بلاول نيب چيئرمين جي وڊيو جي جانچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ڪارڪنن تي تشدد خلاف قانوني دڳ اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪندي نيب چيئرمين جي وڊيو جي حوالي سان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب ۾ پيشيءَ جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ڪا ايمرجنسي يا قلم 144 لاڳو ٿيل نه هو، اسان احتجاج جو به سڏ نه ڏنو هو، عمران خان سياسي مخالفن خلاف رياست کي استعمال ڪري رهيو آهي. نيب جي قانون ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته توهان سان گڏ توهان جا ساٿي پُرامن نموني به نٿا اچي سگهن. هُن چيو ته نيب آڏو پيشيءَ جي موقعي تي حڪومت ۽ عمران خان طرفان پ پ ڪارڪنن تي حملا ڪرايا ويا، واٽر ڪينن ۽ ڳوڙا آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو. اعجاز شاهه جو آمراڻو رويو نظر اچي رهيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان سازش تي لهي آيو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته ملڪ جي سمورن ادارن تي قبضو ڪري ۽ ون پارٽي رول لاڳو ڪيو وڃي، عوام کي محسوس ٿي ويو آهي ته عمران خان ۾ تبديلي جي اهليت نه آهي، هُن تبديلي جي نالي تي عوام کي دوکو ڏنو آهي. حڪومت پنهنجي نالائقي لڪائڻ لاءِ سازشون شروع ڪري ڇڏيون ۽ فورس جو استعمال ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ پيرسن، ٻارن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ويو، اسان وٽ تشدد واريون وڊيوز آهن ۽ اسان سمورا قانوني دڳ اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. جيئن هر آمر جو قانون ڪارو هوندو آهي، تيئن نيب جو قانون به ڪارو قانون آهي، هي ادارو سياسي انتقام ۽ انجنيئرنگ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، اعتراضن باوجود اسان ادارن کي ترجيح ڏني ۽ چاهيون ٿا ته ملڪ قانون پٽاندڙ هلي، نيب جي آفيس ۾ 20 منتن تائين پُڇاڳاڇا ڪئي، هڪ سوالنامو به ڏنو ويو آهي ته جيئن وڪيلن سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد اُن جواب ڏئي سگهان.
هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي کي ملڪ ۾ ٿيندڙ هر سازش نظر اچي رهي آهي، نيب چيئرمين کي تڪراري انٽرويو نه ڏيڻ گهرجي ها پر ڏئي ڇڏيو ۽ انٽرويو جي ٻن ڏينهن کانپوءِ وزيراعظم هائوس جي معاون جي چئنل تان نيب چيئرمين جي حوالي سان وڊيو هلائي وئي. اسان اڳ ئي چيو هو ته حڪومت نيب کان شروع ٿئي ٿي ۽ نيب تي ئي ختم ٿئي ٿي، پي ٽي آءِ جي حڪومت نيب جي ڪري ئي بيٺل آهي. اسان مطالبو ڪيون ته نيب چيئرمين جي وڊيو جي حوالي سان وزيراعظم جي خصوصي معاون کان به جاچ ڪئي وڃي، وزيراعظم پنهنجي معاون کي هٽايو ته ايترو ته مڃيو ته هو ملوث هو.

وڌيڪ پڙھو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

تحريڪ انصاف طرفان اڄ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو پيو وڃي، لاهور جي لبرٽي …