برسات متاثرين جي واهر ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام وئي آهي ڊاڪٽرقادر مگسي

برسات متاثرين جي واهر ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام وئي آهي ڊاڪٽرقادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته برسات متاثرين جي واهر ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام وئي آهي. متاثرين انتهائي خراب حالتن مان گذرن پيا مٿان وري سنڌ ۾ هٿڙادو اٽو مهانگو ڪيو ويو آهي جو هاڻي ماڻهو رُکي ماني کائڻ جي سگهه کان به محروم آهن. هن چيو سڄي دنيا مان متاثرين جي مدد لاءِ آيل امداد به خبر ناهي ڪٿي گم ڪئي وئي آهي. حڪمرانن پاران نالي ماتر جوڙيل ڪئمپن ۾ ڪنهن به قسم جون سهولتون ميسر ناهين سڄي سنڌ مليريا، گيسٽرو ۽ مختلف بيمارين ۾ وٺجي وئي آهي پر انهن جو ڪو به علاج نه پيو ٿئي. جيڪو ٿورو گهڻو ريليف جو ڪم ٿئي پيو اهو ڪجهه فلاحي ادارا، قومي ۽ سماجي ڪارڪنن ۽ مخير حضرات جي مدد سان ٿيو آهي باقي سنڌ حڪومت جا وزير مشير صرف پروٽوڪول سان گهمڻ ۾ پورا آهن ضلعن ۾ مقرر ڪامورن عوام جي هن ڏکي وقت ۾ مدد ڪرڻ جي بدران صرف اڌ پاءُ جي برياني ڏئي اربين روپين جا ڪوڙا بل ٺاهي ڪرپشن ڪري رهيا آهن جن جا حصا پتي سنڌ حڪومت جي وزيرن مشيرن کي به ملي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هن وقت انتهائي مشڪل وقت مان گذري رهي آهي انهن مشڪلاتن کي اڃان حڪمرانن وڌيڪ بدتر بڻايو آهي هن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته فوري طور ڪئمپن ۾ رهيل متاثرين کي زندگي جون بنيادي سهولتون ۽ گهرجون پوريون ڪيون وڃن. متاثر علائقن مان فوري پاڻي کي نيڪال ڪرائي متاثرين کي واپس سندن ماڳن تي بحالي لاءِ تڪڙا قدم کڻندي کين گهر وغيره ٺهرائي ڏنا وڃن.

وڌيڪ پڙھو

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي تهملڪ جي حڪمرانن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *