بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف نازيبا زبان استعمال ڪرڻ تي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۾ ڪيس داخل

بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف نازيبا زبان استعمال ڪرڻ تي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۾ ڪيس داخل

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف نازيبا زبان استعمال ڪرڻ تي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب شيخ رشيد جي خلاف ڪراچي جي موچڪو ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شيخ رشيد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ ايف آءِ آر کي سيل ڪيو ويو آهي.
شيخ رشيد خلاف ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته شيخ رشيد پولي ڪلينڪ اسپتال جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف نازيبا زبان استعمال جنهن سبب عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي.
شيخ رشيد جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پوليس جي ٽيم اسلام آباد پهچي وئي آهي. موچڪو ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ ڊي پي او شيخ رشيد کي وٺڻ جي لاءِ اسلام آباد پهتا آهن. پوليس ذريعن موجب اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي اڄ ئي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو.
ياد رهي ته اسلام آباد پوليس شيخ رشيد کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي الزام لڳائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو جڏهن ته گذريل ڏينهن عدالت شيخ رشيد کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو.

ھي بہ پڙھو

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي …