو پهريون حملو ناهي ان کان اڳ نومبر 2018 ۾ ڪراچيءَ ۾ چيني قونصليٽ تي حملو، مئي 2019 ۾ گوادر ۾ پرل ڪانٽينل هوٽل تي حملو، پنجگور ويجهو سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڪانوائي تي حملو، اورماڙ جي علائقي ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي بحريه جي اهلڪارن تي حملي جي ذميواري به بي ايل اي قبول ڪري چڪي آهي.بلوچستان لبريشن آرمي جي جنم جا پيرا کڻجن ٿا ته خبر پئي ٿي ته 1836 ۾ جڏهن انگريزن بلوچستان تي قبضي ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو ته مير محراب خان بگٽي جي اڳواڻي ۾ بلوچن ويڙهه شروع ڪئي ان گڏيل ويڙهه جي پليٽ فارم کي هنن “بي ايل اي” جو نالو ڏنو هو. 1839 ۾ مير محراب بگٽي شهيد ٿي ويو ته بي ايل اي بجار مري جي مزاحمت سان ٻيهر نروار ٿي سامهون آئي، ائين پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ چون ٿا ته گورنر اسڪندر مرزا، خان آف قلات احمد يار خان کي ترغيب ڏني ته قلات جي خودمختياري جي لاءِ ضروري آهي ته اوهان مزاحمت شروع ڪريو جيئن اوهان کي آزادي ڏيڻ جو اسان وٽ سبب پيدا ٿئي. احمد يار خان، شهيد محراب خان جي قبر تي قلات رياست جو پرچم جهولايو ۽ سڀني سردارن گڏجي عظم ڪيو جنهن کي بلوچ روايت ۾ “اقرار ” چئجي ٿو جنھن جو مقصد آهي “جيسين هو آزادي نه وٺندا تيستائين پنهنجي زالن سان تعلقات نه رکندا ۽ ائين ڪندا ته نڪاح ٽٽندو ۽ بدڪار ٿيندا.” موقعي ۾ ويٺل پاڪستان جي رياست جا اصل ڌڻي ان” اقرار “کي بغاوت قرار ڏيندي بلوچستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو نتيجي ۾ خان آف قلات جو ڀاءُ پرنس آغا ڪريم بغاوت ڪندي ساٿين سميت ان آسري تي جبلن تي چڙهي ويو ته ان جي مدد افغانستان ۽ سوويت يونين ڪندا پر آغا ڪريم جي ڪنهن به مدد نه ڪئي ان ڪري هو عام معافي واري معاهدي تحت جڏهن سرلٺ جي پهاڙن تان واپس وريو ته هن کي ۽ هن جي ساٿين کي سخت پورهيي سان ڏهه سال سزا ٻڌائي وئي .1958 ع ۾ بلوچستان ۾ پهرين مارشل لا لڳائي ويئي ته بلوچ سردارن بغاوت ڪئي اهو آپريشن 1969ع تائين جاري رهيو ان بغاوت دوران به بي ايل اي جو نالو ٻيهر ٻڌڻ ۾ آيو1972ع ۾ عطاءَ ﷲ مينگل اقتدار ۾ آيو ته پاڪستان جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع ۾ مينگل حڪومت ختم ڪئي انهن ئي سالن ۾ نواب خير بخش مري ڇهه هزار ساٿين سان افغانستان جي علائقي” قلات غزني” ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ بلوچستان ۾ مزاحمتي ڪارواين جي بي ايل اي قبولدار ي ڪندي رهي.