بلوچستان ۾ قتل ٿيل سجاول واسي نوجوان غلام محمد جاواڻي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن سجاول نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

بلوچستان ۾ قتل ٿيل سجاول واسي نوجوان غلام محمد جاواڻي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن سجاول نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

گذريل رات بلوچستان ۾ قتل ٿيل سجاول جي ڳوٺ حاجي جانو ماڇي جي رهواسي نوجوان غلام محمد پُٽ غلام رسول جاواڻي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن نيشنل هاءِ وي تي برانچ موري وٽ لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن نوجوان بلوچستان ۾ مزدوري لاءِ ويل هو، جنهن کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جو قتل ڪيس بلوچستان جي پوليس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي

هنن چيو ته نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل ڪري فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا.

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *