

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان جي ڀاءُ ۽ بشير خان قريشي جو فرزند قوسين قريشي کي رات دير سان گلشن حديد گهر تان گرفتار ڪري گم ڪيو ويو. صنعان قريشي موجب رات دير سان پوليس جي اٽالن ۽ سول ڪپڙا پاتل ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي قوسين قريشي کي زبردستي وٺي ويا. جڏهن ته مقامي پوليس ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. جسقم پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.