بي ايل اي جو نئون جنم مشرف جي دور ۾ سال 2000 ۾ ٿيو جڏهن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نواز مري جي قتل جي الزام ۾ جهوني قومپرست رهنما خير بخش مري کي گرفتار ڪيو ويو ان کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز تي حملا شروع ٿي ويا جنهن جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪري ورتي. بي ايل اي اسان کي بلوچستان ۾ ان وقت اڃان وڌيڪ متحرڪ ملي ٿي جڏهن 2جنوري 2005 جي اخبارن ۾ خبر ڇپي ته ڊيره بگٽي ۾ قائم گئس ڪمپني پي پي ايل جي فيلڊ اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر طور مقرر ٿيل ليڊي ڊاڪٽر شازیہ خالد سان ڪجهه” نامعلوم ” ماڻهن پهرين جنوري جي اونداهي رات ۾ جنسي زيادتي ڪئي آهي. جنھن تي نواب اڪبر بگٽي جو شديد ردعمل سامهون آيو هن چيو ته سرزمين بلوچستان تي هڪ عورت جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي جيڪو عمل اسان لاءِ ناقابل برداشت آهي هن مطالبو ڪيو ته ملوث ماڻهن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي.بظاهر هي واقعو ڪو ايڏو وڏو ۽ نئون نه هو ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ جنسي زيادتيون ٿيڻ روز جو معمول آهن ۽ اهڙا واقعا روز اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندا به رهن ٿا پر چند ڏينهن ۾ هي واقعو “قومي مهم” جي صورت اختيار ڪري ويو. شايد ان جو سبب اهو هو ته هي واقعو اهڙي جڳهه تي پيش آيو جتي پاڪستاني فورسز جا ڪمانڊوز پهرو ڏيندڙ هئا ۽ ڪوبه ٻاهريون ماڻهو ڪالوني جي اندر داخل ٿي نٿي سگهيو هي طعه آهي ته هي حرڪت اهڙي شخص جي هئي جيڪو خود ڪمانڊوز جي پهري واري جڳهه جي اندر موجوده هو ۽ ڪنھن وڏي عهدي تي فائز هو.ڊاڪٽر شازیہ خالد جو واقعو اڳتي هلي تار تاني غار ۾ پناه ورتل رياست جي باغي نواب اڪبر بگٽي جي شهادت جو سبب بڻيو ۽ بي ايل اي ٻيهر بلوچستان ۾ متحرڪ ٿي سامھون آئي.بي ايل اي جو ان وقت بالاچ مري ڪمانڊر هو جيڪو تارتاني غار واري جھڙپ ۾ برهمداغ بگٽي سان گڏ اڪبر بگٽي جي حفاظت لاءِ وڙهي رهيو هو پر پوءِ نواب اڪبر بگٽي جي ئي حڪم تي تارتاني غار جي بلاسٽ ٿيڻ کان ڪجهه گهڙيون ئي پهرين برهمداغ سان گڏجي محفوظ هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو هو. بلوچستان جي تاريخ ۾ ڪنهن عورت جي عصمت جي معاملي تي هي پهريون جهيڙو نه هو ان کان اڳ بلوچ تاريخ ۾ پندرهين صديءَ ۾ جيڪا 36 سال خانہ جنگي ٿي ان جو سبب به شازیہ خالد جيان هڪ جت عورت گوهر هئي،گوهر جي ڪري بلوچ دربدر ٿيا انهن کي بلوچستان ڇڏڻو پيو ۽ مير چاڪر سبي کان گهڻو پري اوڪاڙه ۾ وڃي فوت ٿيو هو.بلوچ روايتن مطابق مهمان عورت سان بلوچستان جي سرزمين تي زيادتي ناقابلِ معافي ڏوھ آهي. تاراتاني غار واري جھڙپ مان بچي نڪتل بالاچ مري جو اڳتي هلي سرلٺ واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مبينا مقابلو ٿيو ۽ شهيد ٿي ويو هو. خير بخش مري پنهنجي پٽ جي اهو چئي تعزيت نه ورتي شهيد مرندا ناهن.هن بالاچ جي شهادت تي چيو اسان جيڪو رستو ورتو آهي اهو يقينن موت ڏانهن وٺي وڃي ٿو پر بالاچ کي ائين تڪڙو نه مرڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ هي ذهين ۽ بهادر هو هن کي بلوچستان جي آزاديءَ لاءِ وڏو ڪم ڪرڻو هو.بالاچ مري جي شهادت کان پوءِ بي ايل اي اسلم بلوچ جي ڪمانڊ هيٺ اچي ويئي جنهن بي ايل اي ۾ “مجيد برگيڊ” جا بنياد وڌا، جنهن برگيڊ جو بنيادي ڪم آهي پاڪستان رياست جي اهم ۽ حساس ادارن ۽ جڳھن تي خودڪش حملا ڪرڻ.”