برطانوي وزير اعظم ٿريسامي بريگرٽ جو استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان

برطانوي وزير اعظم ٿريسامي بريگرٽ جو استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان

برطانوي وزيراعظم ٿريسامي بريگزٽ معاهدي جي حوالي سان ناڪامي جو اعتراف ڪندي 7 جون تي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لنڊن جي ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ ٻاهران خطاب ڪندي برطانوي وزيراعظم چيو ته هو پشيمان آهي ته بريگزٽ معاهدو نه ڪرائي سگهي، وزيراعظم جو عهدو سنڀاليندي ئي اها ڪوشش ڪئي ته برطانيا ڪجهه ماڻهن کي نه پر سڀني کي فائدو ڏئي. ٿريسامي جو چوڻ هو ته هُن پارليامينٽ ميمبرز کي قائل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته اُهي هن معاهدي جي حمايت ڪن، پر افسوس ته آئون اُن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيس. اڄ آئون اعلان ڪريان ٿي ته 7 جون تي ڪنزرويٽو پارٽي جي قائد جي حيثيت سان استيعفيٰ ڏئي رهي آهيان. برطانوي وزيراعظم چيو ته هُن پارٽي چيئرمين سان اتفاق ڪيو آهي ته ايندڙ هفتي نئين وزيراعظم جي چونڊ جو عمل شروع ٿي ويندو، هو اُميد ڪري ٿي ته ايندڙ وزيراعظم بريگزٽ معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، اتفاق راءِ اُن وقت ٿيندو، جڏهن ڌُريون سمجهوتو ڪنديون. خطاب جي آخر ۾ برطانوي وزيراعظم ٿريسامي روئڻهارڪي ٿي وئي ۽ چيو ته اسان جي سياست ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه سٺو آهي، جنهن تي فخر ڪريون ٿا.

وڌيڪ پڙھو

ڪابل ايئر پورٽ تي صورتحال خراب، آمريڪي فوج جي فائرنگ، 5ڄڻا مارجي ويا.

ڪابل ايئر پورٽ تي صورتحال خراب، آمريڪي فوج جي فائرنگ، 5ڄڻا مارجي ويا.

ڪابل: افغانستان تي طالبان جَي قبضي بعد ڪابل ايئرپورٽ تي هزارين ماڻهو پهچي ويا، امريڪي …