مجيد برگيڊ” تي ان شدت پسند “مجيد بلوچ “جو نالو رکيو ويو آهي جنهن پاڪستان جي وزير اعظم ذوالفقار ڀٽو تي دستي بم سان حملو ڪيو هو.اسلم بلوچ خودڪش حملي لاءِ پهرين قرباني پنهجي پٽ جي ڏني. آگسٽ 2018ع ۾ چاغي جي هيڊ ڪوارٽر تي دال بدين جي ويجهو سيپڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرن تي خود ڪش حملو ٿيو جنهن جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪئي ان خودڪش حملي ۾ اسلم بلوچ جو پٽ شامل هو.اڳتي هلي اسلم بلوچ قنڌار جي ويجهو “عينوميند “۾ پاڻ به خودڪش حملي ۾ مارجي ويو هو ان کان پوءِ بي ايل اي جي قيادت هن وقت شبير زيب سنڀالي رهيو آهي. ڪراچيءَ جي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ تي حملي جي بي ايل اي (بلوچستان لبريشن آرمي ) قبولدار ي ڪئي آهي ساڳي تنظيم ڪراچي ۾ چيني ڪائونسل خاني تي به حملي ۾ ملوث رهي هئي اها ڳالهه هن تنظيم جا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي موجود اڳواڻ به قبول ڪن ٿا ته بي ايل اي جي مجيد برگيڊ جي “فدائي حملي” آورن ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ تي حملو ڪيو آهي.سوال اهو ته پيدا ٿيئي ته بلوچ مزاحمت ڪارن 2018 کان ڪراچي جي ڇو چونڊ ڪئي آهي. چيني قونصليٽ کان پوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي چونڊ پويان دفاعي ۽ معاشي ماهرن پاران خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته، ڪراچي پاڪستان جو معاشي حَب آهي ان جي سڃاڻپ ملڪي ۽ عالمي سطح تي وڏن شهرن ۾ ٿيئي ٿي ڪراچيءَ ۾ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا موجوده آهي، جيڪا چند سيڪنڊڻ ۾ ڪنهن به خبر کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ جو آسانيءَ سان ڪم ڪري سگهي ٿي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي بلڊنگ معاشي سرگرمين جو وڏو مرڪز آهي. ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي مرڪزي بينڪ، قومي ۽ نجي ڪمپنين جا صدر دفتر، سينٽرل پوليس آفيس، بندرگاهه، ريلوي اسٽيشن، وڏيون فائيو اسٽار هوٽلون ۽ انتهائي حساس جڳهيون موجوده آهن. هتي بي ايل اي کي ايم ڪيو ايم لنڊن جي شڪل ۾ آساني سان سهولت ڪار به ملي سگهن ٿا ته ايم ڪيو ايم لنڊن جا مهاسنڌوديش جي نئين لولي پوپ جي آسري وارا اتحادي قومپرست به هنن جا مددگار ٿي سگهن ٿا.امريڪا پاران آگسٽ 2018ع ۾ دهشگرد قرار ڏنل ۽ پاڪستان ۾ قالعدم قرار ڏنل “بي ايل اي ” جيڪڏهن پنهنجي آقائن جي اشاري تي پراڪسي وار جي ويڙه جو مرڪز ڪراچيءَ کي بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جو مستقبل بيروت جهڙو ٿيڻو آهي جتي هر گهٽي ۾ لاشا ڪرڻا آهن ۽ بمن ڦاٽڻ سان انساني جسم پرزا پرزا ٿي بازارن ۾ وکري گم ٿيڻا آهن، ڪيترائي ٻار يتيم ۽ عورتون بيوه ٿينديون ، ڪراچي جنهن جي رات ۾ موکئيءَ جي مَٽَنَ جو سرور ۽ جنهن جي صبح ۾ ننڊاکڙين نوخيز اکين جو خمار آهي، ڪراچي جنهن جي نيري سمنڊ مٿان اڇا ڪبوتر امن جون اڏارون ڪن ٿا ۽ روشنيءَ جي جھر مر ۾ جڏهن جوان جسم راحت فتح علي خان جي ڳايل نغمي تي رقص ڪن ٿا ته ڪراچي شهر مستي مان جهومي اٿي ٿو. اهو ڪراچي لڳي ٿو سڀاڻي رت ۾ لت پت ٿيڻ وڃي پيو. ان ڪري بي ايل اي جي رستا روڪ سان گڏ ان جي اتحادين ۽ سهولت ڪارن جي ڳولا ڪرڻ به هن رياست جي ذميواري ۾ شامل آهي، بلوچن کي پنهنجي مزاحمت لاءِ چونڊ سنڌ جي زمين بدران چاغي جي پهاڙن ۽ سرلٺ جي جبلن جي ڪرڻ گهرجي، ڪراچيءَ جي بدران ڪوئٽا جي ڪرڻ گهرجي جنهن جي مالڪي تان اڃان پختون هٿ ناهي کنيو.سنڌ ڪنھن به صورت ۾ نه بي ايل اي جي ” فدائي حملن” جي مددگار ٿيندي نه ئي انهن جي حمايتي.سنڌي پنھنجي سياسي جدوجهد سان ئي سنڌ جي ايندڙ مستقل جو فيصلو ڪندا. سنڌي نه بلوچن جيان 40 لک آهن جيڪي اٽي ۾ لوڻ جيان گم ٿيندا، سنڌي ڇهه ڪروڙ زنده انسان آهن جنهن جي نڙي مان نڪتل گڏيل رڙ عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جو ڪم ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي ماڻھن جا اجتماعي مفادن لاءِ گڏ کنيل قدم تاريخ جو ڪايه پلٽ ڪري سگهن ٿا ان ڪري سنڌ جو شعور هن وقت پرامن سنڌ جي خواب سان گڏ بيٺل آهي.ان پرامن سنڌ ۾ ئي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي بقا آهي. ڪراچي ۾ پراڪسي وار سان سنڌ جي ڀاڱا ڀاڱا ٿيڻ جا نه صرف چٽا امڪان آهن پر ڪراچيءَ جي مستقل مالڪيءَ جا به نوان سوال پيدا ٿيڻا آهن. باقي اهو سوال ته بلوچ هن سيڪيورٽي رياست سان ڪيئن وڙهي رهيا آهن ان جو خود بلوچستان جي تاريخ ۾ جواب ڳوليندا سين ته جڏهن به بلوچستان جي ويڙهاڪ تنظيمن ” بي ايل اي”،” بي ايل ايم ” يا بي ايل يو ايف کي پراڪسي وار جي دهشت گردي جي ڪارواين جي سلسلي ۾ گهڻ طرفي مدد ملڻ بند ٿيندي ته هي خان آف قلات احمد يار خان جي ڀاءُ پرنس آغا ڪريم خان جيان سوويت يونين ۽ افغانستان جي آسري تي جوٽيل جنگ ۾ مدد نه ملڻ سبب جبلن تان واپسيءَ جي ٻيهر تاريخ دهرائيندي دير نه ڪندا. بلوچ چار ڀيرا اڳ به پهاڙن تان واپسي ڪري چڪا آهن. بلوچي ٻوليءَ جي چوڻي آهي ته “بلوچ جي ڪل ڪائنات هڪ رڍ ۽ هڪ اٺ آهي”، جيڪڏهن سڀاڻي پراڪسي وار جي فنڊنگ بند ٿي ته هي بلوچ هڪ رڍ جي آسري تي ڀلا گهڻو وقت هن سيڪيورٽي رياست سان اڪيلي سر جنگ وڙهي سگهندا.سنڌ جي اجتماعي شعور جنھن نموني سان ڪراچي جي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي بي ايل اي جي حملي کي دهشتگردي قرار ڏيندي ننديو آهي ويجهي تاريخ ۾ بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ بابت شايد هي پهريون مثال هوندو. يقينن سنڌ کي هنن حالتن ۾ ملڪ ۾ نون اتحادين جي ضرورت آهي اهڙا اتحادي جيڪي پراڪسي وار مخالف هجن، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بچائڻ ۾ سنڌين جا ڀرجهلا بڻجن ۽ پرامن سنڌ هنن جي مکيه ايجنڊا هجي.

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …